وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2023/مهينو جنوري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

باڪو آذربائيجان جو آبادي ۽ پکيڙ ۾ سڀ کان وڏو شهر ۽ ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ آهي. هاڻوڪي ميئر جو نالو حاجي بالا ابوطالبوف آهي. آباديءَ ۽ پکيڙ ۾ ھي شھر ڪوھ قاف ريجن ۽ ڪيسپئن سمنڊ جو پڻ سڀ کان وڏو شهر آهي. 2020 تائين باڪو آذربائيجان جو واحد ميٽروپوليٽن شھر يا ميٽروپولس آھي. باڪو تيل جي دولت سان مالا مال علائقي ۾ واقع هجڻ سبب تيل جي صنعتن جو مرڪز آهي. باڪو شھر جي آڳاٽي حصي جي چئوگرد فصيل آهي. شھر جي ان پراڻي حصي کي ڊسمبر سال 2000 ۾ گڏيل قومون جي ذيلي اداري يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثو قرار ڏنو. شطرنج جي عالمي شهرت يافتہ رانديگر گيري ڪيسپاروف جو تعلق انهيءَ شهر سان آهي.