وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2022/مهينو مارچ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جهروم شهر، ايران
گهدامگاهه جهروم


جُھرَم (انگريزي: Jahrom) ايران جي صوبي فارس جو آباديءَ جي لحاظ کان ٽيون وڏو شھر آھي. 2016ع جي انگن اکرن موجب ھن شھر جي آبادي 141،634 آھي. جھرم ھڪ تاريخي شھر آھي. ھي شھر ھخامنشي سلطنت جي پنجين بادشاھ اخشايارشا اول (Artaxerxes I) قائم ڪيو ھو. ھي بادشاھ 465 ق.م کان 424 ق.م تائين تخت نشين رھيو. فردوسيءَ پنھنجي ڪتاب ۾ ڪئين ڀيرا ھن شھر جو ذڪر ڪيو آھي. ھن شھر ۾ ڪيترائي پراڻا يادگار ۽ ڏسڻ جھڙيون جايون موجود آھن جن ۾ سنگ تراشان غار، جامع مسجد، جھرم مسجد ۽ زرتشت مذھب جي پوئلڳن جو مندر شامل آھن.

جھرم جو شھر فارس جي گاديءَ جي ھنڌ شيراز کان اٽڪل 170 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ آباد آھي. شھر جي موسم گرم ۽ نيم ريگستاني آھي ۽ سال ۾ سراسري طور تي 285 ملي ميٽر مينھن وسي ٿو. شھر جو سراسري گرميءَ جو درجو 200C (680F) آھي. ھن شھر جي سامونڊي مٿاڇري کان سراسري اوچائي 1050 ميٽر آھي. شھر جا اڪثر رھواسي شيعا آھن ۽ پارسي قوم سان واسطو رکن ٿا. ھتي ڪيترائي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جا ادارا، ميڊيڪل سينٽر، ٻہ اسپيشل زون، ھڪ خشڪ بندر (Dry Port)، ھڪ پيٽروڪيميڪل پلانٽ، ھوائي اڏو ۽ ٻيا اھم ادارا قائم آھن. ھتان جي اھم زرعي پيداوار ۾ کجور ۽ کٽا ميوا شامل آھن. دنيا جي 1.2 سيڪڙو کجور جي پيداوار ۽ 6 سيڪڙو کٽن ميون جي پيداوار ھن شھر مان ملي ٿي.