وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2022/مهينو اپريل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
لڪشمي نواس محل، بيڪانير، راجستان
شاردول سنگهه جو مجسمو، بيڪانير

بڪانير (انگريزي: Bikaner) ھندستان جي راجستان رياست جو شھر آھي. ھي شھر جئپور کان اتر اوڀر ۾ 330 ڪلوميٽر (205 ميل) پري آباد آھي. ھي بڪانير ضلعي ۽ ڊويزن جو مرڪزي شھر آھي. ھي ھندستان جي انھن شھرن مان ھڪ آھي جن جو ذڪر شاعرن جي سرتاج حضرت شاھ عبدللطيف ڀٽائيءَ پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آھي. ڀارت جي هڪ اڳوڻي رياست، جيڪا 1950ع ۾ جئپور سان ملائي، جدا صوبو ٺاهيو ويو آهي.

ھن شھر جو بنياد 1488ع ۾ رائو بڪارجي (Rao Bikarji) وڌو. 1928ع ۾ گنگا واھ ۽ 1987ع ۾ اندرا گانڌي واھ کوٽجڻ کان پوءِ ھن شھر جي زرعي پيداوار ۾ خاطر خواھ واڌارو آيو ۽ اڄڪلھ ھي شھر راجستان رياست جو چوٿون وڏو شھر آھي. ھي شھر پنھنجي تاريخي عمارتن ۽ تاريخي يادگارن سبب راجستان ۾ ھڪ خاص حيثيت رکي ٿو.