وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2020/مهينو آڪٽوبر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
لعل شهباز قلندر جي درڳاهه

عثمان مروندي المعروف لال شھباز قلندر دينِ حق جي پيغام رسائيندڙن ۾ حضرت قلندر لعل شهباز عرف سيد محمد عثمان ولد سيد محمد ابراهيم ڪبيرالدين مرونديءَ جو نالو سر فهرست آهي. سندس جنم افغانستان ۾ آزر بائيجان جي ڳوٺ ”مروند“ (Marwand) ۾ 583هه مطابق 1178ع ۾ ٿيو.قلندر شهباز آذربائيجان (آرمينيا) پرڳڻي جي هڪ ڳوٺ مرند (مروند) ۾ سنه 538 هجريءَ مطابق 1143ع ۾ ڄائو. مروند شهر جنهن کي مرند يا ميمند به ڪوٺيندا هئا.

اهو سنه662 هه ۾ مروند کان ملتان ۾ آيو. قلندر شهباز پهرين پهرين سنڌ جو رخ ڪندي سنه 644 هجري مطابق 1246ع سيوهڻ ۾ پهتو. سيوهڻ کان پوءِ هو هندستان ڏانهن ويو، جتي پاڻي پٽ ۾ شاهه شمس بو علي قلندر سان مليو ۽ ڪجهه وقت اتي رهيو. بو علي قلندر کيس ٻڌايو ته هندستان ۾ جيئن ته اڳ ۾ گهڻا قلندر آهن؛ تنهنڪري چڱو ائين ٿيندو، جو هو وڃي سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪري. اهڙي اشاري ملڻ تي قلندر شهباز وري سنڌ جو رخ ڪيو ۽ سنه 662 هجريءَ ۾ اچي ملتان ۾ پهتو.شهزادي محمد شهيد جيڪو غياث الدين بلبن جو پٽ ھيو ۽ ملتان جو گورنر ھيو، قلندر شهباز کي ملتان ۾ رهڻ لاءِ چيو ۽ سندس لاءِ هڪ خانقاهه ٺهرائڻ جو به وعدو ڪيائين. پر پاڻ اڳتي وڌي اچي سيوهڻ ۾ وارد ٿيو.سنڌ ڏانهن ايندي، ملتان شريف بہ ويو، جتي سلطان محمد سان بہ مليو؛ جنهن کيس اُتي رهڻ لاءِ ڏاڍو زور ڀريو، پر انڪار ڪري، اچي سيوهڻ کان نڪتو، سنڌ ۾ آمد (694هه = 1298ع) وقت سندس عمر 111 ورهيه هئي. جنهن جاءِ تي روضو مبارڪ آهي، اُتي پاڻ اچي منزل انداز ٿيو. اُن زماني ۾ اُتي اگهاڙائپ وارين عورتن جو اڏو هو. سندس آمد تي اهي سڀ توبہ تائب ٿيون ۽ هڪدم راهه راست تي اچي ويون.