وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2019/مهينو آگسٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جارج پنجون:(انگريزي: George V ) يا جارج فريڊرڪ ارنيسٽ البرٽ 3 جون 1865 ۾ پيدا ٿيو ۽ 20 جنوري 1936 ۾ وفات ڪيائين. پاڻ 6 مئي 1910 کان پنھنجي وفات تائين يونائيٽيڊ ڪنگڊم ۽ برطانوي ڪنٽرول وارن علائقن جو بادشاھ ۽ انڊيا جو شھنشاھ ھيو. پنھنجي ڏاڏي راڻي وڪٽوريا جي دؤر ۾ پيدا ٿيو. بادشاھ ٿيڻ کان اڳ بحري فوج ۾ ملازم ھيو ۽ ڀاء البرٽ وڪٽر جي وفات کان پوءِ بادشاھ بڻيو. روسي بادشاھ نڪولس ٻيون ۽ جرمني جو بادشاھ ولھيم ٻيون ھن جا ماسات ھيا.

وڌيڪ پڙھو > اڳوڻا