وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2018/مهينو نومبر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مشتاق احمد يوسفي اردو ادب جي مزاح جو وڏو نالو هو، هي راجستان جي شهر، جئيپور ۾ هڪ پڙهيل لکيل گھراڻي ۾ 4 سيپٽمبر 1923ع تي پيدا ٿيو. يوسفي ڏيهي توڙي پرڏيهي ڪيترن ئي مالياتي ادارن جو سربراهه پڻ رهيو. يوسفي شروعاتي تعليم راجپوتانا مان حاصل ڪئي ۽ بي اي جي سند آگرا يونيورسٽي، هندوستان مان حاصل ڪئي. علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي مان هن ايم اي ۽ قانون جي ڊگري حاصل ڪئي.برصغير جي ورهاڱي کانپوءِ سندس خاندان، سنڌ لڏي آيو ۽ ڪراچي ۾ رهائش اختيار ڪئي. هن جي ادبي زندگي جي شروعات 1961ع تي ٿي، هي ان وقت 40 سالن جو هو، جڏهن هن پهريون ڪتاب، ”چراغ تلي“ لکيو. هن کي 1999ع ۾ ستاره امتياز ۽ 2002ع ۾ حلال امتياز ايوارڊ ڏنو ويو.