وڪيپيڊيا:اڄ جو قول/مَئي 24
ڏيک
"ماڻهو اسانکي نراش ناھن ڪندا پر انھن سان لاڳاپيل آسون اسانکي نراش ڪنديون آھن. ماڻھن جي ھلت ، وھنوار تي نراش نه ٿيجي، پنھنجو ڪم مستقل مزاجيءَ سان جاري رکڻ گھرجي، ماڻهو پاران قدر ڪرڻ جي آس نه رکڻ کپي، ماڻھن سان واڳيل اھا آس ئي ھوندي آھي جيڪا اسانکي نراش ڪندي آ. قدردان جيڪي ھوندا سي پاڻيھي قدر ڪندا، جن کي قدر نه ڪرڻو ھوندو سي ڏوراپا ڏيڻ سان به قدر نه ڪندا، سو ڏوراپا ڏيڻ ڇڏيو. جيترو ٿي سگھي يا جيترو پڄي سگھي ڪنھن جي سھائتا ڪجي، ڪنھن کي آٿت ڏيجي. جيون جي تلخين مان اھي سبق سکيا آھن، ته ڪنھن سان چڱائي ڪجي ته موٽ ۾ چڱائي جو آس نه رکجي. ھو چوندا آھن ني نيڪي ڪري دريا ۾ لوڙھي ڇڏجي". - #ج_ا_ر