وڪيپيڊيا:وڪي منصوبو تخليق مضمون شهر/درخواست تخليق

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پهريون صفحو  درخواست تخلیق مضمون  دوڳي ٘مضمون  مڪمل / نامڪمل

سنڌي وڪيپيڊيا ۾ شهرن تي پاڻمُرادَو يا خودڪار مضمونَ لِکائڻ جي لاءِ هيٺ موجود هاڻوڪيون درخواستون جي سِٽ ۾ شهر جو نالو درج ڪريو. شهر جو نالو درج ڪرڻ لاءِ نئين سِٽَ جي شروع ۾ ستارو (*) وِجهو ۽ انکانپوءِ شهر جو سنڌي ۾ نالو (جنهن نالو سان گُهربل يا لاڳاپيل شهر جو مضمون سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ٺاهڻو آهي) درج ڪريو. پوءِ @ جي نِشاني (علامت) ۽ گُهربَل شهر جو انگريزي وڪيپيڊيا تي موجود نالو يا عنوان درج ڪريو. نموني طور هيٺ ڏِسو.

 
* لنڊن@London
* پيرس@Paris
* ممبئي@Mumbai
* ناگپور@Nagpur

شهرن جا نالن جا ترجما هيٺ ڪُجهہ خاص هدايتون
  1. هي منصوبو شهرن، صوبن، ڳوٺن، واهڻ وستين ۽ ٻين ورهاستن سان لاڳاپيل مضمونَ تحرير يا لکڻ جي لاءِ بڻايو ويو آهي، تنهنڪَري مُلڪن جا نالا درج نہ ڪريو، نہ تہ بَوٽُ يا روباٽ مضمونَ غلط تحرير ڪندو.
  2. جيڪڏهن انگريزي وڪيپيڊيا ۾ ڪنهن شهر جو نالو ٻن ڀاڱن(حصن) ۾ هُجي، مثال Francheville, Rhône تہ سنڌي ۾ پڻ انهيءَ طرح ٻن حصن ۾ درج ڪيو، اهڙي ريت ڪاما وغيرہ جو ڌِيان رکو، جيئن فرانشويل، رن.
  3. ڪنهن بہ شهر جي نالو جو ترجمو ناهي ڪيو ويندو، ڇوتہ اهو عَلَم هوندو آهي. مثال Lake Angelus, Michigan کي ليڪ انجلس، مشي گن ئي تحرير ڪريو، انجلس ڊنڍ، مشي گن نہ.
  4. جيڪڏهن ڪنهن شهر جو هِجي يا اُچار ۾ شَڪُ ٿئي تہ انهيءَ صفحو جي بحث يا ڳالهہ ٻولهہ صفحو تي پڇو. گوگل ٽرانسليٽ يا گوگل ترجمو سان پڻ ان جي هيٺ پُڇي سگهجي ٿو، اهڙي ريت انگريزي وڪيپيڊيا ۾ ڪيترن ئي شهرن جي نالن جا اُچار يا هِجي صوتي يا آوازي شڪل ۾ موجود هوندا آهن، اُهي پڻ ٻُڌي اُچار دُرست درج ڪري سگهجي ٿو.
  5. ڪاما جو خصوصي ڌيان رکو، پرشو عربڪ سنڌي لِپي ۾ ڪاما هِن ريت (،) ٿيندو آهي ۽ انگريزي ۾ هِنَ طرح (,)، ان ڳاله جو خاص ڌيان (خيال) رکجو.
  6. نئين سِٽَ کان اَڳُ ستارو يا اسٽار (*) لازمي درج ڪريو
اطلاع
  1. جيڪي مضمونَ انگريزي وڪيپيڊيا ۾ موجود نہ هُجن ۽ انهن جو نالو درج ڪري ڇڏجي تہ اُهي مضمون تخليق ناهي ڪيو ويندو.
  2. انگريزي وڪي جي جِن مضمونن ۾ ڄاڻخانو يا معلومات خانو (انفوباڪس) ناهي هوندو، سي مضمونَ پِڻُ سنڌي وڪيپيڊيا ۾ تخليق ناهين ٿيندا.
  3. پهرئين کان ئي جيڪي مضمون سنڌي وڪيپيڊيا تي موجود هُجن سي پڻ ٻيهر تخليق ناهين ڪيا ويندا.
  4. پهرئين کان موجود مضمونَ، جيڪڏهن ممڪن هيو تہ روبوٽ پاڻَ (خود) چوريندو (رجوع مڪرر، يا ريڊائريڪٽ) ڪندو.
  5. روبوٽ مضمون تحرير ڪرڻ کانپوءِ تُرت وڪي ڊيٽا ۾ سنڌي وڪيپيڊيا جي اُن مضمون جو انٽروِڪي ڳنڍڻو درج ڪري ڇڏيندو آهي، جنهن جي سبب سنڌي وڪيپيڊيا جي مضمون ۾ تُرت بين الوڪي ڳنڍڻو نظر اچڻ لڳندو آهي.

مضمون لِکڻُ (مضمون نويسي) شروع ڪريو!


  • ڏنو ماڪو@Dino Mako