وٺو ته ٿر ، نه ته بر
ٿر جي زراعت
[سنواريو]ٿر ۾ زراعت ۽ پوک جو مدار گهڻو ڪري وسڪاري تي آهي. جيڪڏهن برسات وسي ته پوءِ ٻاجھر، تر، مڱ، گوار، ڪورڙ، داليون ، ڇانهيون، گدرا ۽ چڀڙ وغيره ٿين. اهو فصل سڄي ٿر ۽ پارڪر ۾ ٿئي. ڪي وري ڀلين ٻنين کي کيڙي جوئر جو ٻج ڇٽي ڍڪي ڇڏيندا آهن. مٺي، اسلام ڪوٽ، ڏيپلي ۽ ننگرپارڪر جي ڪافي ڳوٺن ۾ کوهن جي پاڻيءَ تي به ڪجهه محنتي هاري پالڪ، سوئا، ميٿي، موري، واڱڻ، ۽ ڀينڊيون پوکين ٿا. پر ٿرپارڪر جو گهڻو ڪري دارو مدار برسات جي پاڻي تي آهي يعني “ وٺو ته ٿر ، نه ته بر ”.
ٿر ۽ برسات
[سنواريو]ٿر ۾ وسڪاري جي مند پندرهين جون يا ان کان پوءِ شروع ٿئي ٿي. وسڪاري جا اهي ٽي مهينا گهڻو ڪري پندرهين جون کان پندرهين سيپٽمبر تائين ليکيا وڃن ٿا. ٿر جي زراعت ۽ پوکي راهيءَ جو دارومدار گهڻو ڪري مينهنَ تي آهي. برسات پوڻ کان پوءِ هر پاسي ساوڪ ئي ساوڪ ٿي وڃي ٿي. پر جي وسڪارو نه ٿو پوي يا گهٽ مينهنَ پون ٿا ته ان جا اَثر ٿر جي زراعت ۽ پوک تي پوڻ سان گڏوگڏ هتي رهندڙ هر جيوت تي پون ٿا.
ٿر ۾ سُڪار ۽ ڏڪار
[سنواريو]ٿر ۾ برسات نه پوڻ سبب نه رڳو فصل نٿا ٿين پر گاهه به گهٽ ٿئي ٿو، جنهن جو اَثر وري مال تي پوي ٿو، ڇو جو مال جي ڌڻن جي چاري جي کوٽ ٿي وڃي ٿي. مطلب ته ٿر جي زراعت ۽ اقتصاديات گهڻو تڻو وسڪاري تي ڀاڙي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن هتي مينهنَ نه ٿو پوي يا گهٽ پوي ٿو ته پوءِ هن علائقي ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وڃي.ٿر ۾ مينهنَ گھڻو ڪري اتر واري پاسي کان ايندو آهي. جنهن کي ٻڪرال کنوڻ وارو مينهن چيو وڃي ٿو ته ڪڏهن وري مينهن اوڀر کان اچي وڏڦڙو وسائيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن اولهه کان به مينهن اچي ٿو، جنهن کي “ لاڙي مينهن ” چون ٿا . ٿر ۾ جيڪڏهن 200 ملي ميٽرن کان 300 ملي ميٽرن تائين مينهن وسي ٿو ته ان کي سڪار چيو وڃي ٿو، ڇو جو ان جي نتيجي ۾ زراعت ۽ پوک تي ڏاڍا سٺا اَثر پون ٿا، فصل ۽ گاهه ڀلا ٿين ٿا. [1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس (مشڪور ڦلڪارو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, archived from the original on 2017-09-12, retrieved 2016-07-21
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (help)
- ↑ ڪتاب: ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس، ليکڪ: مشڪور ڦلڪارو