ويڙھ ٻول جو لساني سفر
سنڌي ٻولي جو انٽروورڪ ۽ ان جا مختلف لفظ جيڪي انگريزي ۽ ٻين زبانن ۾ شامل ٿي چڪا آهن، اُنهن جي تاريخي پس منظر کي سمجھڻ ۾ مدد ڪري ٿو. خاص طور تي توهان جيڪو ذڪر ڪري رهيا آهيو: "ويڙھ"، "وڻ"، "وائينڊنگ" ۽ "وار" جهڙا انگريزي لفظ جن جو بنياد اوائلي سنڌو ٻولي ۾ آهي، سن 1854ع ۾ ڪيپٽين جارج اسٽيڪ جيڪو سنڌي ٻوليءَ جو اوائلي ڪوش تيار ڪيو ھو، اھو ديوناگري لکت ۾ ھيو، جنھن کي پوءِ فھميدہ حسين جن عربڪ پَرسو لکت ۾ آڻي، سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران ڇپرايو ھئائون، تنھن ۾ ”ويڙه“ ٻول جون انگريزيءَ ۾ ھيٺيون معنائون ڏسيل آھن:
ٻول؛ ويڙُھ: Surrounding, besieging, seizing, encircling. A kind of plain finger ring.
ٻول؛ ويڙِھ: Fighting, quarrelling, thick, dense grove of trees. A thicket. وري ڊاڪٽر نبي بخش خان جي ”جامع سنڌي لغات“ ۾ ان ٻول جون جيڪي مختلف معنائون ڏسيل آھن تن ۾ مکيہ معنائون ھيٺينءَ ريت آھي: ويڙِهُ جمع ويڙِهِيُون، ويڙِهُون: ”لڙائي، جنگ، يُڌُ، جُڌُ، رَزمُ. جهيڙو، ٽنٽو، رڳڙو. گهاٽو جهنگ، ڳُتيل جهنگ، گهاٽا وڻ، جهُمٽ، جُوهر، جُهو. (اسم خاص). ولين ۽ ٻُوڙن واري سائي زمين.
ويڙهُ جمع ويڙَه: گهاٽا وڻ، وڻن جو جهڳٽو، ويڙهو.عورت جي آڱر جو ڳَھَ جو هڪ قسمُ (ويڙھ تہ ويڙهي ٿو آڱر سندو سنڌ) (زيور نامو ميان فضل الله). مُنڊيءَ جو هڪ قسم، ويڙهي واري مُنڊي (جا خاص شاديءَ ۾ ڪم اچي)، ڪورين جي اصطلاح ۾ اُڻيل ڪپڙي مان تاڪيو ڦاڙڻ کان پوءِ باقي تُر تي ويڙهيل ڪجھ ڪپڙي جو ٽُڪر. . ڌوٻين جي اصطلاح ۾ کُنڀ تي چڙهيل ڪپڙن مٿان ويڙهيل ڪپڙو، درياءَ جي ٻيڙيءَ جي سڙھ جي ٻاهرين ڪنارن سان ٻَڌل نوڙي، ويڙهيل، گول مول، پيچدار، وڪڙيل.[1]
وري تازو سن 1985ع ۾ ڊاڪٽر ڪالورٽ واٽڪنز نالي سان ھڪ کاھوڙيءَ ھارپر ڪولنز پبلشر پاران آمريڪا ۾ ھڪ لغت مارڪيٽ ۾ آندي جنھن جو نالو آھي: The American Heritage Dictionary Of Indo-European Roots. ھن لغت بابت پبشلر لکن ٿا تہ: ”آميريڪن هيريٽيچ ڊڪشنري آف انڊو يورپي روٽس ۾ لڳ ڀڳ 13,000 انهن جديد انگريزيءَ جي لفظن جا 1350 اصل ڌاتُو ٻول چِٽا ڪيا ويا آھن، جيڪي جديد عالمي ٻولين جا ڌاتو ٻول ھئا. اصل ۾ اھي ٻول ان ٻوليءَ جا آھن جيڪا جديد انگريزيءَ جي ماءُ ٻولي رھي آھي، جنھن ۾ لساني حساب سان زبردست قانون موجود ھئا. ھن ڊڪشنري ۾ ڊاڪٽر ڪالورٽ واٽڪنز جو هڪ بڻيادي مقالو پڻ شامل آهي، جنھن ۾ ھن اھو ٻڌايو آھي تہ لکتن کان بہ اوائلي ھڪ قديم ٻوليءَ جا لفظ سامهون رکي، ٻيھر جوڙجڪ ڪري سگهجن ٿا، جيڪا ھڪ اُتم سماج جي ٻولي ھئي. جنھن جو اسان ھن وقت ھڪ خيالي نالو ”سنڌو ٻولي“ ئي رکي سگهون ٿا.“
ان ئي لغت ۾ ڊاڪٽر واٽڪنز لکيو آھي تہ انگريزي ٻول (wood) جو بڻياد ان اوائلي ٻوليءَ ۾ (widhu) جي شڪل ۾ ملي ٿو، جنھن جو مطلب وڻ ۽ جهنگ ملي ٿو. ساڳيءَ ريت وري انگريزي ٻول (wind) جيڪو ھاڻي پاڻ ويڙهڻ طور انگريزيءَ ۾ چئون تہ ڦلاڻي شئي جي وائينڊنگ ڪرڻي آھي، تنھن لاءِ پڻ مٿيون لغتدان چوي ٿو تہ ان جو اصلوڪو ٻول پڻ اوائلي سنڌو جو ٻول (wendh) آھي.
وري ھڪ ٽيون ٻول پڻ آھي، جيڪو لفظ اڄڪلھ ھر پاسي عام لڳو پيو آھي يعني جنگ، جنھن کي انگريزيءَ ۾ سڏين ”وار“ (war)، ان ٻول جو بڻياد پڻ مٿيون صاحب چوي ٿو تہ ھي ٻول پڻ ھزارين سال اڳ قديمي ٻوليءَ جو لفظ (wer) آھي.
ڊاڪٽر واٽڪنز کي ئي ھٿي ڏيندي انگريزيءَ ۾ ڪتب ايندڙ لفظن جي بڻ بڻياد تي ڪم ڪندڙ اداري گارپر ڊگلس جي پڻ آن لائين ايڊيشن ۾ بلڪل مٿيان ئي حوالا ملن ٿا جيڪي ھيٺ رکجن ٿا: وڻن واري ويڙه ۽ ووڊ[2]
ويڙھڻ واري وائينڊنگ[3]
ويڙھ واري وار[4]
ھڪ چوٿون ٻول جنھن کي انگريزيءَ ٻولي ۾ تيز گهلندڙ ھوا لاءِ سڏين ٿا، اھو ”وِنڊ“ (wind)، اھو ٻول پڻ اوائلي سنڌو ٻول ”وِڃُ“ اٿو. مٿي جتي ويڙھڻ واري ”وِنڊ“ ڏسو ٿا، اتي ئي ان جو پڻ حوالو اوھان کي ملي ويندو.
ھن ڌرتيءَ جي تھذيب، ٻوليءَ ۽ ثقافت آڳاٽي وقتن ۾ دنيا کي تمام گهڻو ڏنو ھئو، ايترو ڏنو ھُئو جو اڄ اوھان اعتبار ئي نہ ٿا ڪري سگهو. [5]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2025-02-03.
- ↑ "wood | Etymology of wood by etymonline". www.etymonline.com. حاصل ڪيل 2025-02-03.
- ↑ "wind | Etymology of wind by etymonline". www.etymonline.com. حاصل ڪيل 2025-02-03.
- ↑ "war | Search Online Etymology Dictionary". www.etymonline.com. حاصل ڪيل 2025-02-03.
- ↑ محقق ۽ ٻوليدان؛ امر فياض ٻرڙو