وينڪٽيشور مندر، ترومالا
هي مضمون قابلِ تصديق هجڻ لاءِ وڌيڪ حوالن جي ضرورت رکي ٿو (November 2021) |

ترومالا جو وينڪٽيشور مندر يا سري وينڪٽيشور سوامي مندر هڪ هندو مندر آهي جيڪو ڀارت جي آنڌرَ پرَديش جي تِروپتي ضلعي جي ترمالا ٽڪرين ۾ آھي. هي مندر وينڪٽيشور کي سمرپت آهي، جيڪو وشنوءَ جو هڪ روپ آهي، جنهن بابت يقين ڪيو ويندو آهي تہ هن انسان ذات کي ڪَلِ يُڳ جي مشڪلاتن کان بچائڻ لاءِ زمين تي اوتار ورتو ھيو. تنهن ڪري هن جڳهه کي ڪَلِ يُڳ ويڪنٿ جي نالي سان پڻ سڏيو وڃي ٿو ۽ هتي جي ديوتا کي ڪَلِ يُڳ پرتيڪش ديوم سڏيو ويندو آهي. مندر کي ٻين نالن سان پڻ سڏيو وڃي ٿو جهڙوڪ ترومالا مندر، تروپتي مندر ۽ تروپتي بالاجي مندر. وينڪٽيشور کي ٻين نالن سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو جن ۾ بالاجي، گووندا ۽ سرينواسا شامل آهن. [1] مندر ترومالا تروپتي ديوستانمس (TTD) پاران هلايو وڃي ٿو، جيڪو آنڌرَ پرديش سرڪار جي ڪنٽرول هيٺ آهي. ٽي ٽي ڊي جو مکي آنڌر پرديش حڪومت پاران مقرر ڪيو ويندو آهي.
- ↑ "Tirumala Temple". Archived from the original on 11 October 2007. Retrieved 13 September 2007.