وينجھل
ڏيک
وينجهَل:(انگريزي: Weenjhal ) هن گاهه جون سنهيون تندون وڌي وري ٻئي هنڌ زمين تي پاڙ هڻي وڌنديون وينديون آهن، ۽ جلد ئي چوڌاري پکڙجي ويندو آهي ۽ گهڻو وقت سائو رهندو آهي. هن جي پاڙ هڪ دفعي لڳڻ بعد اهڙي هيٺ اونهي ويندي آهي، جو ناس نه ٿيندو آهي ۽ ڪافي وقت سائو رهندو آهي. برسات پوڻ وقت سائي ٿيندي ويرم ئي نه ڪندو آهي. پوک لاءِ نقصانڪار آهي. جي هڪ دفعو ڪنهن ٻنيءَ ۾ٻوٽو لڳي ويو ته وڌي ميدان ڀري ڇڏيندو ۽ پوءِ اها ٻني آباديءَ کان ڇُٽي! نحس وري اهڙو آهي جو هنجي پاڙ اونهي هئڻ ڪري وڍڻ سان به جلد ناس نٿي ٿئي. ٻيا جانور ڪو نه کائين، اُٺ البت کائيندوآهي. هن کي ڪي ”موٿو“ يا ”موٿ“ به چون[1].
حوالا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو