ويسوني
ڏيک
ويِسُونِي (انگريزي: Veesuni plant) هي ڀٽن جي نرم زمين ۽ ڏهرن جي سخت زمين ۾ اُڀري. ڪٿي ڪٿي ڏهرن ۾ جام اُڀرندي آهي. هي ٻوٽو ڏيڍ ٻوٽو ڏيڍ فوٽ کن ڊگهو ٿئي. ان جا پن سون مَڪئيءَ کان ڪجهه ننڍيرا ٿين. ڏانڊيءَ ۾ ٻنهي پاسن کان پنن جون قطارون هونديون آهن. منجهس عمدا ڳاڙهي رنگ جا گل ٿيندا آهن. ڪچي هوندي آهي، تڏهن فقط رڍون ٻڪريون کائين. اُٺ ڪو نہ کائي، جي کائي تہ چون ٿا تہ انڌو ٿي پوي. پَڪِي ٿيڻ بعد اُن ۾ سائي رنگ جون چپڙيون، ڪامن وانگر وريل ڦريون ٿين، جن ۾ ٻج هوندو آهي. ان مهل اُٺ ۽ ڍڳيون بہ کائينديون آهن.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب جو نالو: تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون)، مصنف: رائچند هريجن، ايڊيشن: ٽيون، سال:2005ع، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ.