ويب وارا رنگ
ويب رنگ اهي رنگ آهن جيڪي ويب صفحن کي ڏيکارڻ لاءِ ورلڊ وائڊ ويب تي استعمال ڪيا وڃن ٿا. انهن کي عام طور ٽي طريقن سان بيان ڪري سگهجي ٿو: رنگ کي آر جي بي RGB ٽرپلٽ جي صورت ۾، هيڪساڊيسيمل فارميٽ (يعني هيڪس ٽرپلٽ) ۾، يا ڪڏهن ڪڏهن ان جي عام انگريزي نالي مطابق بيان ڪيو ويندو آهي. رنگ جا قدر ٺاهڻ لاءِ گهڻو ڪري رنگ اوزار يا ٻيو گرافڪس سافٽويئر استعمال ڪيو ويندو آهي. ڪجهه حالتن ۾ هيڪساڊيسيمل رنگ ڪوڊ هڪ اڳواٽ نمبر نشان (#) سان لکيا ويندا آهن.[1][2]
رنگ کي ان جي ڳاڙهي، سائي ۽ نيري جزن جي شدت مطابق بيان ڪيو ويندو آهي، جتي هر جزو کي اٺ بِٽ byte سان ظاهر ڪيو ويندو آهي. اهڙي طرح هڪ ويب رنگ بيان ڪرڻ لاءِ مجموعي طور 24 بٽ استعمال ٿيندا آهن، جيڪي sRGB رنگي حد اندر 16,777,216 مختلف رنگن کي بيان ڪرڻ جي اجازت ڏين ٿا. هيڪساڊيسيمل فارميٽ ۾ هر رنگ لاءِ ٻه هيڪساڊيسيمل انگ لکيا ويندا آهن، تنهنڪري مجموعي طور ڇهه هيڪساڊيسيمل انگ استعمال ٿيندا آهن.
sRGB حد کان ٻاهر وارا رنگ ڪاسڪيڊنگ اسٽائل شيٽس (CSS) ۾ پڻ بيان ڪري سگهجن ٿا، جيڪڏهن ڳاڙهي، سائي يا نيري جزن مان هڪ يا وڌيڪ کي منفي قدر يا 100٪ کان وڌيڪ قدر ڏنا وڃن. اهڙي صورت ۾ رنگي جڳهه نظرياتي طور sRGB جي غير محدود توسيع بڻجي وڃي ٿي، جيڪا scRGB سان ملندڙ آهي.[3] اهڙي غير-sRGB رنگ کي بيان ڪرڻ لاءِ RGB() فنڪشن استعمال ڪرڻو پوندو آهي. هي ڪم هيڪساڊيسيمل نحو سان ممڪن ناهي (۽ انهي ڪري پراڻن ايڇ ٽي ايم ايل دستاويزن ۾ ممڪن ناهي جيڪي CSS استعمال نٿا ڪن).
موزائيڪ ۽ نيٽ اسڪيپ نيويگيٽر جي شروعاتي نسخن رنگن جي فهرست لاءِ ايڪس-11 نالي وارا رنگ يا رنگن کي بنياد طور استعمال ڪيو، ڇاڪاڻتہ اهي ٻئي اصل ۾ ايڪس ونڊو سسٽم ايپليڪيشنون هيون.
ويب رنگن لاءِ هڪ واضح رنگي تعريف sRGB] موجود آهي، جيڪا مخصوص ڪروميٽيسٽي، هڪ خاص فاسفر(phosphor) سيٽ، ٽرانسفر وکر، ايڊيپٽو وائيٽ پوائنٽ ۽ ڏسڻ جي حالتن سان لاڳاپيل آهي.[4] انهن قدرن کي اهڙي طرح چونڊيو ويو آهي جو اهي گهڻن حقيقي دنيا جي ڪمپيوٽر مانيٽرن ۽ ڏسڻ جي حالتن سان مشابهت رکن، جيئن ته بغير رنگن جي مينيجمينٽ جي به نتيجو تقريباً مقرر ڪيل رنگن جي ويجهو اچي سگهي. مختلف يوزر ايجنٽ انهن رنگن کي ڏيکارڻ ۾ درستگي جي لحاظ کان مختلف ٿي سگهن ٿا. وڌيڪ جديد يوزر ايجنٽ بهتر رنگي درستگي لاءِ رنگن جي مينيجمينٽ استعمال ڪندا آهن؛ هي خاص طور تي ويب ٽو پرنٽ (Web-to-print) ايپليڪيشنن لاءِ اهم آهي.
هيڪس ٽرپلٽ
[سنواريو]| هيڪس ٽرپلٽ يو ٽي سي (تازه ڪريو) | |
|---|---|
| بنياد 60 | 11:40:56 |
| بنياد 16 |
7C_9C_41 |
هيڪس ٽرپلٽ ڇهن انگن (يا اٺن انگن) تي ٻڌل ٽي-بائيٽ (يا چار-بائيٽ) وارو هيڪساڊيسيمل عدد هوندو آهي جيڪو ايڇ ٽي ايم ايل، سي ايس ايس، ايس وي جي ۽ ٻين ڪمپيوٽنگ ايپليڪيشنن ۾ رنگ ظاهر ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. انهن بائيٽن سان رنگ جا ڳاڙها، سائي ۽ نيرا جزا ظاهر ڪيا ويندا آهن. (اختياري چوٿون بائيٽ الفا چينل کي ظاهر ڪري ٿو.) هڪ بائيٽ 00 کان FF (هيڪساڊيسيمل صورت) يا 0 کان 255 (ڏهائي صورت) تائين عدد ڏيکاري سگهي ٿو. اهو هر رنگي جزو جي گهٽ ۾ گهٽ شدت (0) کان وڌ ۾ وڌ شدت (255) تائين کي ظاهر ڪري ٿو. اهڙي طرح ويب رنگ 24-بٽ رنگ واري آر جي بي رنگي نظام ۾ بيان ڪيا ويندا آهن.
هيڪس ٽرپلٽ ٽن بائيٽن کي هيڪساڊيسيمل صورت ۾ هيٺين ترتيب سان ڳنڍڻ سان ٺهندو آهي:
- بائيٽ 1: ڳاڙهي رنگ جي ملھ
- بائيٽ 2: سائي رنگ جي ملھ
- بائيٽ 3: نيري رنگ جي ملھ
- بائيٽ 4 (اختياري): الفا ملھ
مثال طور، هڪ رنگ ۾ جيڪڏهن ڳاڙهي، سائي ۽ نيري جا ملھ ڏهائي صورت ۾ هن ريت هجن: ڳاڙهو = 123، سائي = 58، نيرو = 30 (ڪاٺ جهڙو ڀورو رنگ)، ته اهي عدد هيڪساڊيسيمل ۾ بالترتيب 7B، 3A ۽ 1E ٿين ٿا. انهن کي گڏ ڪرڻ سان هيڪس ٽرپلٽ 7B3A1E ٺهندو.
جيڪڏهن ٽن مان ڪو رنگي قدر 10 هيڪس (16 ڏهائي) کان گهٽ هجي ته ان کان اڳ صفر لڳايو ويندو، جيئن ٽرپلٽ هميشه ڇهن انگن تي مشتمل رهي. مثال طور، ڏهائي ٽرپلٽ 4، 8، 16 کي هيڪساڊيسيمل صورت ۾ 04، 08، 10 لکيو ويندو، جنهن سان هيڪس ٽرپلٽ 040810 ٺهندو.
هن نظام سان ڏيکاري سگهجندڙ رنگن جو ڪل تعداد 256³، 16⁶ يا 2²⁴ = 16,777,216 آهي.
مختصر هيڪساڊيسيمل صورت
[سنواريو]هڪ مختصر ٽي-انگن (يا چار-انگن) واري هيڪساڊيسيمل صورت به استعمال ڪري سگهجي ٿي.[5] پر جيڪڏهن سافٽويئر يا سار سنڀال اسڪرپٽ صرف ڊگهي صورت جي اميد ڪن ته غلطي ٿي سگهي ٿي. هن صورت کي ڇهن انگن واري صورت ۾ وڌائڻ لاءِ هر انگ کي ٻيهر لکيو ويندو آهي: 09C کي وڌائي 0099CC ڪيو ويندو، جيئن هيٺين سي ايس ايس مثال ۾ ڏيکاريل آهي:
.threedigit { color: #09C; }
.sixdigit { color: #0099CC; } /* مٿي واري رنگ جهڙو ئي */
هي مختصر صورت رنگن جي حد کي گهٽائي 4,096 رنگن تائين آڻي ٿي، جيڪا 12-بٽ رنگن جي برابر آهي، جڏهن ته ڇهن انگن واري مڪمل صورت ۾ 24-بٽ رنگ (16,777,216 رنگ) موجود هوندا آهن. ڪيترن متن تي ٻڌل دستاويزن لاءِ اها حد ڪافي هوندي آهي.
آر جي بي کي هيڪساڊيسيمل ۾ تبديل ڪرڻ
[سنواريو]عام طور RGB قدر 0 کان 255 تائين هوندا آهن؛ جيڪڏهن اهي 0 کان 1 تائين هجن ته انهن کي تبديلي کان اڳ 255 سان ضرب ڏني ويندي. پوءِ هن عدد کي 16 سان ورهايو ويندو (صححيح ورهاست؛ باقي نظرانداز ڪندي). حاصل ٿيندڙ عدد پهريون هيڪساڊيسيمل انگ ٿيندو (0 کان F تائين، جتي A کان F تائين انگ 10 کان 15 کي ظاهر ڪن ٿا؛ وڌيڪ تفصيل لاءِ هيڪساڊيسيمل ڏسو). باقي بچيل عدد ٻيو هيڪساڊيسيمل انگ ٿيندو. مثال طور RGB قدر 58 (مٿي ڏنل مثال ۾) کي 16 سان ورهائڻ تي 3 جا گروهه ملن ٿا، تنهنڪري پهريون انگ 3 ٿيندو. باقي 10 هوندو، جنهن سان هيڪساڊيسيمل عدد 3A ٺهندو. ساڳي طرح RGB قدر 201 کي 16 سان ورهائڻ تي 12 جا گروهه ملن ٿا، تنهنڪري پهريون انگ C ٿيندو، ۽ باقي 9 هجڻ ڪري هيڪساڊيسيمل عدد C9 ٺهندو. اهو عمل ٽنهي رنگي قدرن لاءِ الڳ الڳ ڪيو ويندو.
مختلف عدد بنيادن جي وچ ۾ تبديلي ڪرڻ ڪيلڪيوليٽرن جي عام خاصيت آهي، جنهن ۾ هٿ سان استعمال ٿيندڙ ڪيلڪيوليٽر ۽ گهڻن جديد آپريٽنگ سسٽمن سان گڏ ايندڙ سافٽويئر ڪيلڪيوليٽر شامل آهن. ويب تي پڻ اهڙا اوزار موجود آهن جيڪي خاص طور رنگن جي قدرن کي تبديل ڪرڻ لاءِ تيار ڪيا ويا آهن.
ايڇ ٽي ايم ايل رنگن جا نالا
[سنواريو]تازن ورلڊ وائڊ ويب ڪنسرشيم وضاحتن ۾ رنگن جي نالن کي بنيادي ۽ وڌايل رنگن ۾ فرق ڪيو ويو آهي.[6] ايڇ ٽي ايم ايل ۽ ايڪس ايڇ ٽي ايم ايل ۾ رنگ متن، پسمنظر، فريم جي ڪنڊن، ٽيبلن ۽ ٽيبل جي انفرادي خانن لاءِ استعمال ٿي سگهن ٿا.[7]

بنيادي رنگ
[سنواريو]بنيادي رنگ 16 رنگ آهن جيڪي ايڇ ٽي ايم ايل 4.01 وضاحت ۾ بيان ڪيا ويا هئا، جيڪا 1999ع ۾ منظور ڪئي وئي.[8] هيٺ ڏنل آهن (هن پسمنظر ۾ نالا وڏن يا ننڍن اکرن جي لحاظ کان حساس ناهن):
| رنگ | نام | ہیکس (آر جی بی) | سرخ (آر جی بی) |
سبز (آر جی بی) |
نیلا (آر جی بی) |
ہیو (ایچ ایس ایل/ایچ ایس وی) |
ساتور (ایچ ایس ایل) |
روشنی (ایچ ایس ایل) |
ساتور (ایچ ایس وی) |
قدر (ایچ ایس وی) | CGA number (name); alias |
|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
| White | #FFFFFF | 100% | 100% | 100% | 0° | 0% | 100% | 0% | 100% | 15 (white) | |
| Silver | #C0C0C0 | 75% | 75% | 75% | 0° | 0% | 75% | 0% | 75% | 07 (light gray) | |
| Gray | #808080 | 50% | 50% | 50% | 0° | 0% | 50% | 0% | 50% | 08 (dark gray) | |
| Black | #000000 | 0% | 0% | 0% | 0° | 0% | 0% | 0% | 0% | 00 (black) | |
| Red | #FF0000 | 100% | 0% | 0% | 0° | 100% | 50% | 100% | 100% | 12 (high red) | |
| Maroon | #800000 | 50% | 0% | 0% | 0° | 100% | 25% | 100% | 50% | 04 (low red) | |
| Yellow | #FFFF00 | 100% | 100% | 0% | 60° | 100% | 50% | 100% | 100% | 14 (yellow) | |
| Olive | #808000 | 50% | 50% | 0% | 60° | 100% | 25% | 100% | 50% | 06 (brown) | |
| Lime | #00FF00 | 0% | 100% | 0% | 120° | 100% | 50% | 100% | 100% | 10 (high green); green | |
| Green | #008000 | 0% | 50% | 0% | 120° | 100% | 25% | 100% | 50% | 02 (low green) | |
| Aqua | #00FFFF | 0% | 100% | 100% | 180° | 100% | 50% | 100% | 100% | 11 (high cyan); cyan | |
| Teal | #008080 | 0% | 50% | 50% | 180° | 100% | 25% | 100% | 50% | 03 (low cyan) | |
| Blue | #0000FF | 0% | 0% | 100% | 240° | 100% | 50% | 100% | 100% | 09 (high blue) | |
| Navy | #000080 | 0% | 0% | 50% | 240° | 100% | 25% | 100% | 50% | 01 (low blue) | |
| Fuchsia | #FF00FF | 100% | 0% | 100% | 300° | 100% | 50% | 100% | 100% | 13 (high magenta); magenta | |
| Purple | #800080 | 50% | 0% | 50% | 300° | 100% | 25% | 100% | 50% | 05 (low magenta) |
اهي 16 رنگ sRGB طور سڃاتا ويا ۽ HTML 3.0 وضاحت ۾ شامل ڪيا ويا، جتي بيان ڪيو ويو ته اهي "Windows جي ويڊيو گرافڪس ايري پيليٽ سان سهڪار ڪندڙ معياري 16 رنگ آهن."[9]
وڌايل رنگ
[سنواريو]

وڌايل رنگ HTML 4.01، CSS 2.0، SVG 1.0 ۽ CSS3 User Interfaces وضاحتن جي گڏيل نتيجي طور سامهون آيا.[6]
ڪيترائي رنگ ويب برائوزرن طرفان بيان ڪيا ويا آهن. ممڪن آهي ته ڪو خاص برائوزر انهن مان سڀني رنگن کي نه سڃاڻي، پر 2005ع کان پوءِ جديد عام استعمال وارا گرافڪ برائوزر مڪمل رنگن جي فهرست کي سهڪار ڏين ٿا. انهن مان ڪيترائي رنگ ايڪس-11 نالن وارا رنگ فهرست مان ورتل آهن، جيڪا ايڪس ونڊو سسٽم سان گڏ مهيا ڪئي ويندي هئي. انهن رنگن کي اسڪيليبل ویڪٽر گرافڪس 1.0 ۾ معياري بڻايو ويو ۽ اهي اسڪيليبل ویڪٽر گرافڪس مڪمل واپرائيندڙ ايجنٽن طرفان قبول ڪيا وڃن ٿا، پر اهي اسڪيليبل ویڪٽر گرافڪس ذري جو حصو ناهن.
X11 پيداوار سان گڏ ڏنل رنگن جي فهرست مختلف عملدرآمدن ۾ مختلف ٿي سگهي ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ايڇ ٽي ايم ايل نالن جهڙوڪ سائي رنگ سان ٽڪراءُ به ٿي سگهي ٿو. X11 رنگ سادي آر جي بي رنگ ماڊل طور بيان ڪيا ويندا آهن (تنهنڪري ڪو خاص رنگي جڳهه مقرر ناهي)، نه ته ايس آر جي بي طور. انهي سبب X11 ۾ موجود رنگن جي فهرست (مثال طور /usr/lib/X11/rgb.txt) کي سڌي طرح ويب لاءِ رنگ چونڊڻ لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي.[10]
سي ايس ايس 3 وضاحت مان "X11 ويب رنگن" جي فهرست، انهن جي هيڪساڊيسيمل ۽ ڏهائي برابرين سان گڏ، هيٺ ڏيکاريل آهي. W3C معيارن ۾ الفابيائي ترتيب واري فهرست سان ڀيٽ ڪري سگهجي ٿي. هن ۾ عام مترادف نالا پڻ شامل آهن: aqua (HTML4/CSS 1.0 جو معياري نالو) ۽ cyan، fuchsia (HTML4/CSS 1.0 جو معياري نالو) ۽ magenta، gray (HTML4/CSS 1.0 جو معياري نالو) ۽ grey.[11][12]
ڪيسڪيڊنگ اسٽائل شيٽن جا رنگ
[سنواريو]ڪيسڪيڊنگ اسٽائيل شيٽس يا سي ايس ايس جي وضاحت موجب نالي سان سڃاتل رنگن جو تعداد ساڳيو آهي جيڪو HTML 4 وضاحت ۾ ڏنل هو، يعني 16 ايڇ ٽي ايم ايل رنگ، ۽ نيٽ اسڪيپ Netscape جي ايڇ ٽي ايم ايل رنگن جي فھرست مان 124 رنگ، اهڙي طرح ڪُل 140 رنگن جا نالا ٺهيا جيڪي انٽرنيٽ ايڪسپلورر 3.0 ۽ نيٽ اسڪيپ نيويگيٽر 3.0 ۾ سڃاتا ويندا هئا.[13] بلو بيري. ڪام مطابق اوپيرا 2.1 ۽ سفاري 1 پڻ نيٽ اسڪيپ جي وڌايل 140 رنگن جي فهرست شامل ڪئي، پر پوءِ معلوم ٿيو ته ونڊوز 98 تي اوپيرا 3.5 ۾ انهن مان 14 رنگ شامل نه هئا.[14]
سي ايس ايس 2.1 ۾ رنگ نارنگي (انهن 140 مان هڪ) کي 16 ايڇ ٽي ايم ايل-4 رنگن واري حصي ۾ شامل ڪري 17هين رنگ طور شامل ڪيو ويو.[15] سي ايس ايس 3.0 وضاحت ۾ نارنگي کي "ايڇ ٽي ايم ايل رنگن جي خاص لفظن" واري حصي ۾ شامل نه ڪيو ويو، جنهن جو نالو بدلائي "بنيادي رنگن جا خاص لفظ" رکيو ويو.[16]
ساڳئي حوالو ۾ "ايس وي جي خاص لفظن" واري حصي جو نالو به بدلائي "اضافي رنگن جا خاص لفظ" رکيو ويو، جيڪو اڳين مسودي ۾ "ايڪس-11 رنگ وارا خاص لفظ" سڏبو هو.[17]
ليول 4 رنگن واري ماڊيول جي مسودي ۾ بنيادي ۽ اضافي ٻنهي حصن کي گڏ ڪري سادا " رنگي نالا" جي نالي سيڪشن ۾ رکيو ويو.[18]
| رنگ | نام | ہیکس (آر جی بی) | سرخ (آر جی بی) |
سبز (آر جی بی) |
نیلا (آر جی بی) |
ہیو (ایچ ایس ایل/ایچ ایس وی) |
ساتور (ایچ ایس ایل) |
روشنی (ایچ ایس ایل) |
ساتور (ایچ ایس وی) |
قدر (ایچ ایس وی) |
|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
| اورينج | #FFA500 | 100% | 65% | 0% | 39° | 100% | 50% | 100% | 100% |
سي ايس ايس 2، اسڪيليبل ويڪٽر گرافڪس (SVG) ۽ CSS 2.1 ويب ليکڪن کي سسٽم وارا رنگ استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏين ٿا، جيڪي اهڙا رنگي نالا آهن جن جا ملھ آپريٽنگ سسٽم مان ورتا وڃن ٿا، جيئن آپريٽنگ سسٽم ۾ چونڊيل متن جو رنگ يا ٽول ٽِپ ڪنٽرول جو پسمنظر رنگ. ان سان ويب ليکڪ پنهنجو مواد استعمال ڪندڙ جي سسٽم جي ڏيک سان هم آهنگ ڪري سگهن ٿا.[19]
سي ايس ايس -3 رنگي ماڊيول ۾ سسٽم وارن رنگن جي استعمال کي ختم ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي ۽ ان جي جاءِ تي CSS3 UI System Appearance خاصيت تجويز ڪئي وئي.[20][21] پر پوءِ سي ايس ايس-3 مان سسٽم ۾ ظاھر ٿيڻ جي خاصيت پڻ ختم ڪئي وئي.[22]
| ڏيک | keyword |
|---|---|
| linkText | |
| visitedText | |
| activeText | |
| highlight | |
| mark |
سي ايس ايس-3 جي وضاحت ۾ اسٽائيل شيٽس لاءِ ايڇ ايس ايل رنگي جاءِ پڻ متعارف ڪرائغ وئي آهي:[23]
ڪيسڪيڊنگ اسٽائل شيٽن يا سي ايس ايس ۾ خاص رنگ شفاف پڻ موجود آهي، جيڪو ٻڙي الفا قدر ڏيکاري ٿو؛ عام طور تي transparent کي غيرمرئي ڪاري رنگ طور ڏيکاريو ويندو آهي: rgba(0, 0, 0, 0). اهو CSS1 ۾ متعارف ٿيو هو ۽ پوءِ مختلف نسخن ۾ ان جو استعمال وڌايو ويو.[23]
ڪيسڪيڊنگ اسٽائيل شيٽ 4 جا رنگ
[سنواريو]سي ايس ايس رنگن جي وضاحت جي چوٿين ليول ۾ ڪيترائي نوان رنگي فارميٽ شامل ڪيا ويا.[24]
انهن ۾ رنگ لکڻ جا نوان طريقا شامل آهن ۽ غير-ايس آر جي بي رنگن وارث جاءِ ۾ رنگ ملائڻ جو تصور پڻ متعارف ڪرايو ويو آهي، جيڪو رنگي گريڊيئنٽ جي مشهور مسئلي کي حل ڪرڻ جي شروعاتي ڪوشش آهي.[24] ان سان گڏ رنگي نظريي ۽ عام عملن جهڙوڪ گيمٽ ميپنگ بابت وضاحتي حصا پڻ شامل ڪيا ويا آهن ته جيئن عملدرآمد ۾ مدد ملي.[24]
ڊوائيس کان آزاد رنگ
[سنواريو]سي ايس ايس رنگ 4 ۾ ڊوائيس کان آزاد رنگ ڏيکارڻ لاءِ مختلف فارميٽ شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي قابل اسڪرين تي ڏيکاري سگهجن ٿا:[25]
اڳواٽ مقرر رنگي جاءِ
[سنواريو]ڪيترائي آر جي بي رنگي جاءِ جيڪي ايس آر جي بي کان وڌيڪ وسيع گيمٽ رکن ٿا، نئين color() فنڪشن ذريعي متعارف ڪرايا ويا:[25]
ٻيا فارميٽ
[سنواريو]21 جون 2014 تي سي ايس ايس ورڪنگ گروپ رنگ ريبيڪا واڱڻائي کي رنگن واري ماڊيول ليول 4 جي مسودي ۾ شامل ڪيو، جيڪو ايريڪ اي. ميئر جي ڌيءَ ريبيڪا جي ياد ۾ رکيو ويو، جيڪا 7 جون 2014 تي پنهنجي ڇهين سالگرهه تي فوت ٿي وئي هئي.[26]
| رنگ | نام | ہیکس (آر جی بی) | سرخ (آر جی بی) |
سبز (آر جی بی) |
نیلا (آر جی بی) |
ہیو (ایچ ایس ایل/ایچ ایس وی) |
ساتور (ایچ ایس ایل) |
روشنی (ایچ ایس ایل) |
ساتور (ایچ ایس وی) |
قدر (ایچ ایس وی) |
|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
| RebeccaPurple | #663399 | 40% | 20% | 60% | 270° | 50% | 40% | 67% | 60% |
سي ايس ايس 4 ۾ ايڇ ڊبليو بي رنگي ماڊل پڻ HSL/HSV جي متبادل طور متعارف ڪرايو ويو.[18]
سي ايس ايس رنگ 5
[سنواريو]سي ايس ايس رنگ 5 جو مسودو رنگن کي ملائڻ ۽ تبديل ڪرڻ لاءِ نئون نحو متعارف ڪرائي ٿو، جنهن ۾ شامل آهن:[27]
color-mix()فنڪشن- Relative color syntax
ڪسٽم رنگي جاءِ پڻ آئي سي سي پروفائل ذريعي استعمال ڪري سگهجن ٿيون، جنهن سان ويب صفحن ۾ سي ايم وائي ڪي استعمال ڪرڻ ممڪن ٿئي ٿو.[27]
ويب محفوظ رنگ
[سنواريو]1990ع واري ڏهاڪي جي وچ ڌاري ڪيترائي ڊسپلي صرف 256 رنگ ڏيکارڻ جي قابل هئا.[28]
جڏهن ڪو رنگ موجود نه هوندو هو ته ويجهو رنگ يا ڊٿرنگ استعمال ڪئي ويندي هئي. ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ 216 رنگن جو هڪ معياري پيلٽ ٺاهيو ويو، جيڪو 6 × 6 × 6 آر جي بي ميلاپ تي ٻڌل هو.
2000ع کان پوءِ ذاتي ڪمپيوٽرن ۾ 256 رنگن وارا ڊسپلي تقريباً ختم ٿي ويا ۽ انهن جي جاءِ 24-بٽ (TrueColor) ڊسپلي وٺي ويا.[29] ان ڪري اڄڪلهه "ويب محفوظ رنگ" گهڻو استعمال نٿا ٿين.
ويب محفوظ رنگن جا معياري نالا نه هوندا آهن، پر انهن کي آر جي بي ٽرپلٽ ذريعي ظاهر ڪري سگهجي ٿو، جتي هر جزو ڇهن قيمتن مان هڪ اختيار ڪندو آهي.
| لفظ | رنگ | ڊيسيمل | ڀاڱو |
|---|---|---|---|
| 0 | 00 | 0 | 0 |
| 3 | 33 | 51 | 0.2 |
| 6 | 66 | 102 | 0.4 |
| 9 | 99 | 153 | 0.6 |
| C (12) | CC | 204 | 0.8 |
| F (15) | FF | 255 | 1 |
رنگن جي جدول
[سنواريو]محفوظ ترين ويب رنگ
[سنواريو]ويب ڊزائنرن کي صلاح ڏني ويندي هئي ته هو انهن 216 "ويب محفوظ رنگن" استعمال ڪن. ڊيوڊ لهن ۽ هيڊلي اسٽرن تحقيق ۾ ٻڌايو ته انهن مان صرف 22 رنگ اهڙا هئا جيڪي 16-بٽ ڊسپلي تي به مڪمل طور محفوظ نموني ڏيکاريا ويندا هئا.[30][31]
رسائي لائق هجڻ
[سنواريو]رنگن جي چونڊ
[سنواريو]ڪجهه برائوزر ۽ اوزار رنگن جي سهائتا نٿا ڪن. اهڙين ڏيکائن لاءِ، يا انڌن ۽ رنگي انڌائپ وارن استعمال ڪندڙن لاءِ، اهو ويب مواد جيڪو رنگن تي ڀاڙي ٿو، استعمال ڪرڻ ڏکيو يا ناممڪن ٿي سگهي ٿو.
يا ته ڪا به رنگي وضاحت نه ڏني وڃي (ته جيئن برائوزر جا طئي ٿيل رنگ لاڳو ٿين)، يا پوءِ پسمنظر ۽ سڀئي پيشمنظر رنگ (جهڙوڪ سادي لکت، اڻ ڏٺل ڳنڍڻيون، مٿان آندل ڳنڍڻيون، سرگرم ڳنڍڻيون ۽ ڏٺل ڳنڍڻيون) سڀ گڏ بيان ڪيا وڃن، جيئن ڪاري تي ڪارو يا اڇي تي اڇو جهڙا اثر پيدا نه ٿين.[32]
رنگي تباين
[سنواريو]ويب مواد جي رسائي لائق هجڻ بابت رهنما اصول سفارش ڪن ٿا ته متن جي نسبتي چمڪ ۽ ان جي پسمنظر رنگ جي وچ ۾ تباين جو تناسب گهٽ ۾ گهٽ 4.5:1 هئڻ گهرجي[33]، يا وڏي لکت لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 3:1. وڌيڪ بهتر رسائي لائق هجڻ لاءِ 7:1 کان وڌيڪ تباين جي ضرورت هوندي آهي.
پر رسائي لائق هجڻ وارن مسئلن کي حل ڪرڻ رڳو تباين جو تناسب وڌائڻ جو معاملو نه آهي. ويب رسائي لائق هجڻ واري شروعات ڏانهن پيش ڪيل هڪ رپورٽ ڏيکاري ٿي ته[34] ڊسلڪسيا وارن پڙهندڙن لاءِ وڌ ۾ وڌ تباين کان گهٽ تناسب وڌيڪ فائديمند هوندو آهي. جيڪي سفارشون اتي ڏنيون ويون آهن، تن موجب هلڪو ڪارو (#0A0A0A) هلڪي اڇاڻ (#FFFFE5) تي ۽ ڪارو (#000000) ڪريم (#FAFAC8) تي استعمال ڪيو وڃي؛ انهن جو تباين تناسب ترتيبوار 11.7:1 ۽ 20.3:1 آهي. انهن جي ٻين رنگي جوڙن مان، ڀورو (#282800) ڳاڙهي سائي (#A0A000) تي 3.24:1 جو تباين رکي ٿو، جيڪو ڊبليو سي اي جي جي سفارش کان گهٽ آهي؛ اونداهو ڀورو (#1E1E00) هلڪي سائي (#B9B900) تي 4.54:1 آهي، ۽ نيرو (#00007D) پيلو (#FFFF00) تي 11.4:1 آهي. رپورٽ ۾ جن رنگن جا نالا ڏنا ويا آهن، انهن جون قيمتون ساڳئي نالن وارن ويب رنگن کان مختلف آهن.
پڻ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ Niederst Robbins, Jennifer (February 2006). "Appendix D: Specifying Color". Web Design in a Nutshell. O'Reilly. ص. 830. ISBN 978-0-596-00987-8.
- ↑ York, Richard. Beginning CSS, pp. 71–72.
- ↑ Pemberton, Steven; Pettit, Brad (7 June 2011). Çelik, Tantek; Lilley, Chris; Baron, L. David (مرتب). "CSS Color Module Level 3". W3C. section 4.2.1. RGB color values.
- ↑ Sharma, Gaurav; Bala, Raja (19 December 2017). Digital Color Imaging Handbook (انگريزي ۾). CRC Press. ISBN 978-1-4200-4148-4.
- ↑ Pemberton, Steven; Pettit, Brad (7 June 2011). Çelik, Tantek; Lilley, Chris; Baron, L. David (مرتب). "4.2.1. RGB color values". CSS Color Module Level 3. W3C. 19 March 2013 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 "CSS Color Module Level 3". W3c. 19 July 2020 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Powell, Thomas A. (2010). HTML & CSS: The Complete Reference, Fifth Edition. New York: McGraw-Hill. ص. 765. ISBN 9780071741705.
- ↑ "HTML 4.01 Specification | Basic HTML data types | Colors". W3C. 8 July 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Raggett, Dave. "HTML 3.2 Reference Specification | The BODY element". W3C. 8 July 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Lilley, Chris (24 Apr 2002). "Re: color names in SVG-1.0 conflict with /usr/lib/X11/rgb.txt". W3C Public mailing list archives. 8 July 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Pemberton, Steven; Pettit, Brad (7 June 2011). Çelik, Tantek; Lilley, Chris; Baron, L. David (مرتب). "4.3. Extended color keywords". CSS Color Module Level 3. W3C. 19 March 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Scalable Vector Graphics (SVG) 1.1 (Second Edition) | Basic Data Types and Interfaces | Recognized color keyword names". W3C. 16 August 2011. 1 Feb 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "The X11 Color Set". Computing and Networking in HSEAS. اصل نسخو مان Jul 14, 2014 تي محفوظ ڪيل. 6 July 2014 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Brian Wilson. "Colors in HTML and CSS". blooberry.com. 6 July 2014 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "CSS 2.1 Specification: Syntax and basic data types: Colors". W3C. 8 September 2009. 21 December 2009 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "CSS Color Module Level 3 – Proposed Recommendation - 11. Changes". W3C. 28 October 2010. 6 July 2014 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "CSS3 module: Color | Working Draft". W3C. 18 April 2002. 6 July 2014 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 "CSS Color Module Level 4 – Named Colors".
- ↑ "User interface – System colors". W3C. 8 July 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Pemberton, Steven; Pettit, Brad (7 June 2011). Çelik, Tantek; Lilley, Chris; Baron, L. David (مرتب). "4.5.1. CSS2 system colors". CSS Color Module Level 3. W3C. 19 March 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "CSS3 Basic User Interface Module | System Appearance". W3C. 8 July 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Çelik, Tantek, مرتب (17 January 2012). "List of substantial changes". CSS Basic User Interface Module Level 3. W3C. 19 March 2013 تي حاصل ڪيل.
System Appearance has been dropped, including appearance values & property, and system fonts / extension of the 'font' property shorthand.
- 1 2 Pemberton, Steven; Pettit, Brad (7 June 2011). Çelik, Tantek; Lilley, Chris; Baron, L. David (مرتب). "4.2.4. HSL color values". CSS Color Module Level 3. W3C. 19 March 2013 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 3 "CSS Color Module Level 4". W3C. 2022-03-14 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 "CSS Color Module Level 4: Overview". W3C. 2022-01-11 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Glazman, Daniel (21 June 2014). "Re: [CfC] adding 'rebeccapurple' to CSS Color Level 4". Post to www-style mailing list. W3C. 24 June 2014 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 CSS Color Module Level 5
- ↑ Jenkins, Sue (2012-12-27). Web Design All-in-One For Dummies (انگريزي ۾). John Wiley & Sons. ISBN 9781118404119.
- ↑ "Browser Display Statistics". W3Schools. 8 July 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Lehn, David; Stern, Hadley. "Death of the Websafe Color Palette?". asc.ohio-state.edu. اصل نسخو مان 3 March 2021 تي محفوظ ڪيل. 3 March 2021 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Piperoglou, Stephanos (December 13, 2000). "Web Color Reference - HTML with Style | 4". WebReference. اصل نسخو مان 23 November 2016 تي محفوظ ڪيل. 2016-01-05 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "If You Pick One Color, Pick Them All". W3C. 8 July 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ WCAG 2.0 guideline 1.4
- ↑ Optimal Colors to Improve Readability for People with Dyslexia