مواد ڏانھن هلو

ويانچان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ويانچان
Vientiane
ວຽງຈັນ
ນະຄອນຫຼວງ​ວຽງຈັນ​
ڦا ٿئٽ لوانگ (ٻڌ اسٽوپا)
ويانچان جو ڏيک
واٽ سي ساڪيٽ (ٻڌ خانقاهه)
ٻڌ جي مجسمي جو پارڪ
واٽ سي موانگ (ٻڌ خانقاهه)
Map
ويانچان is located in Laos
ويانچان
ويانچان
ويانچان is located in Asia
ويانچان
ويانچان
Coordinates: 17°59′N 102°38′E / 17.98°N 102.63°E / 17.98; 102.63
ملڪ لائوس
پريفيڪچرويانچان صوبو
Settledنائين صدي عيسوي ۾ [1]
Government
  ميئراٿسڦانگٿونگ سيڦانڊون
  آبادي840,940 (2023)
Area
  ڪل
3,920 km2 (1,510 sq mi)
Elevation
174 m (571 ft)
Population
 (2023[2])
  ڪل
840,940
  Density215/km2 (556/sq mi)
Time zoneUTC+7 (ICT)

ويانچان، وي_ان_چان (انگريزي: Vientiane؛ لاؤ ٻولي: ວຽງຈັນ، وياڱچاڱ، يعني صندل جو شهرلاؤس جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شهر، ٿائيلينڊ جي سرحد تي ميڪونگ نديءَ جي ڪناري تي واقع آهي ۽ ان ۾ وينچن صوبي جا پنج شهري ضلعا شامل آهن. سال 2023ع جي مردم شماري جي مطابق ان جي آبادي 8,40,000 هئي. سال 1563ع ۾ ليانچان جي بادشاهت جي گاديءَ جي طور تي قائم ڪيل، ويانچان فرانس جي ڌاڙيل حڪمراني دوران انتظامي مرڪز طور ڪم ڪيو ۽ اڃا تائين ٻڌمت جي نشانين، جهڙوڪ "ڦا ٿئٽ لوانگ"، ٻڌمت جي قومي علامت ۽ "ها ڦرا کيو"، زمرد سان ٺهيل گوتم ٻڌ جو مجسمي جو اصل ماڳ، جتي اها 18هين صدي تائين رکيل هو ۽ پوء ٿائيلينڊ منتقل ڪيو ويو)، اهو نوآبادياتي دور جي فن تعمير کي برقرار رکي ٿو.

شهر انفراسٽرڪچر جي منصوبن، جهڙوڪ لاؤس-چين ريلوي (LCR)، ذريعي علائقائي رابطي تي زور ڏيندي، لاؤس جي سياسي، اقتصادي ۽ نقل و حمل جي مرڪز (Hub) طور ڪم ڪري ٿو. لاؤس-چين ريلوي منصوبو، جيڪو چين جي "بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو" جو هڪ جزو هو، سان ويئنچان کي خارج ڪندي، هاڻ چين جي شهر، ڪنمنگ کي ميڪونگ ريلوي پل ذريعي ٿائيلينڊ جي ريلوي نيٽ ورڪ سان ڳنڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.[3]

نالي جو اصل

[سنواريو]

شهر جي نالي لاءِ فرانسيسي اسپيلنگ "ويئنشيان" (Vientiane)، لاؤ ٻولي جي نالي، "وياڳچان" (Viangchan) مان نڪتل آهي.[4] نالو اڳ ۾ لاؤ ۾ "وياڳچانڊ" (ວຽງຈັນທນ໌، ٿائي: เวียงจันทน์) لکيو ويندو هو، ڪڏهن ڪڏهن صرف "وياڳنڊ" (ວຽງຈັນ). لاؤ ٻولي ۾، "وياڳ" (ວຽງ)، معني "ڀتين وارو شهر"، ۽ "چنڊ" (ຈັນ، اڳ ۾ ຈັນທນ໌) سنسڪرت جي لفظ "چنڊانا" جو لائو متبادل، يعني "صندل جي ڀتين وارو شهر"، جڏهن ته ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته اهو لفظ سنسڪرت جي لفظ، "چندرانا" سان آهي، جيڪا "چنڊ جي ڀتن واري شهر" ڏانهن اشارو ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته لفظ "ڇڳ"، چنڊ جي نمائندگي ڪري سگهي ٿو ۽ اهو اڳ ۾ لکڻ ۾ "چندرا" (ຈັນທຣ໌) جي نالي سان ممتاز هو.[5] [6] ٻين يورپي اچارن ۾ "ويئنچن" ۽ "ويانگچان" شامل آهن.[7]

تاريخ

[سنواريو]
بان ٿا ليٽ، مون لکت (9هين صدي عيسوي). اهو 1968ع ۾ هڪ اهڙي علائقي ۾ مليو هو جتي آثار قديمه جا ٻيا ٽڪرا مون نسل جي موجودگي جي شاهدي ڏين ٿا. اهو پوء "هو ڦرا ڪيو ميوزيم" ويانچان، لاوس ۾ رکيو ويو آهي.[8][9]
ڦرا ٿيٽ ڪيو ۾ گوتم ٻڌ جا مجسما
ها ڦرا ڪيو يا زمرد کان ٺهيل گوتم ٻڌ جي مجسمي وارو مندر

دواراوتي شهري بادشاھتون

[سنواريو]

ڇهين صدي عيسويءَ تائين چاؤ ڦر رايا ندي جي وادي جي اتر ۾، مون قومون دواراوتي بادشاهتون ٺاهڻ لاءِ گڏ ٿي ويون هيون. هري پنجايا (لمڦون) دواراوتي جي مقابلي ۾ طاقت طور اڀري آئي. اٺين صدي عيسويءَ تائين مون اتر طرف ڌڪي "فا ڊائٽ" (اتر اوڀر ٿائيلينڊ) ۾، لاؤس جي ٿا ڪيڪ جي ويجهو، سري گوٽاپورا (سخوٽابونگ)، موانگ سو (لوانگ پرابانگ) ۽ چنتاباري (ويانچان)، جي شهري رياستون ٺاهڻ لاءِ زور ڏنو.اٺين صدي عيسويءَ ۾ سري گوٽاپورا (سخوٽابونگ) "انهن شروعاتي شهري رياستن مان سڀ کان مضبوط هئي ۽ وچين ميڪانگ جي علائقي ۾ واپار کي ڪنٽرول ڪيو. هي رياستون سياسي طور تي ڍڪيل، پر ثقافتي طور تي هڪجهڙائي واري هيون ۽ سڄي علائقي ۾ سري لنڪا جي مشنرين پاران ٿراوڙا ٻڌمت کي متعارف ڪرايو ويو.[10][11]

کمير تسلط

[سنواريو]

ويانچان نالي جو حوالو "ڊو انهه وو" جي ويٽنامي لکت تي ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيڪو 1159ع جو آهي ۽ کمير-ويٽنامي تڪرار جي دوران لکيو ويو. لکت ۾ چيو ويو آهي ته؛

"سال 1135ع ۾، کمير سلطنت جي هڪ باجگذار رياست، واندو انهه(ويانچان)جو سردار، زينلا، ڱيان انهه(ويٽنامي علائقي) تي حملو ڪيو، جنکي ڊوڪا پاران پوئتي ڌڪيو ويو. ڊوڪا هڪ فوج جي اڳواڻي ڪندي، حملا آورن جو"ووانهه" تائين پيڇو ڪيو ۽ پوء کمير قيدين سان گڏ موٽيو."[12]

لانچان ۽ فرانسيسي نوآبادياتي راڄ

[سنواريو]

سال 1354ع ۾ جڏهن "ڦا ڱم" لانچان جي بادشاهت[13] قائم ڪيو، ويانچان انتظامي شهر بڻجي ويو ۽ با1دشاهه سيٿاٿيراٿ برما جي ڌاڙيل جي حملن کان بچاء لاء، هن کي سرڪاري طور تي لانچان جي گاديءَ جو هنڌ قرار ڏنو.[14]

فرانسيسي نوآبادياتي حڪمراني دوران، ويٽنامي ماڻهن کي لاؤس ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ جي ترغيب ڏني وئي. جنهن جي نتيجي ۾، سال 1943 ۾ وينچان جي آبادي ۾ ويٽنامي ماڻھن جو حصو 53 سيڪڙي تائين پهتي ويو.[15] 1945ع جي آخر ۾، فرانسيسي سامراج پاران ويٽنامي آبادي کي ٽي اهم علائقن؛ ويانچان ميداني علائقي، سواناڪيٿ علائقي ۽ بولاوين پليٽيو جي علائقي ڏانهن منتقل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو، جيڪو پوء انڊوچائنا تي جاپاني حملي جي ڪري عمل ۾ نه آيو.[16] مارٽن اسٽوارٽ-فاڪس جي مطابق، جيئن ته هي منصوبو لاڳو ٿيڻ ۾ ڪيو ويو ته لاؤ ماڻهو پنهنجي ملڪ تي ڪنٽرول وڃائي سگهندا هئا.[17]

ٻئي مهاڀاري جنگ دوران، ويانچان تي، ساڪو ماسانوري جي ڪمانڊ هيٺ، جاپاني فوج شھر تي قبضو ڪيو.[18] 9 مارچ، 1946ع تي فرانس پنهنجي ڇاتا فوج هتان اتاريو ۽ 24 اپريل، 1946ع تي شهر تي ٻيهر فرانس جو قبضو ٿي ويو.[19]

آزادي

[سنواريو]

جيئن ته شاهي لاؤ حڪومت ۽ پاٿيٽ لاؤ حريت پسندن جي وچ ۾ لاؤشيائي گهرو ويڙهه شروع ٿيو، وينچان جو شهر "غير مستحڪم" ٿي ويو. آگسٽ 1960ع ۾، ڪانگ لي گاديءَ تي قبضو ڪيو ۽ سووانا ڦوما کي وزيراعظم بڻائڻ لاء زور ڏنو. ڊسمبر ۾، ڦومي نوساوان گاديءَ تي قبضو ڪرڻ کانپوء، ڦوما حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ۽ بون اوم کي وزيراعظم طور مقرر ڪيو. سال 1975ع ۾، پاٿيٽ لاؤ فوجون شهر ڏانهن وڌيون ۽ آمريڪن گاديءَ کي خالي ڪرڻ شروع ڪيو. 23 آگسٽ، 1975ع تي، 50 پاٿيٽ لاؤ عورتن جي هڪ ٽولي علامتي طور تي شهر کي فرانسيسي ۽ آمريڪي سامراجين کان آزاد ڪرايو.[20]

موسم ۽ آبهوا

[سنواريو]
موسمي رڪارڊ : Vientiane (1991–2020, extremes 1907–)
مھينو جنور: فبرو: مارچ اپريل مئي جون جولاء آگسٽ سيپ: آڪٽو: نومبر ڊسمبر سال
وڌ ۾ وڌ رڪارڊ°C (°F) 36.0
(96.8)
38.0
(100.4)
40.2
(104.4)
42.6
(108.7)
42.5
(108.5)
39.5
(103.1)
38.2
(100.8)
37.8
(100)
37.5
(99.5)
36.8
(98.2)
36.0
(96.8)
36.0
(96.8)
42.6
(108.7)
اوچي پد جي
سراسري°C (°F)
29.0
(84.2)
31.0
(87.8)
33.4
(92.1)
34.8
(94.6)
33.6
(92.5)
32.6
(90.7)
31.8
(89.2)
31.4
(88.5)
31.7
(89.1)
31.7
(89.1)
30.8
(87.4)
28.9
(84)
31.7
(89.1)
روزاني سراسري°C (°F) 22.9
(73.2)
24.8
(76.6)
27.4
(81.3)
29.1
(84.4)
28.7
(83.7)
28.4
(83.1)
27.9
(82.2)
27.6
(81.7)
27.6
(81.7)
27.2
(81)
25.5
(77.9)
22.9
(73.2)
26.7
(80.1)
گھٽ پد جي
سراسري°C (°F)
18.2
(64.8)
19.3
(66.7)
21.7
(71.1)
24.2
(75.6)
25.0
(77)
25.4
(77.7)
25.3
(77.5)
25.0
(77)
24.6
(76.3)
23.9
(75)
21.5
(70.7)
19.2
(66.6)
22.8
(73)
گھٽ ۾ گھٽ
رڪارڊ°C (°F)
2.4
(36.3)
7.6
(45.7)
11.7
(53.1)
13.8
(56.8)
19.1
(66.4)
20.0
(68)
19.5
(67.1)
20.0
(68)
18.8
(65.8)
12.9
(55.2)
8.9
(48)
5.0
(41)
2.4
(36.3)
سراسري پرسپييئيشن mm (انچ) 7.4
(0.291)
16.8
(0.661)
43.8
(1.724)
89.4
(3.52)
225.6
(8.882)
263.8
(10.386)
299.8
(11.803)
340.8
(13.417)
265.0
(10.433)
87.4
(3.441)
15.4
(0.606)
5.0
(0.197)
1,663.2
(65.48)
سراسري مينھن
(≥ 1.0 mm)
2 2 5 7 15 18 20 21 17 8 2 1 119
نسبتي گھم جي سراسري

(%)

70 68 66 69 78 82 82 84 83 78 72 70 75
اس جي ماھوار
وقت جي سراسري
221.0 214.7 209.2 213.9 188.8 140.7 116.0 124.3 157.7 209.5 225.3 224.9 2,246
Source #1: World Meteorological Organization,[21] Deutscher Wetterdienst (extremes 1907–1990),[22] Pogoda.ru.net,[23] The Yearbook of Indochina (1939–1940)[24]

ذريعو #2: NOAA (humidity 1961–1990),[25] Extreme Temperature Around The World [26]

سياحت

[سنواريو]
پتوسائي محراب کان وينچان جو ڏيک

راڄڌاني پنهنجي مندرن ۽ بدھ يادگارن جي ڪارڻ سياحن لاء ڪشش جو شهر آھي. هڪ پرڪشش مقام "فا ٿاٽ لوانگ"، لاوس جو هڪ قومي ثقافتي يادگار ۽ ان جي اسٽوپا مان هڪ، اصل ۾ 1566ع ۾ بادشاهه سيٿاٿرٿ پاران تعمير ڪيو ويو هو ۽ 1953ع ۾ هن کي ٻيهر بحال ڪيو ويو. سون جو اسٽوپا 45 ميٽر (148 فوٽ) بلند آهي ۽ اهو خيال آهي ته گوتم ٻڌ جا يادگار پهريان هتان اي هئا.[27]

  • وات سي موانگ، هڪ کمير هندو مندر جي کنڊرن تي ٺهيل آهي، جنھن جا باقيات آرڊينيشن هال جي پويان اڃان به ڏسجي سگهن ٿا.[28] اهو سال 1563ع ۾ ٺاهيو ويو هو. هن مندر جي سامهون راجا سيساوانگ جو مجسمو بيٺل آهي.[29]
وات سي موانگ
ٻڌا پارڪ
  • ٻڌا پارڪ، 1958ع ۾ لوانگ پو بنليوا سليلات پاران تعمير ڪيو ويو، ان ۾ باغن ۽ وڻن جي وچ ۾ پکڙيل، ٻڌ ۽ هندو مجسمن جو هڪ مجموعو موجود آهي. هي پارڪ ويانچان کان 28 ڪلوميٽر (17 ميل) ڏکڻ ۾ ميڪونگ نديءَ جي ڪناري تي آهي.[30]
  • پٽوڪسائي، يادگاري محراب، جيڪا 1957ع ۽ 1968ع جي وچ ۾ فرانسيسين پاران ٺاهي وئي، شهر جي هڪ پهچان آهي.[31]

ٻين ماڳن ۾؛

  • ها ڦرا کيو، هڪ اڳوڻو مندر، پوء هڪ عجائب گھر ۾ تبديل ڪيو ويو.
  • لاؤ نيشنل ميوزيم
  • ڪيسون ڦوموهاني عجائب گهر
  • تلات ساؤ، هڪ صبح جو بازار
  • ٿائي ڊام، هڪ وڏو اسٽوپا
  • وات اونگ تيو مهاويهان، هڪ ٻڌ خانقاه
  • وات سري چومڦو آونگ ٽيو، هڪ ٻڌ مندر
  • وات سي ساڪيٽ، ٻڌ وات
  • وات سوڪ پا لوانگ، هڪ ٻڌ مندر.
  • سيٿا پيلس هوٽل، 1932 ۾ قائم ٿيو.
  • سانجياڱ مارڪيٽ

تعليم

[سنواريو]

لاؤس جي يونيورسٽي، ملڪ جي ٽي يونيورسٽين مان هڪ، ويانچان ۾ آهي.

  • بين الاقوامي اسڪولن ۾ شامل آهن:
  • وينٽين انٽرنيشنل اسڪول
  • لائسي فرانس انٽرنيشنل ڊي ويانچان، جوسو-هوفيٽ (فرانسيسي ميڊيم)
  • ويانچان ۾ روسي سفارتخاني جو اسڪول

نشريات

[سنواريو]
  • لاؤ نيشنل ريڊيو وٽ هڪ وچولي لهر ٽرانسميٽر آهي جنهن ۾ 277 ميٽر گائيڊ ماسٽ 18°20′33″ اتر 102°27′01″ اوڀر تي آهي.
  • چائنا ريڊيو انٽرنيشنل (CRI) FM 93.0.

معيشت

[سنواريو]

وينٽين پرڏيهي سيڙپڪاري مان معاشي ترقي جو تجربو ڪيو آهي. سال 2011ع ۾، هڪ اسٽاڪ ايڪسچينج ڏکڻ ڪوريا جي تعاون سان ٻن لسٽ ٿيل ڪمپنين جي اسٽاڪ سان کوليو ويو.

ٽرانسپورٽ

[سنواريو]

پبلڪ ٽرانسپورٽ

[سنواريو]
ويئنچان ۾ پراڻين ٽيڪسين کي نئين چين جي ٺهيل ڪارن سان تبديل ڪيو ويو آهي، جهڙوڪ هي سوئيسٽ لائنسل.[32]

ويئنچان بس اسٽيشن کي ملڪ جي باقي حصي سان ڳنڍيندڙ باقاعده بس سروسون موجود آهن. شهر جي اندريان چوڌاري باقاعده بس سروسون "ويئنچان ڪيپيٽل اسٽيٽ بس انٽرپرائز" پاران مهيا ڪيون وينديون آهن.[33]

ريلوي

[سنواريو]

هڪ ميٽر گيج ريلوي لنڪ (پل جي مٿان) جو باضابطه افتتاح 5 مارچ، 2009ع تي ڪيو ويو. اها اڳ ۾ ٿانالڱ ريلوي اسٽيشن، ڊونگڦوسي ڳوٺ، ويئنچان صوبو، ويئنچان کان 20 ڪلوميٽر اوڀر ۾، تي ختم ٿيندو هو.[34] [35] نومبر، 2010ع تائين، لاؤس جا عملدار اسٽيشن کي مال بردار ٽرينن لاءِ ڪارگو ريل ٽرمينل ۾ تبديل ڪرڻ جو ارادو رکندا هئا، جيڪا ڪارگو کي بينڪاڪ کان لاؤس تائين، روڊ کان وڌيڪ سستو، پهتائي سگھي ٿو.[36]

بوٽين- ويئنچان ريلوي (ڪڏهن ڪڏهن چين-لاؤس ريلوي يا لاؤس-چائنا ريلوي جي نالي سان پڻ حوالو ڏنو ويندو آهي)، ويئنچان ۽ چين جي سرحد تي بوٽين شهر جي وچ ۾ هلندڙ، هڪ 414 ڪلوميٽر (257 ميل) تنگ گيج جي ريلوي لائين آهي. لائين کي سرڪاري طور تي 3 ڊسمبر، 2021ع تي کوليو ويو.[37]

فضائي ٽرانسپورٽ

[سنواريو]

ويئنچان وٽئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ، فضائي خدمتون فراهم ڪري ٿو، جنهن ۾ ٻين ايشيائي منزلن جهڙوڪ سنگاپور، هانگ ڪانگ، ملائيشيا، ٿائيلينڊ، ڏکڻ ڪوريا، جاپان ۽ چين سان بين الاقوامي رابطا شامل آهن. لاؤ ايئر لائنز ملڪ ۾ ملڪي منزلن لاءِ باقاعده پروازون رکي ٿي، جنهن ۾ لوانگ پرابانگ لاءِ روزانو پروازون شامل آهن ۽ ٻين ملڪي منزلن لاءِ هفتيوار پروازون پڻ شامل آهن.[38]

صحت جي سار سنڀال

[سنواريو]
  • "سينٽر ميڊيڪل ڊي ايل ايمبيسيڊر ڊي فرانس" لاوس ۾ پرڏيهي برادري لاءِ دستياب آهي. مهوسوٽ اسپتال بيمارين جي علاج ۽ تحقيق ۾ هڪ مقامي اسپتال آهي ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي سان ڳنڍيل آهي.
  • سال 2011ع ۾ "الائنس ڪلينڪ" ايئرپورٽ جي ويجهو کوليو ويو، جيڪو ٿائيلينڊ جي اسپتالن سان ڳنڍيل آهي.
  • "سيٿاٿريٽ انٽرنيشنل ڪلينڪ" ۾ پرڏيهي ڊاڪٽر آهن.
  • هڪ مفت، ايمبولينس سروس "ويانچان ريسڪيو" پاران فراهم ڪئي وئي آهي، جيڪا سال 2010ع ۾ قائم ڪيل رضاڪارن پاران هلائي ويندڙ بچاءُ سروس آهي.

پڻ ڏسو

[سنواريو]

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. Lao Statistics Bureau (21 October 2016). "Results of Population and Housing Census 2015" (PDF). Archived from the original on 30 June 2020. Retrieved 8 January 2018.
  2. Vientiane Capital
  3. "The World According to GaWC 2020". GaWC - Research Network. Globalization and World Cities. Archived from the original on 24 August 2020. Retrieved 31 August 2020.
  4. Askew, Marc; Long, Colin; Logan, William (2006) (en ۾). Vientiane: Transformations of a Lao Landscape. Routledge. pp. 15, 46. ISBN 978-1-134-32365-4. https://books.google.com/books?id=DNJ_e6FKjrwC&q=vientiane+sandalwood+moon&pg=PA46. Retrieved 22 November 2020.
  5. Askew, Marc; Long, Colin; Logan, William (2006) (en ۾). Vientiane: Transformations of a Lao Landscape. Routledge. pp. 15, 46. ISBN 978-1-134-32365-4. https://books.google.com/books?id=DNJ_e6FKjrwC&q=vientiane+sandalwood+moon&pg=PA46. Retrieved 22 November 2020.
  6. Goscha, Christopher E.; Ivarsson, Søren (2003). Contesting Visions of the Lao Past: Laos Historiography at the Crossroads. NIAS Press. pp. 34 n.62, 204 n.18. ISBN 978-87-91114-02-1. https://books.google.com/books?id=u9LzLvtbxmkC&q=vientiane+sandalwood+moon&pg=PA205. Retrieved 22 November 2020.
  7. "Definition of 'Viangchan'". Collins English Dictionary. Glasgow: HarperCollins. Archived from the original on 11 June 2019. Retrieved 11 June 2019. Viangchan in British. (ˌwiːɛŋˌtæn). noun: another spelling of Vientiane
  8. Lorrillard, Michel (12 November 2019), The Diffusion of Lao Scripts (PDF), p. 6, archived (PDF) from the original on 20 September 2021, retrieved 26 February 2021
  9. Mon inscription in Laos, archived from the original on 7 March 2021, retrieved 26 February 2021
  10. Maha Sila Viravond. "HISTORY OF LAOS" (PDF). Refugee Educators' Network. Archived (PDF) from the original on 3 April 2020. Retrieved December 29, 2017.
  11. Martin Stuart-Fox (6 February 2008), Historical Dictionary of Laos, Scarecrow Press, p. 328, ISBN 9780810864115, archived from the original on 24 January 2023, retrieved 26 February 2021
  12. Taylor, K. W. (1995). Essays Into Vietnamese Pasts. Cornell University Press. ISBN 978-1-501-71899-1.
  13. Coedès, George (1968). Walter F. Vella. ed. The Indianized States of Southeast Asia. trans.Susan Brown Cowing. University of Hawaii Press. ISBN 978-0-8248-0368-1.
  14. "Vientiane marks 450 years anniversary". Archived from the original on 16 August 2011. Retrieved 18 July 2015.
  15. Stuart-Fox, Martin (1997). A History of Laos. Cambridge University Press. p. 51. ISBN 978-0-521-59746-3. https://books.google.com/books?id=8VvvevRkX-EC&pg=PA51. Retrieved 30 June 2020.
  16. Stuart-Fox, Martin (1997). A History of Laos. Cambridge University Press. p. 51. ISBN 978-0-521-59746-3. https://books.google.com/books?id=8VvvevRkX-EC&pg=PA51. Retrieved 30 June 2020.
  17. Stuart-Fox, Martin (1997). A History of Laos. Cambridge University Press. p. 51. ISBN 978-0-521-59746-3. https://books.google.com/books?id=8VvvevRkX-EC&pg=PA51. Retrieved 30 June 2020.
  18. "Far East and Australasia". Archived from the original on 21 November 2010. Retrieved 25 November 2010.
  19. Stuart-Fox, Martin (2002). "Laos: History". The Far East and Australasia 2003. Regional surveys of the world. Psychology Press. pp. 735–742. ISBN 9781857431339. https://books.google.com/books?id=e5Az1lGCJwQC&pg=PA736. Retrieved 2023-02-20.
  20. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named autogenerated1
  21. "World Meteorological Organization Climate Normals for 1991–2020". World Meteorological Organization. Archived from the original on 16 July 2021. Retrieved 2 August 2023.
  22. "Klimatafel von Vientiane (Viangchan) / Laos" (PDF). Baseline climate means (1961–1990) from stations all over the world (in جرمن). Deutscher Wetterdienst. Archived (PDF) from the original on 5 March 2020. Retrieved 23 January 2016.
  23. КЛИМАТ УЛАН-БАТОРА (in روسي). Pogoda.ru.net. Archived from the original on 16 November 2023. Retrieved 4 January 2015.
  24. "The Yearbook of Indochina (1939-1940)" (PDF). Archived (PDF) from the original on 16 June 2023. Retrieved 16 June 2023.
  25. "Vientiane Climate Normals 1961–1990". National Oceanic and Atmospheric Administration. Archived from the original on 2020-07-17. Retrieved 29 November 2013.
  26. "January record low" (in انگريزي). Retrieved 3 July 2023.
  27. Lao National Tourism Administration – Tourist Sites in Vientiane Capital آرڪائيو ڪيا ويا 23 July 2011 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  28. "Wat Si Muang". Archived from the original on 10 February 2008. Retrieved 18 July 2015.
  29. "Wat Si Muang". Archived from the original on 10 February 2008. Retrieved 18 July 2015.
  30. "Buddha Park – Vientiane – Laos – Asia for Visitors". Archived from the original on 1 June 2015. Retrieved 18 July 2015.
  31. Lao National Tourism Administration – Tourist Sites in Vientiane Capital آرڪائيو ڪيا ويا 23 July 2011 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  32. Matthias Gasnier (13 August 2012). "Laos 2012 Update: Chinese models keep spreading". bestsellingcarsblog.com. Archived from the original on 7 December 2013. Retrieved 10 November 2013.
  33. "Timetables". Vientiane Capital State Bus Enterprise. VCSBE. Archived from the original on 1 June 2015. Retrieved 8 December 2014.
  34. "Inaugural train begins Laos royal visit". Railway Gazette International. 5 March 2009. Archived from the original on 22 July 2010. https://web.archive.org/web/20100722164527/http://www.railwaygazette.com/news/single-view/view/10/inaugural-train-begins-laos-royal-visit.html. Retrieved 2 August 2025.
  35. Andrew Spooner (27 February 2009). "First train to Laos". The Guardian. https://www.theguardian.com/travel/2009/feb/26/first-train-laos-thailand-rail.
  36. Rapeepat Mantanarat (9 November 2010). "Laos rethinks rail project". TTR Weekly. Archived from the original on 5 February 2013. https://archive.today/20130205005950/http://www.ttrweekly.com/site/2010/11/laos-rethinks-rail-project/. Retrieved 2 August 2025.
  37. "中老铁路今日通车-图片新闻-中华人民共和国交通运输部". www.mot.gov.cn. Archived from the original on 3 December 2021. Retrieved 2021-12-03.
  38. "Route Map". Lao Airlines. Archived from the original on 1 August 2017. Retrieved 8 December 2014.