مواد ڏانھن هلو

ونگو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ونگو:


ونگو جنهن کي ڇاڇري ۽ ننگرپارڪر تعلقن ۾ ڪانڪهه چوندا آهن. سو قد ۾ ننڍو وڻ آهي ۽ بلڪل بيڪار وڻ آهي. سندس پن چهچ ساوا ۽ گهاٽا ٿيندا آهن ۽ مينڌيءَ جي پنن وانگر شڪل اٿن مگر مينديءَ جي پنن کان وڏيرا ٿين ٿا. هن وڻ ۾ هڪ قسم جو ڦل پڻ ٿئي ٿو جو پيرونءَ جيڏو ٿئي ٿو. مگر پيرون چلڪڻا ۽ رس سان ڀريل ٿيندا آهن ۽ هي چلڪڻا نه هوندا آهن. هي ڦل جا داڻا ڳاڙهي رنگ جا ٿين ٿا ۽ بلڪل گهاٽا ڇڳا هوندا آهن. بعضي ڪي پکي انهن کي کائين ٿا نه ته جانورن مان سواءِ ٻڪريءَ جي ٻيو ڪو به جانور هن وڻ ۾ وات ڪو نه وجهي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب:سير ريگستان؛ ليکڪ: محمد اسماعيل عرساڻي؛ايڊيشن: 1976؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو