مواد ڏانھن هلو

وفا پلي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ولي محمد وفا پلي (Wali Mohammad Wafa Pali) غزل جي مشهور شاعر جو اصل نالو ولي محمد ولد خانصاحب عطا محمد پلي آهي. هن 7 ڊسمبر 1944ع تي ڳوٺ خان صاحب عطا محمد پلي، ضلعي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو.

تعليم

[سنواريو]

هن جي تعليم سنڌي فائنل ۽ اديب سنڌي آهي.

ادبي سفر

[سنواريو]

ولي محمد ’وفا‘ همعصر دؤر جو هڪ پختو شاعر آهي. شاعريءَ ۾ ڪافيون ۽ غزل سندس پسند جون صنفون آهن. هي خاص ڪري غزل ۾ پنهنجو منفرد لهجو، اسلوب ۽ گهاڙيٽو رکي ٿو. کيس نامور فنڪارن عابده پروين، استاد غلام قادر، سينگار علي سليم ۽ شفيع فقير خاص طور ڳايو آهي. ولي محمد وفا، پيشي جي لحاظ سان زميندار آهي. هن وٽ به پنهنجي ڀاءُ عبدالڪريم پليءَ وانگر اديبن ۽ شاعرن جون هميشه محفلون متل هونديون آهن.

شاعري

[سنواريو]
  1. لونءَ لونءَ منجهہ لغار (1962ع)
  2. درد هزارين هڪڙي دل (1 جنوري، 2001ع)

وفات

[سنواريو]

وفا پلي، 17 اپريل 2019ع تي ڊگهي بيماريءَ کان پوءِ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو.[1]

مڃتا

[سنواريو]
  • 2004ع سنڌي غزل جو بادشاھ شاعر (سنڌي ادبي سنگت، سنڌ)[2]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN 978-969-9098-40-6) سال: 2011
  2. "ولي محمد وفا پلي : سنڌي غزل جو بادشاهه شاعر", سنڌ سلامت فورم, 17 فيبروري 2012, حاصل ڪيل 27 سيپٽمبر 2025۔