وفا پلي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

وفا پلي غزل جي مشهور شاعر جو اصل نالو ولي محمد ولد خانصاحب عطا محمد پلي آهي. هن 7 ڊسمبر 1944ع تي ڳوٺ خان صاحب عطا محمد پلي، ضلعي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو.

تعليم[سنواريو]

هن جي تعليم سنڌي فائنل ۽ اديب سنڌي آهي.

ادبي سفر[سنواريو]

ولي محمد ’وفا‘ همعصر دؤر جو هڪ پختو شاعر آهي. شاعريءَ ۾ ڪافيون ۽ غزل سندس پسند جون صنفون آهن. هي خاص ڪري غزل ۾ پنهنجو منفرد لهجو، اسلوب ۽ گهاڙيٽو رکي ٿو. کيس نامور فنڪارن عابده پروين، استاد غلام قادر، سينگار علي سليم ۽ شفيع فقير خاص طور ڳايو آهي. ولي محمد وفا، پيشي جي لحاظ سان زميندار آهي. هن وٽ به پنهنجي ڀاءُ عبدالڪريم پليءَ وانگر اديبن ۽ شاعرن جون هميشه محفلون متل هونديون آهن.

ڪتاب[سنواريو]

ولي محمد وفا جي ڇپيل ڪتابن ۾:

  • (1) ’لونءَ لونءَ منجهه لغار‘ (1962ع)
  • (2) ’درد هزارين هڪڙي دل‘ (1 جنوري، 2001ع) شامل آهن.

وفات[سنواريو]

وفا پلي، 17 اپريل 2019ع تي ڊگهي بيماريءَ کان پوءِ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو.[1]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]