وزارت دفاع پاڪستان
مهر، حڪومت پاڪستان | |
| ايجنسي جائزو | |
|---|---|
| قائم ٿيو | آگسٽ 14, 1947 |
| اختيار جو دائرو | حڪومت پاڪستان |
| مرڪزي دفتر | ڪالڪتا هائوس بينظير ڀٽو روڊ، راولپنڊي, پنجاب, پاڪستان. 46000 |
| ملازم | اڻڄاڻيل (شهري) 617,000 (سرگرام) 550,000 (رکيل) |
| ساليانو بجيٽ | رپيا860 ارب (آمريڪي ڊالر8.2 ارب) |
| وزير ذميوار | |
| ايجنسي عملدارن |
|
| ذيلي ايجنسيون | |
| ويب سائيٽ | سرڪاري ويبسائيٽ |
وزارت دفاع (انگريزي ٻولي: Ministry of Defence، مخفف: MoD)، حڪومت پاڪستان جي وفاقي وزارت آهي. هن وزارت جو ڪم، پاڪستان جي مفادن جو ملڪ توڙي پرڏيهه ۾ حفاظت ڪرڻ آهي. هي وزارت پاڪستان جي مسلح فوج جي مددگار ۽ ڏيهي توڙي ملڪي ڪيترن ئي حڪومتي قلمدانن جي وچ ۾ رابطي جو ذريعو آهي. هي وزارت بلحاظ مالي خرچ ۽ ملازمن جي ڪابينا جي وڏين وزارتن مان هڪ آهي. هي وزارت پاڪستان جي آئين جي حصي 12 ۽ باب 2 جي پٽاندر هلايو وڃي ٿو.[1] دفاعي سامان جي نيڪال، فراهمي، پيداوار وارا اختيار، هن وزارت کان کسي 2004ع ۾ وزارت دفاعي پيداوار جي حوالي ڪيا ويا آهن.
وزير
[سنواريو]- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو دفاعي وزير پاڪستان
وزير دفاع ڪابينا جو رُڪن هوندو آهي، جنهن کي ڪم فوج کي ڪنٽرول ڪرڻ هوندو آهي. هن وقت نگران وزير دفاع حسين هارون آهي. دفاع جو سيڪريٽري وزارت ۾ وزير جو نائب هوندو آهي، جيڪو فوج مان رٽائر ٿيل آفيسر هوندو آهي. نائب سيڪريٽري جو تعلق پاڪستان فوج جو حاضر سورس آفيسر ٿيندو آهي.[2][3]
ڍانچو
[سنواريو]- دفاعي وزير
- مملڪتي وزير دفاع
- پارلياماني سيڪريٽري دفاع
- سيڪريٽري دفاع
- نائب سيڪريٽري 1 (فوج)
- جوائنٽ سيڪريٽري 1 (فوج)
- جوائنٽ سيڪريٽري 3 (رابطو)
- نائب سيڪريٽري 2 (هوائي فوج يا شهري ملازم)
- جوائنٽ سيڪريٽري 5 (بجٽ)
- جوائنٽ سيڪريٽري 7 (هوائي فو)
- نائب سيڪريٽري 3 (بحري فوج)
- جوائنٽ سيڪريٽري 2 (بحري فوج)
- جوائنٽ سيڪريٽري 4 (انٽر سروس)
- نائب سيڪريٽري 1 (فوج)
حوالا
[سنواريو]- ↑ http://www.pakistani.org/pakistan/constitution/part12.ch2.html Part XII, Chapter II (Miscellaneous)
- ↑ آرڪائيو ڪاپي, اصل نسخو مان 2016-10-26 تي محفوظ ڪيل, 2018-07-09 تي حاصل ڪيل
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ آرڪائيو ڪاپي, اصل نسخو مان 2016-12-23 تي محفوظ ڪيل, 2018-07-09 تي حاصل ڪيل
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد)