مواد ڏانھن هلو

واپرائيندڙ بحث:Memon2025

صفحي جو مواد ٻين ٻولين ۾ سپورٽ نہ ڪيو ويو آھي.
موضوع شامل ڪريو
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
آخري تبصرو: عنوان زمرن، سانچن، مضمونن کي وڪيڊيٽا تي ڳنڍڻ ۾، 5 مهينا پهرين، JogiAsad پاران ڪيو ويو

اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ: ، ، ، ۽ ۾ گڏجو.
(ياد رهي تہ هي سنڌي وڪيپيڊيا سٿ جو اَڻ دفتري (اَن اوفيشل) سٿ ۽ واپرائيندڙ جي پنهنجي ڪوشش آهي)

سفارتخانو
بزمِ سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀلي ڪري آيا Memon2025

السلام عليڪم! اسان اميد ڪريون ٿا تہ توھان سنڌي وڪيپيڊيا جي لاء بھترين اضافو ثابت ٿيندئو.

  • وڪيپيڊيا ھڪ کليل ڄاڻ چيڪلو آھي جنھن کي اسان سڀ ملي ڪري لکندا ۽ سنواريندا آھيون. وڪيپيڊيا منصوبي جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏھن تہ سنڌي وڪيپيڊيا فيبروري 2006ع ۾ عمل آئي. في الحال ھن وڪيپيڊيا ۾ 22,331 مضمون موجود آھن.
  • ھن چيڪلي (انسائيڪلوپيڊيا) ۾ توھان مضمون نويسي، سنوار ۽ تصحيح کان پھريان ھيٺين صفحن تي ضرور نظر وجھو.
  • صفحن جي ظاھريت جي تبديلي ۽ طریقيڪار جي لاءِ ڏسو ترجيحون.

اصول ۽ قاعدا

توھان جو واپرائيندڙ ۽ بحث صفحو
ھتي توھانجو مخصوص واپرائيندڙ صفحو بہ ھوندو جتي توھان پنھنجو تعارف لکي سگھو ٿا، ۽ توهانجي واپرائيندڙ بحث تي ٻيا رڪنَ توھان سان رابطو ڪري سگھن ٿا ۽ توھان ڏي پيغام موڪلي سگھن ٿا.

  • ڪنھن ٻئي رڪن کي پيغام موڪلڻ وقت ھنن امرن جو خاص خيال رکو:
    • جيڪڏھن ضرورت هجي تہ پيغام کي عنوان ضرور ڏيو.
    • پيغام جي آخر ۾ پنهنجي صحيح ضرور وجھو، ان جي لاءِ هي علامت درج ڪريو--~~~~ يا ھن () بٽڻ تي ٽڙڪ ڪريو.
    • اظھار بحث جي آدابن جو خصوصي خيال رکو.

تعاون

  • وڪيپيڊيا جي ڪنھن بہ صفحي جي سڄي پاسي ڳوليو جو خانو نظر ايندو آھي. جنھن موضوع تي مضمون ٺاھڻ چاھيو تہ ڳوليو جي خاني ۾ لکو، ۽ ڳوليو تي ٽڙڪ ڪريو.
  • توھان جي موضوع سان ملندڙ جلندڙ صفحا نظر ايندا. اھو اطمينان ڪرڻ کان پوء تہ توھان جي گهربل موضوع تي پھريان کان مضمون موجود ناھي، توھان نئون صفحو ٺاھي سگھو ٿا واضع هجي تہ ھڪ موضوع تي ھڪ کان وڌيڪ مضمون ٺاھڻ جي اجازت ناھي. توھان ھيٺ ڏنل خانو بہ استعمال ڪري سگھو ٿا.

  • لکڻ کان پهرئين ھن ڳالھ جو يقين ڪريو تہ جنھن عنوان تي توھان لکي رھيا آھيو ان تي يا ان سان ملندڙ عنوانن تي وڪي ۾ ڪوئي مضمون نہ ھجي. ان جي لاء توھان ڳوليو جي خاني ۾ عنوان ۽ ان جا هم معنيٰ لفظ (اهڙا لفظ جن جي معني هڪ هجي) لکي ڳولا ڪريو.

-- توھان جي مدد جي لاء ھر وقت حاضر، اوهان جو خادم --KaleemBot (ڳالھ) 18:59, 23 نومبر 2025 ( يو.ٽي.سي)ورندي ڏيو

ڏاڍو ڪارائتو ڀاڱيداري

[سنواريو]

السلام عليڪم، مانوارا @Memon2025 توهان جون سنڌي وڪيپيڊيا تي ڀاڱيداريون ڏسي ڏاڍو خوشي ٿي رهي آهي، سچ پچ ته توهان جي ڀاڱيدارين کي ڏسي ڏاڍي سُرهائي ٿي رهي آهي، توهانجي ڀاڱيداريون سنڌي وڪيپيڊيا تي ڪُل سنوارن ۾ ڏاڍو اهم ثابت ٿينديون. آس ڪجي ٿي ته توهان اڳتي به انهيءَ جاکوڙ ۽ ولولي سان ڪم ڪندا رهندا ۽ سنڌي ٻوليءَ جي وڪيپيڊيا کي واڌ ويجهه ڏيڻ ۾ اسان سڀني سان ٻانهن ٻيلي ٿيندا. لک لک ٿورا.&#32؛جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 17:02, 6 ڊسمبر 2025 ( يو.ٽي.سي)ورندي ڏيو

مهرباني. مون کي اميد آهي ته ٻيا استعمال ڪندڙ سنڌي وڪيپيڊيا کي هڪ شاندار مقام تي پهچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.Memon2025 (ڳالھ) 11:07, 7 ڊسمبر 2025 ( يو.ٽي.سي)ورندي ڏيو


وڪيڊيٽا سان صفحا ڳنڍڻ بابت وڌيڪ وضاحت

[سنواريو]

سائين جيئن تہ توھان کي وڪيڊيٽا سان صفحا ڳنڍڻ ۾ پريشاني ٿي پئي ان بابت توھان جي پريشاني ختم ڪرڻ لاءِ ھڪ ٻي ڪوشش ڪري رھيو آھيان.Screenshot from Sindhi Wikipedia showing add links button. پھريون اسڪرين شاٽ:سر توھان گھڻن صفحن تي ھي بٽڻ ضرور ڏٺو ھوندو جتي صفحا ٻين وڪيز سان ڳنڍيل نہ ھوندا آھن اتي لکيل ھوندو آھي ڳنڍڻا وجھو. پھريون ۽ ٻيون اسڪرين شاٽ: جڏھن توھان ان تي ڪلڪ ڪندئو تہ ھڪ ڊائلاگ باڪس کلي ايندو جنھن توھان کان ٻولي ۽ صفحي بابت پڇا ڪندو جنھن سان توھان صفحي ڳنڍڻ ٿا چاھيو.Dialogue box for adding inter wiki links ان جو مثال ھن اسڪرين شاٽ ۾ ڏسي سگھو ٿا. ٽيون اسڪرين شاٽ: ان کان پوءِ جن بہ ٻولين جي وڪيز ۾ اھو آرٽيڪل ھوندو سي ظاھر ٿي وينديون. جيڪڏھن صرف ھڪ وڪيءَ ۾ آھي پوءِ ٻولين جي فھرست نہ ايندي.Screenshot showing languages (wikis) that contain the article being linked. ٽيون ۽ چوٿون اسڪرين شاٽ: تنھن کانپوءِ توھان کي Confirm جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪرڻي آھي جنھن سان صفحو وڪيڊيٽا سان ڳنڍجي ويندو ۽ آخر ۾ ٻوليون ھن طرح ظاھر ٿينديون.Screenshot showing languages (Wikipedia editions) linked with an article. اميد تہ توھان کي ڳالھ ھاڻي سمجھ ۾ اچي ويندي. سيوڪ — جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 19:49, 2 جنوري 2026 ( يو.ٽي.سي)ورندي ڏيو

@جوڳي اسد توهان جي سٺي معلومات لاءِ مهرباني. پر آخري قدم کان پوءِ، اهو دٻي تي ظاهر ٿئي ٿو، "توهان کي هن صفحي کي ٻين وڪيز سان ڳنڍڻ جي اجازت ناهي. صفحو اهڙي شيءِ کان محفوظ آهي" يا "توهان کي اهو ڪرڻ جو ڪو به حق ناهي". Memon2025 (ڳالھ) 08:36, 3 جنوري 2026 ( يو.ٽي.سي)ورندي ڏيو
@ميمڻ صاحب سنڌي وڪيپيڊيا تي مضمونن کي وڪيڊيٽا (Wikidata) ذريعي ٻين ٻولين سان ڳنڍڻ وقت اھڙو مسئلو عام طور تي ڪجھ خاص سببن جي ڪري پيش ايندو آھي. جڏھن سسٽم چوي ٿو ته "صفحو محفوظ آھي" يا "توهان کي حق ناهي"، ته ان جو مطلب ڪو فني رڪاوٽ يا سيڪيورٽي فلٽر آھي.
ھتي ڪجھ ممڪن حل ۽ سبب ڏجن ٿا:
1. کاتي جي تصديق (Account Verification)
اڪثر نون واپرائيندڙن (Users) کي وڪيڊيٽا تي سڌي طرح ترميم ڪرڻ جي اجازت نه هوندي آهي جيستائين انهن جو کاتو ڪجهه ڏينهن پراڻو نه ٿئي.
حل: پڪ ڪريو ته توهان Log in ٿيل آهيو. جيڪڏهن توهان نوان آهيو، ته ڪجهه وڌيڪ ترميمون ڪرڻ کان پوءِ هي اختيار پاڻهي کلي ويندو.
2. وڪيڊيٽا تي صفحي جي حفاظت (Protection)
ڪڏهن ڪڏهن اهو مضمون وڪيڊيٽا تي "Protected" هوندو آهي (خاص طور تي اهي مضمون جيڪي تمام مشهور هجن يا جن تي گهڻو ويڙهاڪ بحث ٿيو هجي).
حل: اهڙي صورت ۾ صرف "Administrator" يا "Autoconfirmed" واپرائيندڙ ئي ڳنڍي سگهندا آهن.
3. سينٽرل آٿ (CentralAuth) جو مسئلو
جيڪڏهن توهان جو کاتو سنڌي وڪيپيڊيا تي ته ٺهيل آهي پر وڪيڊيٽا تي اڃا تائين "Attach" ناهي ٿيو، ته اهو مسئلو ٿي سگهي ٿو.
حل: هڪ دفعو Wikidata.org تي وڃي لاگ ان ٿيو ته جيئن توهان جو عالمي کاتو فعال ٿي وڃي.
4. آءِ پي (IP) بلاڪ يا فلٽر
جيڪڏهن توهان بنا کاتي جي (Guest طور) ترميم ڪري رهيا آهيو، ته وڪيپيڊيا جا فلٽر اسپيم کان بچڻ لاءِ اها اجازت نه ڏيندا آهن.
حل: هميشه کاتو ٺاهي ۽ لاگ ان ٿي ڪري مضمون ڳنڍيو.
متبادل طريقو (Manual Method)
جيڪڏهن سنڌي وڪيپيڊيا جي "ٻوليون شامل ڪريو" واري بٽڻ مان ڪم نه پيو ٿئي، ته هي طريقو آزمايو:
انگريزي وڪيپيڊيا جي انھي ساڳئي مضمون تي وڃو.
کاٻي پاسي "Languages" واري خاني ۾ Edit links تي ڪلڪ ڪريو.
وڪيڊيٽا جو صفحو کلي ويندو. اتي سڀ کان هيٺ وڃي Add تي ڪلڪ ڪريو.
ٻوليءَ ۾ sdwiki لکو ۽ مضمون جو نالو (سنڌي ۾) لکي Save ڪريو.
ڇا توهان مون کي ان مضمون جو نالو ٻڌائي سگهو ٿا جنهن کي توهان ڳنڍڻ چاهيو ٿا؟ مان چيڪ ڪري سگهان ٿو ته ڇا اهو واقعي محفوظ (Protected) آهي يا ڪو ٻيو فني مسئلو آهي.&#32؛جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 20:05, 17 فيبروري 2026 ( يو.ٽي.سي)ورندي ڏيو

پاڻ مرادو گشتڪار درجو

[سنواريو]

@Memon2025 توھان کي پاڻمرادو گشتڪار درجو ڏنو ويو آهي، ھاڻي توھان جا ليک/مضمون ڪنھن منتظم يا گشتڪار کي گشت ڪرڻ جي گھرج بنا پاڻمرادو گشت ٿي ويندا.&#32؛جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 22:07, 27 فيبروري 2026 ( يو.ٽي.سي)ورندي ڏيو

توهان جي قدر داني لاءِ مهرباني. Memon2025 (ڳالھ) 09:11, 28 فيبروري 2026 ( يو.ٽي.سي)ورندي ڏيو

زمرن، سانچن، مضمونن کي وڪيڊيٽا تي ڳنڍڻ

[سنواريو]

مانوارا سائين@Memon2025 سنڌي وڪيپيڊيا تي توھان جون ڀاڱيداريون ساراھ جوڳيون آھن، پر گذارش ڪجي ٿي ته مھرباني ڪري جيڪي زمرا، سانچا يا مضمون لکو ٿا انھن کي وڪيڊيٽا سان ڳنڍيو، توھان کي ھن ئي ٽاڪ پيج تي مٿي وڪيڊيٽا تي ڳنڍڻ جو طريقو سمجھايو ويو آھي، جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 16:54, 25 مارچ 2026 ( يو.ٽي.سي)ورندي ڏيو