مواد ڏانھن هلو

واپرائيندڙ بحث:ڊاڪٽر عبدالقدير ميمڻ

صفحي جو مواد ٻين ٻولين ۾ سپورٽ نہ ڪيو ويو آھي.
موضوع شامل ڪريو
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪراچيء جي ترقياتي رٿائن جي فييصلن مان حڪومت سنڌ آئوٽ ڪلاس ڇو ؟

[سنواريو]

ڪراچي جي ترقياتي رٿائن جي فيصلن مان حڪومت سنڌ آئوٽ ڪلاس ڇو ؟( روزانه عوامي آواز سومر 27 آگسٽ 2012 م ڇپيل ) ____________________________________________ڊاڪٽر عبدالقدير ميمڻ

   پاڪستان جي غير جمهوري حڪومتن ۽ جمهوري حڪومتن جا متضاد رويا رهڻ جي ڪري ملڪ اندر ڪو به هڪ نظام 66 سالن تائين مستحڪم نه ٿيڻ جو سبب اهو رهيو آهي جو اڄ ڏينهن تائين هن ملڪ ۾ انفراتفري ، اقرباپروري ، ڪرپشن ، لاقانونيت ۽ ظلم زيادتيء جا ڪاروبار وڌي رهيا آهن پر سماج جي ترقيء کي مفاد پرستيء جي لٺ ،ملڪ کي هلائي رهي آهي ، جنهن ۾ ” قانون ۽ حڪمراني“ ڪنهن ديومالائي قصي وانگر ٿيندي پئي وڃي . 
      اهڙي مجموعي صورتحال ۾ سنڌ صوبو به جنگي صورتحال مان گذرندي کيس 66 سال گّذري ويا آهن . جيڪي ملڪ جمهوري قدرن جو احترام ڪندا آهن ته انهن ۾ جمهوري طريقا به لڳاتار هلندا آهن آهن ، جيڪي نرسري کان وڌي وڻ ٿي سٺو ، مٺو ۽ تازو ميوو ڏيڻ شروع ڪندا آهن ، اهڙيء طرح جمهوريت جي به نرسري ٿيندي آهي جنهن کي گراس روٽ يا اقتدار هيٺين سطح تي منتقليء جو حقيقي سفر طئه ڪرڻ لاء مسلسل جھدوجھد ۽ پروسز کي جاري ۽ ساري رکڻو پوندو آهي ، پر هن ملڪ کي نظريه ضرورت کي بنياد بڻائي ”عالم ڪل “ سمجھي جڏهن به هلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته انهيء جا نتيجا غير جمهوري ،پرتشدد رويا ملڻ جي ڪري سماج ۽ سوسائٽي ڪنهن به هڪ ڏاڪي تي اڳتي چڙهڻ جي بجاء ڪلٽيون کائيندي ڪرندي ، مرندي زري گهٽ بچيو وڃي ، پر پوء به اسان جي حڪمرانن وٽان ” تجربن جي فيڪٽري “ اڃان تائين بند ناهي ٿي سگھي . 
     جڏهن اسين جمهوريت جي ڳالھ ڪريون ٿه انهيءجو پهريون ڏاڪو پنهنجي گھر ۽ پاڙي جي سماجي ڀلائيء جو نالو لوڪل باڊيز ( مڪاني چونڊون ) جو نالو اچي ٿو ، جيڪي بظاهر گراس روٽس جمهوريت هوندي آهي جيڪا جمهوريت جي نرسري هوندي آهي ، پر هن ملڪ ۾ مختلف تجربن کي جمهوريت جو نالو ڏئي عجيب مذاق ڪيا ويا آهن ، جمهوري سڏجندڙ حڪومتن ۾ مڪاني نظام جون ڪڏهن به اليڪشنون ناهن ٿيون ، جڏهن ته ظاهري ڊڪٽيٽرن ، مارشل لا جي ڇانو هيٺ ، جمهوري راڳ الاپيندي ، پنهنجن مقصدن جي حاصلات لاء مڪاني چونڊون ڪرائيندا آيا آهن ۽ وري جيڪڏهن حقيقي عوامي جمهوري حڪومتون آيون آهن ته انهن صرف وقت ڪڍڻ لاء انهن مڪاني سسٽم ۽ مڪاني اليڪشنن جا عوام کي صرف لالي پاپ ڏئي وقت گذارڻ کان پوء پاڻ کي مظلوم قرار ڏئي اهو چوندي ٻڌو ويو آهي ته اسان جي حڪومت کي ڪڏهن به ڪم ڪرڻ ئي نه ڏنو ويو آهي جو اسين مڪاني چونڊون ڪرايون ها .
    هاڻي جڏهن هن موجوده حڪومت جي وڃڻ جا ڏينهن  ڳڻپ جيترا وڃي رهيا آهن ته سنڌ حڪومت ۾ به مڪاني سسٽم جي بحاليء جي ڳالهين ۾ ٻه تضاد سامهون اچي بيٺا آهن ، ” هڪ شهري ۽ ٻيو ٻهراڙي تضاد“ جيڪي ظاهر بظهور حقيقي تصاد آهن جن کي اسين پٺي ڏئي ۽ اکيون بند ڪري نٿا ڏسڻ چاهيون ۽ اسان جو اهو شطرمرغ وارو رويو اسان کي قومي وجود ۽ سنڌ جي وحدت کي نقصان پهچائيندڙ آهي . 
  سنڌ ۾ اڄ جي حقيقي ۽ زميني صورتحال اها آهي ته سنڌ ۾ ٻه وڏيون سياسي پارٽيون ، پاڪستان پيلزپارٽي ۽ متحده قومي مومينٽ حڪمراني ڪري رهيون آهن جيڪي پنهنجي حصي وٺڻ ۽ حصيداري نه ملڻ تائين ڪراچيء کي خوني تباهي تائين وٺي وڃن ٿا ۽ ڪراچي کي پنهنجن مطالبن جي مڃتا تائين هڪ لساني مخصوص حدن ۾ رهندڙ وڏي پارٽي اپاهج ڪري پنهنجي بليڪ ميلنگ ۽ پنهنجا مطالبا پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي جمهوري پارٽي پاڪستان پيپلزپارٽيء کي اٺ وانگر گوڏن ڀرجھڪايو ڇڏي ، جنهن مان ايم ڪيو ايم پنهنجي هوشياري ۽ مسقتبل تي نظر رکندي پنهنجا جائز ۽ ناجائز مفادات پورا ڪندي نظر اچي ٿي .
  اهڙيء طرح جڏهن هڪ نئين سياسي پارٽي ( ايم ڪيو ايم ) جنهن پاڪستان جي تاريخ ۽ سوانح عمريء ۾ مشرف ۽ضياء جي بادشاهيء واري مڪاني نظام جو مزو ورتو آهي ته اتي پاڪستان جي پراڻي جمهوري پارٽي ( پاڪستان پيپلزپارٽي ) جنهن سمورن مڪاني نظام جي ميووي مان فائدو ورتو سواء مشرف جي لوڪل گورنمنٽ سسٽم 2000 مان ڪوبه فائدو يا مزو نه ورتو سواء سنڌ جي هڪ ٻن ضلعن جي، ۽ پنهنجي تصور ۾ ويهاري ڇڏيو ته  اهو مشرف وارو مڪاني نظام پاڪستان پيپلزپارٽيء جي لاء ڄڻ ته ” حرام “ آهي ،هو ان مشرف واري سسٽم جي ڳالھ ٻڌڻ لاء تيار ناهن ، ان سسٽم جي ڪجھ سٺاين کي به قبول ڪرڻ ۽ ٻڌڻ لاء تيار نه هجڻ جي ڪري اڄ وري و ايم ڪيو ايم جي هٿان بليڪ ميل ٿي ڪري پنهنجي حاڪميت ۽ خوداري وڃائي ڪري سنڌ ۽ سنڌين جي اٿارٽيء کي ڄڻ ته مسقبل قريب ۾ ڇيهو رسائڻ جي پيش رفت ڪري رهي آهي ،جنهنڪري سڄاڻ سنڌي ۽ سڄاڻ سنڌ ڌريون، پاڪستان پيپلزپارٽيء جي انهيء هٺ ڌرمي واري سوچ ۽ سنڌي ماڻهن کي ڄٽ ۽ جاهل سمجھڻ واري وڏيرڪي سوچ ڪري  کيس پنهنجن ڪيل فيصلن تي پڇتائڻ جو صدمو برداشت ڪرڻو پوي ٿو ، جيئن بابر اعواڻ جو سنڌ ۾ اچي ڪري فيصلا ڪرڻ ۽ سنڌ جو وزير اعلي ان سنڌ دشمن فيصلي تي ” ڊمي “ ٿي بيهڻ ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي ماڻهن کي قبول نه هو جيڪو کين به آخر پڇتائڻ کان سواء ڪجھ به هڙ حاصل نه ٿيو بلڪه پيپلزپارٽيء کي سنڌ جي باشعور ماڻهن جي ڇتي تنقيد ۽ نفرت جو شڪار بنجڻو پئجي ويو .
   اهڙي صورتحال ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جا فيصلا ڪندڙ ايوانن جا مالڪ ماڊريٽ وڏيرا ۽ سنڌي ماڻهن کي رڍون ۽ ٻڪريون سمجھندڙ پنهنجا ايم پي اي ۽ منسٽر سنڌي جڏهن اها سوچ ۽ روش رکندا ته هو سامهون مخالف کي پنهنجي حاڪميت ڪيئن سمجھائي سگهندا ؟ 
  سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاه هاڻي انهيء خوشيء ۾ غلطان هوندو ته يار مان واه جا پنهجنا وڏي وزارت جا پنج سال وڏي همت ،بهادري سان ڪڍي سنڌ جي لاء تاريخي خدمت سان گڏ تاريخي ڪردار ادا ڪيو ، پر ان جي برعڪس متحده جو گورنرڊاڪتر عشرت العباد ان وزير اعلي کان ان ڪري به برتري رکندو هوندو ته هو مسلسل 10 سالن کان وٺي سنڌ جي تاريخ جو گنيز بڪ آف رولڊ رڪارڊ ۾ نالو لکرائيدڙ گورنر آهي جيڪو  پنهنجي ايجنڊا ۽ مقصدن جي حاصلات لاء مسلسل رات ۽ ڏينهن پتوڙي رهيو آهي ، جيڪو هر ڪنهن ٿڪاوٽ کان بي خبر آهي ۽ ان کي ڪراچي۽ ڪراچيء جي پنهنجي مخصوص ڪميونٽيء سان محبت آهي ۽ هو صرف ڪراچيء جا نمائنده آهن ته شهري هجڻ سان گڏ انهن ۾ سوڪ سينس به آهي جيڪي پنهنجي ڪراچيء کي ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ جا ذميوار پاڻ کي سمجھن ٿا ته اتي ان صورتحال ۾ سنڌ جو وزير اعلي جيڪو وقتي وزير اعلي آهي اهو خيرپور ميرس جو آهي ته ظاهري آهي ته هو اتي ڪنهن ٻيئي ٻاهرين ماڻهون ،چاهي اهو گورنر سنڌ ڇو نه هجي هو ان کي اتي ڪم ڪرڻ ڇو ڏئي جو شڪارپور مان چونڊجي آيل لٺ سرادر مڪاني ادارن وارو وزير آغا سراج دراني اچي اسان جي ڪراچي يا اسان جي محلي ۾ پنهنجي مرضيء جي اسڪيم ڏئي جيڪا سوڪ سينس کان به خالي هجي ۽ پئسا به اسان ڪراچيء وارن جا خرچ ٿين . 
   جهڙي طرح سنڌ جو وڏيرو اسان کي پنهنجي مرضيء کانسواء نلڪو ، روڊ ۽ نوڪري ڏيڻ لاء تيار ناهن ته پوء اهي شهري نمائنده ڇو ڪنهن وڏيري کي اچي چون ته اسان جي گھر ۾ هيء ڪم ڪرڻو آهي يا هيء ڪم ناهي ڪرائڻو ، جڏهن ته سنڌ اندر ٻه خيال اصل کان وٺي رهيا آهن هڪ شهري ۽ ٻيو ٻهراڙي . هاڻي جڏهن اهي سياسي پارٽين جي سطح تي طئه ٿي چڪيون آهن ته ظاهري آهي ته طاقت جو توازن به هرڪو پاڻ ڏانهن ڇڪڻ جي ڪوشش ڪندو ، اها ٻي ڳالھ آهي سنڌي جي وڏيري ( چاهي اهو ڪهڙي پارٽيء ۾ هجي ۽ ڪيڏو اڪابر پڙهيل لکيل ڇو نه هجي ، ڇو نه ان جا گھر لنڊن ، آمريڪا ، پيرس يا ملائيشيا ۾ هجن ) سنڌ جي سونهن وڃائي اتي اڃان به 1700 ع جي صورتحال ۽ سوڪ سهوليتين جي اڻاٺ لڳائي پنهنجن ووٽرن کي ٻڪرين ۽ رڍن وانگر رکڻ جا جتن جاري ۽ ساري رکي سنڌ ۽ سنڌ جي خدمت جو اهو طريقو روا رکندو ايندو ته يقينن توهان سڀاڻي وري به ايم پي اي يا ايم اين اي ضرور ٿي سگھو ٿا پر پنهنجي قوم جي غلاميء ۽ ان جي بي حسيء تي توهان ڪراچيء جون رونقون لٽي ته سگهو ٿا پر قدرت جي حساب ڪتاب کان توهان ڪڏهن به بچي نٿا سگھو. 

هاڻي مقصد جي حاصلات اها وڃي رهي ٿي ، جيئن ته موجود حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ وارو آهي ۽ بلدياتي اليڪشنون ممڪن ناهن ۽ اهو صرف شو شو ڪري وقت گذارڻ جي ريهرسل ٿي رهي آهي ته بهتر اهو ٿيندو ته ان بلدياتي نظام جي شرطن شروطن جي قانوني پورائي ڪرڻ به ايندڙ نئين توانائي واري حڪومت کي ڏجي ته اهي اچڻ شرط پنهنجي ان بلدياتي سسٽم کي سنڌ جي مفادن وٽان اثرائتو بڻائي ۽ اها ايندڙ نئين حڪومت بلدياتي اليڪشنون ڪرائي پاورن کي هيٺين سطح تي پهچائي حقيقي جمهوريت جي نرسري پوکي ، نه ڪي هن موجوده غير اثرائتي فيصلا ڪندڙ ڪمزور وزير اعلي جي آخري ٿڪل ۽ توانائي کان خالي وزير اعلي يا سنڌ جي اها ڪابينا جيڪا ڪابينا نه پر ڪجھ پارٽي ميمبرن جو فورم سنڌ جي مفادن کي ڇيهو رسائي پيپلزپارٽي پنهنجي سر تي وري ڪو غلط فيصلي جي پاداش ۾ ايندڙ چونڊن ۾ ان غلط فيصلن جو شڪار ٿي وڃي جيڪي ڪور ڪميٽيء جي نالي ۾ اسين پڙهي ۽ ٻڌي رهيا آهيون ۽ سنڌ ين جي هڪ متحد پيپلز پارٽي اها اڪثريت حاصل ڪرڻ کان قاصر ٿي وڃي جو ايندڙ حڪومت شهري تنظيم متحده قومي موومينٽ پنهنجو وزير اعلي ويهاري سنڌ تي حڪومت ڪرڻ جا خواب اسان جي غلطين جي ڪري ساڀيان ڪرڻ چاهي ، ان لاء اسان ( پيپلز پارٽيء وارن) کي پنهنجون ذاتي سهوليتون ۽ فائدا ڇڏي پنهنجي قوم جي اجتماعي مستقل مفادن واري جنگ ۾ پيپلز پارٽيء کي مظبوط ٿي اڃان وڌيڪ اڳواڻي ڪرڻ لاء وقت گھربل آهي ،جيئن ايندڙ اليڪشن ۾ ماضيء جي بليڪ ملينگ کي پنهنجي حڪمت عمليء کي سان ناڪام ڪري سنڌ جي حقيقي اڳواڻ پارٽي ۽ حڪمراني ڪري سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن خلاف ٿيندڙ سازشن کي همت ، سمجھ ، بهادري ۽ سياسي حڪمت عمليء سان منهن ڏئي سنڌين کي سرخرو ڪرڻ جي اڳواڻي ڪري ، پاڪستان جي گلدستي کي خوشبودار ۽ خوبصورت بڻائي جٿي ڪا به نفرت ۽ ڪو به قومي ڌوڪي جو تصور نه هجي .