واپرائيندڙ:Shahrozunar95/مشق پٽي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شڪاگو[سنواريو]

شڪاگو (انگريزي: Chicago) آمريڪا جو ھڪ مشھور شھر آھي. ھي شھر نيويارڪ ۽ لاس اينجلس کان پوءِ آمريڪا جو آباديءَ جي لحاظ کان ٽيون نبمر وڏو شھر آھي. ھي رياست الينائس (Illinois) جو آباديءَ جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو شھر پڻ آھي. 2020ع جي آدمشماريءَ مطابق ھن شھر جي آبادي 2746388 آھي[1]. ھن کي اتر آمريڪا جي پنجون نمبر گھڻ آباديءَ وارو شھر ھئڻ جو اعزاز پڻ حاصل آھي. مشيگن ڍنڍ (Lake Michigan) جي ڪناري تي آباد ھن وسنديءَ کي 1837ع ۾ شھر جو درجو مليو. اوڻويھين صديءَ ۾ ھن شھر تيزيءَ سان ترقي ڪئي. 1871ع ۾ ھن شھر کي خطرناڪ باھ وڪوڙي وڌو جنھن سبب اٽڪل ھڪ لک ماڻھو پنھنجي گھرن کان محروم ٿي ويا ۽ شھر کي ٻيھر تعمير ڪرڻو پيو. انھيءَ باھ واري واقعي کان فقط ٽيھ سال پوءِ ھي دنيا جو پنجون نمبر وڏو شھر بڻجي ويو[2]. ھيءُ شھر پنھنجي خوبصورت اڏاوت ۽ شاندار عمارتن جي ڪري سڄي دنيا ۾ مشھور آھي. 2018ع ۾ 18 ملين سياح ھي شھر گھمڻ لاءِآيا[3]. ھتان جو اوھاري بين القوامي ھوائي اڏو دنيا جو ڃھون نمبر مصروف ھوائي اڏو شمار ٿئي ٿو. 2021ع ۾ ھن شھر کي دنيا جو ٻيو نبمر سھڻو شھر قرار ڏنو ويو[4].

حوالا[سنواريو]

  1. "U.S. Census Bureau QuickFacts: Chicago city, Illinois". www.census.gov. حاصل ڪيل 2021-12-14. 
  2. "What Were the Largest Cities Throughout History?". ThoughtCo. حاصل ڪيل 2021-12-14. 
  3. Rackl, Lori. "Chicago sets new tourism record with nearly 58 million visitors in 2018 — and the mayor is thrilled". chicagotribune.com. حاصل ڪيل 2021-12-14. 
  4. Krupp, Emma. "Chicago was just voted the 2nd most beautiful city in the world". Time Out Chicago. حاصل ڪيل 2021-12-14.