واپرائيندڙ:Rajab Nohri
محمد سانوڻ نهڙي
ٿر جي نامور استاد سماج سڌارڪ محمد سانوڻ نهڙي جيڪو ڏکين حالتن مان تعليم پرائي ڳوٺ کان 80 ڪلوميٽر پري چِيلھ بند جي ميان محمد حسن شاه جي اسڪول مان فائنل پاس ڪري 1966 ۾ تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو ٿر جي مختلف ڳوٺن ۾ پابندي ۽ ايمانداري سان ڊيوٽي سرانجام ڏئي هزارين غريب بي پهچ ٿري شاگردن کي علم جي نور سان منور ڪيائين سندس ڪئي شاگرد هن وقت سماج جا متحرڪ باوقار فرد بڻيل آهن ۽ سٺين پوسٽن تي نوڪريون ڪري رهيا آهن . ان دور جي استادن جي سچائي ۽ فرض شناسي هن دور جي بايوميٽرڪ سسٽم ججز جي ڇاپن اعلي عملدارن جي روز بروز ڇاپن سان مشروط نه هئي پر سندن ضمير جي سچائي سان مشروط هئي ڇو ته ان وقت نه پڪا رستا نه هئا نه مواصلات جو نظام لاڳاپيل آفيسر ڪو مهيني ٻن کانپوءِ ڪو هڪ اڌ وزٽ لڳائيندا هئا پر نه ڏي وٺ هئي نه سياسي سفارش صرف سچائي سان قومي فرض جي ادائگي اصول هئي .
مرحوم سانوڻ نهڙي سٺو محنتي اڻ ورچ استاد هئڻ سان گڏ هڪ زنده دل انسان هو جنهنجي من ۾ مسڪين مظلوم ماڻھن لاءِ محبتون هونديون هيون بي وسن بي پهچن جو همدرد هوندو هو سهارو هوندو هو سندن سماجي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندو هو سندن سماجي معاشي مسئلا وس آھر حل ڪندو هو هميشه دقيانوسي وڏيرڪي سسٽم جي خلاف رهيو ۽ جبر سان مهاڏو اٽڪائيندو رهيو . ڳوٺ ۽ آسپاس جي مسڪين ماڻھن جي من ۾ سندس ساروڻيون سدائين سڏڪنديون رهن ٿيون مرحوم محمد سانوڻ 1999 ۾ لاڏاڻو ڪري ويو 2 آڪٽوبر سندس وڇوڙي جو ڏينهن آهي اڄ کيس ڳوٺ آسپاس ۽ سموري ٿر جا علم دوست انسان دوست ماڻھو ياد ڪري رهيا آهن سندس هزارين شاگرد اڄ سندس تصوير آڏو ميڻ بتيون ٻاري چار قُل پڙھي سندس خدمتن کي خراج پيش ڪندا اهڙن سماج دوست ڪردارن کي ياد ڪرڻ اسان سڀني جو فرض ٿو بڻجي اهڙن ڪردارن کي ياد ڪري سندن عمل مان اتساھ حاصل ڪجي ۽ سندن ڇڏيل مشن کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪجي .
رجب نهڙي گونگيو ٿر