واپرائيندڙ:JogiAsad/سنڌي وڪيپيڊيا جي واڌاري لاءِ جاکوڙ
هيٺ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل منهنجي ڪم سميت منهنجو مختصر جيون خاڪو ڏئي رهيو آهيان: جوڳي اسد راڄپر: سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي وڪيپيڊيا جو ڏاڍو اهم ڪردار
ننڍڙو تعارف
جوڳي اسد راڄپر بنيادي طور سافٽويئر انجنيئر هجڻ سميت هڪ سنڌي ليکڪ، ترجميڪار، وڪيپيڊيا ايڊيٽر، منتظم ۽ ثقافتي ورثي جو سرگرم نمائندو آهي. هو سنڌي ٻوليءَ، ثقافت، ۽ علمي مواد جي واڌاري لاءِ پنهنجو اڻٿڪ ڪردار نڀائي رهيو آهي. سنڌي ٻوليءَ لاءِ سندس ڪوششون خاص طور تي سنڌي وڪيپيڊيا جي واڌاري، نئين پيڙهيءَ کي وڪيپيڊيا سکڻ، ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ جديد اصطلاحن کي شامل ڪرڻ ۾ اهم آهن.
تعليم ۽ ڪم
جوڳي اسد راڄپر سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انسٽيٽيوٽ آف ميٿميٽڪس اينڊ ڪمپوٽر سائنس مان 2010ع ۾ پنهنجي بيچلرز تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ جي انٽرنيٽ تي ڊجيٽلائزيشن ۽ واڌاري ۾ دلچسپي ورتي ۽ 2015ع کان سنڌي وڪيپيڊيا تي ڪم ڪرڻ لڳو ۽ سُتت ئي ان جو اهم ڀاڱيدار ۽ ڪردار بڻجي ويو. هن وڪيپيڊيا تي 2015ع کان 2024ع تائين ڪيترائي اهم ڪم سرانجام ڏنا، جن ۾ مضمونن جي رچنا، ترجمو، ۽ مواد جي معيار کي بهتر بڻائڻ، سنڌي وڪيپيڊيا جي فني مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سندس ڪوششون شامل آهن.
سنڌي وڪيپيڊيا لاءِ ڪم
سنڌي وڪيپيڊيا هڪ آزاد ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا آهي، جوڳي اسد راڄپر 2015ع کان سنڌي وڪيپيڊيا سان جُڙيل آهي. هن سنڌي وڪيپيڊيا تي 2015ع کان 2024ع تائين ڪيترائي اهم ڪم سرانجام ڏنا آهن، جن ۾ مضمونن جي رچنا، ترجمو، ۽ انسائيڪلوپيڊيا جي معيار کي بهتر بڻائڻ شامل آهي. هن 2017ع ۾ ڪراچيءَ ۾ تاريخي ڪم ڪندي سنڌي وڪيپيڊيا جي جاڳرتا جو سڀ کان پهريون ورڪشاپ منعقد ڪيو، جتي شرڪت ڪندڙن کي وڪيپيڊيا جي ڄاڻ، سکيا سميت وڪيپيڊيا تي مضمون لکڻ، حوالا وجهڻ ۽ سنوارڻ جي تربيت ڏني وئي. هن سنڌي وڪيپيڊيا تي "بهترين مضمون"، "چونڊ مضمون"، "اڄ جو قول"، "ڇا توهان کي خبر آهي" جهڙا انيڪ مضمون لکي سنواريا ۽ انهن کي سنڌي وڪيپيڊيا جي مک پَني تي لڳائڻ جو ڪم ڪيو آهي، "اڄ جو قول" ۾ هن مختلف ڏينهن لاءِ چونڊيل قول شامل ڪيا آهن. انهن سڀني ڪوششن سان، جوڳي اسد راڄپر سنڌي وڪيپيڊيا جي مواد جي معيار ۾ بهتري، نون ڀاڱيدارن کي سکيا ڏيڻ، ۽ انتظامي توڙي ٽيڪنيڪل ڪمن ۾ اهم ڪردار نڀايو آهي. مضمون لکڻ: سنڌي ادب، شاعري، يا تاريخي شخصيتن بابت نوان ۽ جامع مضمون شامل ڪرڻ. ترجمو ڪرڻ: ٻين ٻولين جي اهم ۽ معلوماتي مضمونن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ. مواد جي بهتري: موجوده مضمونن ۾ مواد جي درستگي، حوالا شامل ڪرڻ ۽ انهن کي بهتر بنائڻ. سنڌي ٻوليءَ جي پرچار: نون وڪيپيڊيا واپرايندڙن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ مواد شامل ڪرڻ لاءِ رهنمائي ڪرڻ ۽ همٿائڻ. جوڳي اسد راڄپر سنڌي وڪيپيڊيا تي پنهنجي ڀاڱيدارين سان نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. سندس ڪوششن کي هيٺين حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:
سکيا ۽ جاڳرتا
- جوڳي اسد راڄپر سڀ کان پهرين سنڌي وڪيپيڊيا بابت جاڳرتا مهم جي شروعات ڪئي، جنهن جو مقصد نون ڀاڱيدارن کي وڪيپيڊيا تي ڪم ڪرڻ جي لاءِ همٿائڻ، مضمون لکڻ ۽ سنوارڻ جي سکيا ڏيڻ آهي. مارچ 2017ع ۾، جوڳي اسد راڄپر ڪراچيءَ ۾ سنڌي وڪيپيڊيا جي جاڳرتا ورڪشاپ منعقد ڪئي، جتي شرڪت ڪندڙن کي وڪيپيڊيا تي مضمون لکڻ ۽ سنوارڻ جي تربيت فراهم ڪئي وئي. سندس هي ڪوشش سنڌي وڪيپيڊيا جي واڌاري لاءِ هڪ اهم وِک هئي.
- ڇنڇر ۲۰، آچر ۲۱ جنوري 2024ع تي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري حيدرآباد ۾ سنڌي وڪيپيڊيا سٿ پاران وڪيپيڊيا، وڪي پريت لوڪ وارتا پاڪستان فوٽوگرافي مقابلو ۽ ناري واد لوڪ وارتا جاڳرتا ۽ سکيا ورڪشاپ ڪرايو ويو، جنھن ۾ شرڪت ڪندڙن کي وڪيپيڊيا تي ڪم ڪرڻ جي سکيا، عالمي فوٽوگرافي مقابلو وڪي پريت لوڪ وارتا پاڪستان ۲۰۲۴ تي لوڪ ثقافت جا فوٽو، آڊيو ۽ وڊيو چاڙهڻ وسيلي حصو وٺي دنيا سان پاڪستان جي لوڪ ثقافت ونڊڻ لاءِ همٿايو ويو، ناري واد ۽ لوڪ وارتا (وڪيپيڊيا تي فيمنزم ۽ لوڪ ثقافت ۾ عورتن جا ليک لکڻ) جو مقابلو ۾ حصو وٺڻ لاءِ جاڳرتا ۽ سکيا ڏني وئي.
- هن پنهنجي بلاگ تي "سنڌي وڪيپيڊيا تي مضمون ڪيئن لکجي" جي عنوان سان هڪ مضمون لکيو، جنهن ۾ نون ڀاڱيدارن کي وڪيپيڊيا تي مضمون لکڻ جا مرحلا تفصيل سان بيان ڪيا ويا آهن. ان سميت هن ڪاوش سنڊي ميگزين، همسري ميگزين، انڊس نيوز سميت ٻين ڪيترن کي اخبارن ۽ رسالن ۾ سنڌي وڪيپيڊيا جي جاڳرتا لاءِ آرٽيڪل لکيا آهن.
مضمون نويسي ۽ سنوار
جوڳي اسد راڄپر سنڌي وڪيپيڊيا تي ڪيترائي مضمون لکيا، سنواريا هزارين مَضمونن کي زمرا ڏئي درجابندي ڪيا آهن، جن ۾ مختلف موضوعن تي ڄاڻ شامل آهي. هن پنهنجي بلاگ تي "سنڌي وڪيپيڊيا تي مضمون ڪيئن لکجي" جي عنوان سان هڪ مضمون پڻ لکيو، جنهن ۾ نون ڀاڱيدارن کي وڪيپيڊيا تي مضمون لکڻ جا مرحلا تفصيل سان بيان ڪيا ويا آهن.
سنڌي وڪيپيڊيا تي انتظامي ۽ ٽيڪنيڪل ڪردار
جوڳي اسد راڄپر سنڌي وڪيپيڊيا جو منتظم پڻ آهي، جتي هو انتظامي ۽ ٽيڪنيڪل معاملن ۾ واهِر ڪري ٿو. انهن سڀني ڪوششن سان، جوڳي اسد راڄپر سنڌي وڪيپيڊيا جي مواد جي معيار ۾ بهتري، نون ڀاڱيدارن جي تربيت، ۽ انتظامي توڙي ٽيڪنيڪل معاملن ۾ اهم ڪردار نڀايو آهي. هن "اڄ جو قول" ۽ ٻين رٿائن لاءِ مواد لکيو آهي ۽ سنڌي وڪيپيڊيا جي بهتر سارسنڀال لاءِ ڪم ڪيو آهي. سنڌي وڪيپيڊيا تي عالمي رٿائون آڻڻ ۽ انهن تي ڀاڱيداريون ڪرڻ: جوڳي اسد راڄپر "وڪي پريت لوڪ وارتا" (Wiki Loves Folklore) ،"وڪيپيڊيا ايشيائي مهينو"، "ناري واد ۽ لوڪ وارتا"، جهڙين عالمي رٿائن کي نه رُڳو پاڪستان ۾ آرگنائز ڪري رهيو آهي، پر انهن ۾ ڀاڱو وٺندڙن کي جاڳرتا ڄاڻ ۽ سکيا پڻ ڏني آهي. انهن رٿائن هيٺ هن پاڪستان جي سڀني قومن جي لوڪ ثقافت ۽ ورثي کي وڪيپيڊيا ڪامنز تي دستاويز ڪرڻ جو ڪم سنڀاليو آهي. هن "وڪي محبوب ناريون" ۽ "ناري واد ۽ لوڪ وارتا" رٿائن ۾ پڻ سرگرمي سان ڀاڱيداريون ڪري عورتن جي مسئلن تي مواد لکڻ ۽ وڪيپيڊيا جي ڀيڻُ رِٿا وڪيميڊيا ڪامنز فوٽو چاڙهڻ لاءِ ماڻهن کي همٿائي رهيو آهي.
لوڪ ثقافت ۽ عورتن بابت ليک لکڻ جون چٽاڀيٽيون
ناري واد ۽ لوڪ وارتا (Feminism and Folklore)
جوڳي اسد راڄپر "ناري واد ۽ لوڪ وارتا" رٿا ۾ ڀاڱيداري ڪندي سنڌي وڪيپيڊيا تي مضمونن جي واڌاري لاءِ ڪوششون ڪيون آهن. هن رٿا جو مقصد وڪيپيڊيا تي جنس جي فرق کي گهٽائڻ ۽ عورتن جي لوڪ ڪهاڻين کي دستاويز ڪرڻ آهي.
وڪي محبوب ناريون (Wiki Loves Women)
جوڳي اسد راڄپر "وڪي محبوب ناريون" رٿا ۾ پڻ ڀاڱيداري ڪئي آهي، جنهن جو مقصد عورتن سان لاڳاپيل موضوعن تي مضمونن جي تخليق ۽ واڌاري آهي. هن رٿا ذريعي، هن سنڌي وڪيپيڊيا تي عورتن جي سوانح عمري ۽ انهن جي ڪاميابين بابت مواد شامل ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. ان رِٿا ۾ 2020 واري شماري ۾ 111 ليک لکيا ويا{حوالو 3}.، 2021 واري شماري ۾ 28 ليک لکيا ويا{حوالو 4}، {حوالو 1}، {حوالو 2}، {حوالو 3}
وڪيپيڊيا ايشيائي مهينو (Wikipedia Asian Month)
وڪيپيڊيا ايشيائي مهيني" جي سلسلي ۾، جوڳي اسد راڄپر ايشيائي ملڪن بابت ڪيترائي مضمون لکيا ۽ ترجمو ڪيا، جيڪي سنڌي وڪيپيڊيا جي مواد ۾ اضافي جو سبب بڻيا. هن مختلف مضمون لکڻ جي مقابلن ۾ حصو وٺندي معيار وارا مضمون شامل ڪيا. جوڳي اسد راڄپر "وڪيپيڊيا ايشيائي مهينو" کي 2015ع ۾ سنڌي وڪيپيڊيا تي متعارف ڪرايو، تڏهن کان وٺي هو وڪپيپيڊيا ايشائي مهيني جو سرگرم ڀاڱيداري آهي، ان مقابلي پٽاندڙ هِن ايشيائي ملڪن بابت مضمونن لکڻ ۽ ترجمي جو ڪم ڪيو آهي. هن مهم جو مقصد مختلف ايشيائي ثقافتن ۽ ملڪن بابت ڄاڻ کي وڪيپيڊيا تي وڌائڻ آهي. سال2019 واري مقابلي ۾ هن سنڌ ۽ پاڪستان جي تاريخ، ثقافت، ٻولي ۽ ناليوارن ماڻهن جا مٰضمون آزربائيجاني ٻوليءَ ۾ لکرائڻ جي لاءِ آزربائيجاني وڪيپيڊيا برادريءَ سان سهڪار ڪيو جنهن ۾ سنڌ توڙي پاڪستان جي تاريخ، ماڳ مڪانن، ثقافت، ٻولي ۽ ناليوارن ماڻهن جا ليک آزربائيجاني ٻوليءَ ۾ لکيا ويا، جڏهن ته جوڳي اسد راڄپر سنڌي ٻوليءَ ۾ سنڌي وڪيپيڊيا تي آزربائيجان جي ٻولي، ثقافت، تاريخ، ماڳ مڪانن جا مضمون سنڌي ٻوليءَ ۾ سنڌي وڪيپيڊيا تي لکيا}حوالو ڏسو{،{حوالو}. هي سامهون نيري رنگ ۾ ڳنڍڻو آهي ان تي ٽڙڪ ڪري تفصيل ڏسو وڪيپيڊيا:سنڌي آذربائيجاني وڪيپيڊيا سهڪار - وڪيپيڊيا
سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪوششون ۽ نوان لفظ آڻڻ
جوڳي اسد راڄپر سنڌي ٻوليءَ ۾ نون اصطلاحن کي شامل ڪرڻ ۽ انهن کي جديد دنيا سان جوڙائتو بڻائڻ لاءِ اهم ڪردار نڀائي رهيو آهي. سندس ڪوششون سنڌي ٻوليءَ جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ ترقيءَ ۾ اهم آهن. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو پنهنجي ڪتاب "سنڌي ٻولي ۽ ثقافت" ۾ جوڳي اسد راڄپر جي انهن ڪوششن جو ذڪر ڪيو آهي، جن وسيلي هن سنڌي ٻوليءَ ۾ نون لفظن ۽ اصطلاحن کي شامل ڪيو{حوالو}. اهي اصطلاح سنڌي ٻوليءَ جي نئين گهُرجن کي پورا ڪرڻ لاءِ تمام اهم آهن. جوڳي اسد راڄپر جي ڪوششن سان سنڌي ٻوليءَ ۾ نون لفظن جي شامل ٿيڻ ۽ سنڌي وڪيپيڊيا جي مواد ۾ واڌارو ٿيو آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ ڊجيٽلائيزيشن، ترقيءَ ۽ اڳڀرائيءَ لاءِ اهم وِک آهي. ثقافتي ۽ تحقيقي ڪم:جوڳي اسد راڄپر سنڌي ٻوليءَ ۾ نوان لفظ شامل ڪرڻ لاءِ مختلف ڊڪشنرين ۽ آن لائن وسيلن تي ڪم ڪري رهيو آهي. جهڙوڪ سنڌي ٻوليءَ جي بااخياري اداري جي آن لائن سنڌي ڊڪشنري، سنڌيت ڊاٽ ڪام جي سنڌي ڊڪشنري ۽ ٻين وسيلن تان کوجنا ڪري جديد ٽيڪنالاجيءَ جي لفظن کي سنڌي روپ ڏئي سنڌي ٻوليءَ ۾ متعارف ڪرائي رهيو آهي. جهڙوڪ ڪلڪ جي لاءِ هن ٺِڙڪ يا ٽڙڪ جو لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڏنو آهي {سنڌي ٻولي ۽ ثقافت ڪتاب جو حوالو} ، اهڙِيءَ ريت لنڪ لفظ جي لاءِ ڳنڍڻو، يا ڪَڙي لفظ جو واهپو ڪرڻ سميت ان کي سنڌي وڪشنري، گلوب عالمي سنڌي ڊڪشنري ۾ پڻ اهي لفظ وجهڻ جو ڪم ڪندو رهي ٿو. جوڳي اسد راڄپر پاڪستان ۾ رهندڙ مڙني قومن جي لوڪ ثقافت کي دنيا سان ونڊڻ جي لاءِ پاڪستان ۾ عالمي فوٽوگرافي مقابلا پڻ ڪرائي رهيو آهي. {حوالو} ٻوليءَ جي ترقي:هن سنڌي ٻوليءَ ۾ نون اصطلاحن جي شامل ڪرڻ ۽ ترجمي جي عمل کي آسان بڻائڻ لاءِ سنڌي ماڻهن کي آن لائن سنڌي ڊڪشنرين ۽ ڪي بورڊ جهڙن وسيلن سان لاڳاپيل ڄاڻ ڏني آهي.
سنڌي ٻوليءَ لاءِ سندس ڪم جي مڃتا
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو پنهنجي ڪتاب "سنڌي ٻولي ۽ ثقافت" ۾ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي وڪيپيڊيا لاءِ جوڳي اسد راڄپر ڪيل سيوا کي بيان ڪيو آهي{حوالو[1]}. هن جوڳي اسد راڄپر جي ڪوششن کي ساراهيندي لکيو آهي ته: "جوڳي اسد راڄپر سنڌي وڪيپيڊيا جي واڌاري ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي{حوالو}. هن جي محنت ۽ جذبي سان سنڌي وڪيپيڊيا تي ڪيترائي مضمون شامل ٿيا آهن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي علمي سرمايي ۾ واڌارو ثابت ٿيا آهن." ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جوڳي اسد راڄپر جي ڪوششن کي سنڌي ٻوليءَ جي بقا ۽ ترقيءَ لاءِ اهم قرار ڏنو آهي. ان ڪتاب ۾ جوڳي اسد راڄپر جي ڪم لاءِ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو لکيو آهي ته جوڳي اسد راڄپر سنڌي ٻوليءَ ۾ نوان لفظ شامل ڪندو رهي ٿو{حوالو}. هن جي ڪوششن سان سنڌي ٻوليءَ ۾ جديد اصطلاحن جو واڌارو ٿيو آهي، جيڪو ٻوليءَ جي اوسر لاءِ ضروري آهي.
تَتُ
جوڳي اسد راڄپر جو ڪم سنڌي ٻولي، ثقافت، ۽ علمي مواد جي واڌاري لاءِ اهميت جوڳو آهي. هن جي اڻٿڪ ڪوششن سان سنڌي وڪيپيڊيا نه رڳو مواد ۾ مالا مال ٿي آهي، پر سنڌي ٻوليءَ کي جديد دنيا سان وِک ۾ وِک ملائي هلڻ ۾ مدد ملي آهي. سندس ڪردار سنڌي وڪيپيڊيا، سنڌي ٻولي ۽ ثقافت لاءِ هڪ مشعل راهه آهي.
سال 2024ع ۾ ڀاڱيداريون
مٿي سندس ڪم جو مختصر خاڪو پورو ٿيو، هاڻي اچو ته جوڳي اسد راڄپر جي 2024ع ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي وڪيپيڊيا تي ڪيل ڪم کي پرکيون.
- جوڳي اسد راڄپر سال 2024ع ۾ سنڌي وڪيپيڊيا ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ڊجيٽلائيزيشن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن سنڌي وڪيپيڊيا تي "وڪيپيڊيا ايشيائي مهينو" (Wikipedia Asian Month) 2024 ۽ ناري واد لوڪ وارتا (فيمنزم اينڊ فوڪ لور) ليک لکڻ جي چٽاڀيٽين جو انتظام ڪيو، جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن کي ايشيا، لوڪ ثقافت، عورتن سان لاڳاپيل موضوعن تي سنڌي ٻوليءَ ۾ مضمون لکڻ جي لاءِ همٿايو ويو ۽ انيڪ مضمون سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيا ويا.
- ان کانسواءِ، جوڳي اسد راڄپر "وڪي پريت لوڪ وارتا" (Wiki Loves Folklore) فوٽوگرافي مقابلي ۾ پڻ سرگرم رهيو، جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان جي لوڪ ثقافت جا فوٽوز، آڊيو، ۽ وڊيوز وڪيميڊيا ڪامنز تي اپلوڊ ڪرڻ جي ترغيب ڏني وئي. هن ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن کي وڪيپيڊيا سنڌ سميت پاڪستان جي لوڪ سڀيتا ۽ عورتن تي مواد لکڻ ۽ لوڪ ثقافت جي روايتن، رهڻي ڪهڻيءَ وغيره جا فوٽو وڪيميڊيا ڪامنز تي اپلوڊ ڪرڻ جي سکيا ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي لوڪ ثقافت جون 48 تصويرون ونڊيون ويون.
- ناري واد ۽ لوڪ وارتا 2024 چٽاڀيٽيءَ ۾ جوڳي اسد راڄپر جي سارسنڀال هيٺ سنڌي وڪيپيڊيا تي سنڌي ٻوليءَ ۾ 32 نوان ليک لکيا ويا. انهن سرگرمين ذريعي، جوڳي اسد راڄپر سنڌي ٻوليءَ جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ وڪيپيڊيا تي مواد جي واڌاري ۾ اهم ڪردار نڀايو آهي. سال 2024ع ۾ جوڳي اسد راڄپر جون سنڌي ٻوليءَ جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ سنڌي وڪيپيڊيا لاءِ ڪيل ڀاڱيداريون ۽ سندس سنڀال هيٺ سنڌي ٻوليءَ ۾ رٿائن جو احوال هيٺ ڏجن ٿا.
- ناري واد ۽ لوڪ وارتا (Feminism and Folklore):
جوڳي اسد راڄپر جي سارسنڀال هيٺ سنڌي وڪيپيڊيا تي"ناري واد ۽ لوڪ وارتا" رٿا هلائي وئي جنهن ۾ هن ڀاڱيداري ڪندي سنڌي وڪيپيڊيا تي مضمونن جي واڌاري لاءِ ڪوششون ڪيون آهن. هن رٿا جو مقصد وڪيپيڊيا تي جنس جي فرق کي گهٽائڻ ۽ عورتن جي لوڪ ڪهاڻين کي دستاويز ڪرڻ آهي. هن رٿا پٽاندڙ سنڌي ٻوليءَ ۾ سنڌي وڪيپيڊيا تي 32 نوان ليک لکيا ويا. ميٽاوڪي تي ان مقابلي جو ڳنڍڻو هن ريت آهي 1. . https://meta.wikimedia.org/wiki/Feminism_and_Folklore/sd
- "وڪيپيڊيا ايشيائي مهينو" وڪيپيڊيا ايشيائي مهينو 2024ع ۾ ايشيائي ڏيهن سان لاڳاپايل مختلف موضوعن سان سلهاڙيل ليک سنڌي ٻوليءَ ۾ سنڌي وڪيپيڊيا تي لکيا ويا. جوڳي اسد راڄپر سال 2024ع ۾ ڪيترن ئي عالمي ۽ قومي رِٿائن ۾ سنڌي وڪيپيڊيا جي نمائندگي ڪئي ۽ پاڪستان جي لوڪ ثقافت کي دنيا سان ونڊڻ جي ڪم جي سنڀال ڪئي:
- وڪي پريت لوڪ وارتا: سال 2024ع ۾ هن وڪي پريت لوڪ وارتا فوٽوگرافي مقابلي ۾ قومي آرگنائيزر طور ڪردار ادا ڪيو.جنهن جو مقصد لوڪ ثقافت کي دنيا سان ونڊڻ هيو. سال 2024ع ۾ جوڳي اسد راڄپر ناري واد ۽ لوڪ وارتا بابت مضمون لکڻ جي مقابلي ۾ حصو وٺندڙن جي تربيت ڪئي، ان مقابلي ۾ سندس سارسنڀال هيٺ انيڪ مضمون سنڌي وڪيپيڊيا تي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيا ويا.
- ڇنڇر 20 ۽ آچر21 جنوري 2024 ع تي، سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري حيدرآباد ۾ سنڌ سميت پاڪستان جي لوڪ ثقافت جي ميڊيا فائلز کي دنيا سان ونڊڻ ۽ لوڪ ثقافت سميت لوڪ سڀيتا ۾ عورتن جي ڪردار بابت سنڌي وڪيپيڊيا تي ليک لکڻ جي جاڳرتا ۽ سکيا لاءِ ٻن ڏينھن جي ورڪشاپ ڪئي وئي، جتي جوڳي اسد راڄپر مک آرگنائيزر طور ڪردار نڀايو. ھن ورڪشاپ ۾:
- وڪيپيڊيا تي مضمون لکڻ ۽ وڪيميڊيا ڪامنز تي لوڪ ثقافت جا فوٽو، آڊيو، ۽ وڊيو چاڙهڻ جي سکيا ڏني وئي.
- شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان جي لوڪ ثقافت ۽ ناري واد تي مواد لکڻ لاءِ اتساھيو ويو.
- گڏجاڻي ۾ سنڌي وڪيپيڊيا جي معيار کي بھتر بڻائڻ لاءِ صلاح مشورا ڪيا ويا.
- منهنجو ڪم رُڳو اتي ختم نٿو ٿئي، مون سنڌي ٻوليءَ ۾ وڪيپيڊيا، ميٽاوڪي تي انيڪ پيج ترجمو ڪيا آهن، گوگل ترجمي سميت سنڌي ٻوليءَ ۾ آن لائڻ ڊڪشنرين تي پڻ ڀاڱيداريون ڪيون آهن.
مٿي بيان ڪيل ڪم جي ثابتي لاءِ هيٺ ڏنل ڳنڍڻن (لنڪس) کي ڌار ڌار کولي منهنجي ڪم کي پرکي سگهجي ٿو.
ڳنڍڻا/حوالا/ببلوگرافي
- ↑ "سنڌي ٻولي ۽ سوشل ميڊيا: مونجهارا ۽ حل - سنڌي ٻولي ۽ ثقافت", books.sindhsalamat.com (ٻولي ۾ سنڌي), 12 جنوري 2025, حاصل ڪيل 07 فيبروري 2025۔
وڌيڪ ڳنڍڻا
- سنڌي وڪشنريءَ تي سال 2024ع دوران منهنجي ڪيل ڀاڱيدارين جا سڀ ڳنڍڻا https://w.wiki/CyZ6
- سنڌي وڪيپيڊيا تي سال 2024ع ۾ منهنجي ڪُل ڀاڱيدارين جو ڪم هتي ڏسي سگهجي ٿو. https://w.wiki/CyZB
- لوڪ ثقافت ۾ عورتن جي حوالي سان ليک لکڻ جو عالمي مقابلو سنڌي وڪيپيڊيا تي ڪرايل ناري واد لوڪ وارتا جو صفحو https://w.wiki/8c7p ۽ پاڇي صفحو https://w.wiki/CyZ8
- سال 2024ع ۾ سنڌي وڪيپيڊيا تي منهنجي سڀ ڀاڱيدارين جو تفصيلي ڳنڍڻو هيٺ ڏجي ٿو، انهن مان هر هڪ ڳنڍڻي تي ٽڙڪ ڪري الڳ الڳ مضمون پڙهي، پرکي سگهجي ٿو. https://w.wiki/CyZB
- ڳنڍڻا. https://w.wiki/CyZF . https://w.wiki/CyZB
- گلوبي آن لائن ڊڪشنري _ سنڌي کان انگريزي _ انگريزي کان سنڌي تي سماجي
- سنڌي ٻولي ۽ ثقافت ڪتاب
- سال 2024ع ۾ وڌيڪ ڪم جا ڳنڍڻا هيٺ ڏجن ٿا.
- وڪيپيڊيا:سنڌي آذربائيجاني وڪيپيڊيا سهڪار - وڪيپيڊيا، ميٽا تي سنڌيءَ ۾ پَنو
- Sindhi-Azerbaijani Wiki Collaboration - Meta
- سنڌي-آذربائيجاني وڪي سهڪار
- سنڌي وڪيپيڊيا تي منهنجو واپرائيندڙ پَنو
- وڌيڪ ليک