واپرائيندڙ:Jamil Ahmed Abbasi

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

لاڪ ڊائون جا ڏينھن ۽ راتيون

امداد سولنگي

...ڪينسر جي بيماريء ۾ انسان ويچارو ڪھڙي عذاب ۾ وٺبو آھي.اھا بيماري رڳو ان ھڪڙي گھر ڀاتي تائين محدود ناھي رھندي پر مرض جي ڄر ھر ڀاتيء کي به ساڙي  رک ڪري ڇڏيندي آھي ۽  ھر ڏينھن ڄڻ  يوم الحساب جھڙو ڏيک ڏيندو آھي..

موت اڌ دم ،سڄو دم، سوال جي نشاني يان وري عجب جي نشاني ته ضرور ٿي سگھي ٿو پر اھو پورو دم نه آھي.جڳ مشھور آمريڪي شاعر والٽ وٽمئن به ساڳي خيال کي پنھنجي شاعري جي اھم ڪتاب ليوز آف  گراس ۾ ور ور ڪري ورجايو آھي.سندس ان  ڪتاب جو مرڪزي خيال به  اھو ئي آھي.ايتري تائين جو ڪجھ سھيوڳي ليکڪن والٽ وٽمئن کي موت کان اتساھيل ليکڪ پڻ قرار ڏنو.والٽ وٽمئن اھو مڃڻ لاء تيار ئي نه آھي ته ڪو موت اچڻ سان انسان جو مڪمل خاتمو ٿي وڃي ٿو. والٽ وٽمئن پنھنجي ان خيال کي چٽي ڪرڻ لاء   Toatal ceasation جو اصطلاح پڻ رواج ۾ آندو ۽ چيو ته :

death is not total ceasation of

personal identity

اڄ جڏھن سرحد پار کان ننڍي کنڊ جي اھم آرٽسٽ  عرفان خان جي چالاڻي جو ڄاڻ پھتو آھي والٽ وٽمئن جا لفظ منھنجي خيالن جا در کڙڪائڻ لڳا آھن.فطرتي طور ڏک جي تمام وڏي ديوار منھنجي چوڌاري کڄي وئي آھي..

ڪينسر جي مرض جو خبر ناھي ته  ڪو عشق آھي آرٽسٽن سان الاء ڇا جو ننڍي کنڊ جي نوجوان پاپ ڳائڻي نازيه حسن به ان مرض  جوشڪار ٿي  نوجواني ۾ موڪلائي وئي ھئي. آمريڪن اينيميشن انڊسٽري جو باني والٽر ڊزني به ڪينسر ۾ موڪلايو.آمريڪن آسڪر انعام حاصل ڪندڙ اداڪار پال نيومين به ڪينسر ۾ وڇڙي ويو.جڳ مشھور راڳي باب مرلي به ڪينسر وگھي اکيون بند ڪيون.بالي ووڊ جي تمام وڏي اداڪار ونود کنا به ڪينسر جي چٽڻي ٿيو.مشھور انڊين اداڪارائن  سونالي بيندري،منيشا ڪورالا ۽ ليزاري جا ڇا حال ھوندا  جيڪي ان مرض سان مڙس ماڻھونء وانگر جھيڙي رھيون آھن. ڪافي سال اڳ سنجي دت جي امڙ نرگس، پھريون سپر اسٽار راجيش کنا، معمر اداڪارفيروز خان به ڪينسر جي مرض جو بک ٿي وڇڙي ويا ھئا.

ڪينسر جي بيماريء ۾ انسان ويچارو ڪھڙي عذاب ۾ وٺبو آھي.اھا بيماري رڳو ان ھڪڙي گھر ڀاتي تائين محدود ناھي رھندي پر مرض جي ڄر ھر ڀاتيء کي به ساڙي  رک ڪري ڇڏيندي آھي ۽  ھر ڏينھن ڄڻ  يوم الحساب جھڙو ڏيک ڏيندو آھي..

عرفان خان جو وڇوڙو ھڪ وڏي آرٽسٽ جو وڇوڙو آھي.جڏھن ڪو آرٽسٽ وڇڙي ٿو وڃي ته  دراصل فطرت پنھنجي ھڪ ڪاتب کان محرم ٿي وڃي ٿي.فطرت جو اصل حسن آرٽسٽ جي اکين جي زاويئي ۾ ھوندو آھي.ڇو ته آرٽسٽ جا لفظ فطرت کي بينائي به ڏيندا آھن ته گويائي به ڏيندا آھن.اگر آرٽسٽ فطرت جي رازن کي بيان نه ڪري ته دنيا جو حسن ڪاراٽجي ويندو.جڏھن آرٽسٽ تي موت لھي ٿو ته اھي اکيون پٿرائجي ٿيو وڃن  جيڪا ٻڪ ۾ بحيره احمر جھڙا سمنڊ چتائن ٿيون.ڪيڏو نه وڏو سانحو آھي! تڏھن اياز سر لوھيڙا ڳڀيا ۾ رقم ڪيو آھي :

نظم

شيخ اياز

”ته مون توکي در ٻاهران

سال کان وڌيڪ ترسايو آهي،

۽ ان وچ ۾ جيتري ڪويتا

پوري ٿي سگهي آهي

مون لکي ورتي آهي،

ائين آهي ته زندگي جو ڪارج

ڪيترو ئي پيو آهي،

۽ مان سمنڊ تي اڃان

ڪيئي سج اُڀرندا

۽ ڪيئي پُڏندا ڏسڻ چاهيان ٿو.

ڪيڏي ته اِڇا آهي مون ۾

ته مان سمنڊ کي اڃا

چنڊ ڏانهن اُڏامندو ڏسان

۽ منهوڙي جي پهاڙين سان

ٽڪرائي موٽندو ڏسان

۽ اونهي تي کاري کيڙائو سِڙهه تان

پر مارَ ماريندو ۽

ڪيِنا پکي اُڏائيندو ڏسان!

جيتوڻيڪ مان غالب کان گهٽ

ارمان کڻي ٿو وڃان،

تڏهن به مان وڃڻ نٿو چاهيان،

هي زندگي تيستائين مٺي آهي.“

مڙي ويل عمر جي حد ۾

آرٽسٽ  فطرتي طور تي زندگي جي

حسناڪين ۾ پيدا ٿيل پيار کي چٽيندو آھي

ان کي موت جو خوف نه پرمختصر ٿيندڙ  عمر جو ڏک ڏيل ڏڪائيندو آھي  ڇو ته  فطرت جي حسن کي نروار ڪرڻ جي قوت آرٽسٽ وٽ ھوندي آھي ھو جئيڻ جي تمنا انڪري ڪندو آھي ته جئين ھو فطرت پنھنجي آرٽ جو ڇھاء  

عطا ڪري فطرت جي حسن کي پايندگي عطا ڪري

ڇو ته اھو ڪم صرف آرٽسٽ جي اک ڪري ٿي سگھي

جي اگر اھا ٻوٽجي ٿي وڃي ته  فطرت جي حسن جو عظيم نقصان ٿئي ٿو.

آرٽسٽ جي اک جي ماڻڪين جو

منجمند ٿي وڃڻ ھڪ وڏي سانحي

جي برپا ٿيڻ جي برابر آھي

آرٽسٽ قدرت کان رعايت انڪري گھرندو آھي ته جئين ھو  فطرت جي حسن کي

آرٽ جي گرفت ۾ آڻي

دنيا جو عظيم آرٽ

تخليق ڪري سگھي

آرٽسٽ جي اھا ڪيڏي  نيڪ خواھش ھجي ٿي جيڪا ھر ذاتي خواھش کان مٿي آھي آرٽسٽ  زندگي پنھنجي لاء نه پر حسن ازل کي دوام بخشڻ لاء ٻاڏائي گھرندو آھي.عرفان خان به ته اھڙو آرٽسٽ ھو .جنھن پنھنجي آرٽ جي زريعي لافاني ڪرادر تخليق ڪرڻ ٿي گھريا.پر موت ھن کي مھلت نه ڏني.عرفان ڪيڏو نه جلد ھليو ويو .الوداع پيارا عرفان الوداع .

جيتوڻيڪ مان غالب کان گهٽ

ارمان کڻي ٿو وڃان،

تڏهن به مان وڃڻ نٿو چاهيان،

هي زندگي تيستائين مٺي آهي.“