واپرائيندڙ:Anees mangi
حسيب ناياب منگي : سنڌ جي نوجوان نثر نويس حسيب ناياب جو اصل نالو حسيب الرحمان آهي. پاڻ سنڌ جي نالي واري شاعر اديب ۽ محقق "نقش" ناياب منگي جو پٽ آهي. سندس جنم 2 جنوري 1990ع تي شڪارپور ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم کان سيڪنڊري تائين شڪارپور ۾ پڙهيو. شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان بي. اي ۽ ايم. اي توڙي بي. ايڊ ۽ ايم. ايڊ جون ڊگريون حاصل ڪيائين. 2003ع کان باقاعده لکڻ جي شروعات ڪئي اٿائين. هو هن وقت تائين 100 کان وڌيڪ تاريخي مضمون ۽ مقالا لکي چڪو آهي. 100 کان وڌيڪ سنڌ ۽ هندستان جي شخصيتن جا خاڪا لکيا اٿائين. 50 ڪهاڻيون لکيون اٿائين جيڪي سڀ هندستان جي سنڌي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيون آهن. سندس پسنديده موضوع شڪارپور آهي. جڏهن ته مذهبي ۽ حالات حاضره تي به مضمون لکندو آهي. سير ۽ سفر جو شوقين آهي. سنڌ جي تريخي مڪانن ۽ هنڌن کان علاوه ايران به گهمي آيو آهي. هو شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾ ڪتاب جو مرتب آهي. سندس ٻيا ڪتاب اڃان ڇپجي نه سگهيا آهن