مواد ڏانھن هلو

واپرائيندڙ:Abdul~sdwiki

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مولان احمد رضا خان قادري رضوي ولادتِ با سعادت حضرت علامه مولانا، الحاج، الحافـظ، القاري، الشّاھ امـام احمـد رضـا خـان عَلَيْهِ رَحْمَةُ الرَّحْمٰن جي ولادت باسعادت بريلي شريف جي پاڙي جَسولي ۾ 10 شَوَّالُ المُڪَـرَّم 1272هه، ڇنڇر جي ڏينهن ظهر جي وقت بمطابق 14 جون 1856ع تي ٿي. پيدائش جي سال جي اعتبار کان سندن تاريخي نالو اَلمُختار (1272هه) آهي. (حيات اعلي حضرت ج 1 ص 85 مڪتبة المدينه باب المدينه ڪراچي)

اعلي حضرت جي ولادت جو سال

            منهنجا آقا اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي ولادت جو سال سيپاري 28 سُورَةُ المُجَادَلَه جي آيت نمبر 22 مان ڪڍيو آهي، هن آيت شريف جا عِلمِ اَبجَد جي اعتبار سان عدد 1272 آهن ۽ هجري سال جي حساب سان اهو ئي سندن جي ولادت جو سال آهي، جيئن ته مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ملفوظات اعليٰ حضرت صفحي 410 تي آهي؛ ولادت جي تاريخن جو ذڪر هو ته (سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه) ارشاد فرمايو؛ بِحمدِللهِ تَعاليٰ منهنجي ولادت جي تاريخ هن آيت سڳوري ۾ آهي؛
 اُولٰٓئِکَ  کَتَبَ فِیۡ قُلُوۡبِہِمُ الۡاِیۡمَانَ      وَاَیَّدَہُمۡ بِرُوۡحٍ مِّنۡہُ    ؕ (پ 28 المجادله؛22)	ترجموڪنزالايمان؛اهي آهن جن جي دلين ۾ الله ايمان کي نقش فرمائي ڇڏيو ۽ پنهنجي طرف کان روح سان انهن جي مدد فرمائي .

سندن جو نالو مبارڪ “محمد” آهي ۽ سندن جا ڏاڏا احمد رضا چئي ڪري سڏيندا هئا، پوءِ ان ئي نالي سان مشهور ٿيا. تصنيف منهنجا آقا اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مختلف عنوانن تي تقريباً هڪ هزار ڪتاب لکيا آهن، هونئن ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه 1286هه کان 1340هه تائين لکين فتوائون لکيائون، پر افسوس جو سڀئي نقل نه ٿي سگهيون. جيڪي نقل ڪيو ويون انهن جو نالو “اَلعَطايا النَّبوِيَّہ في الفَتاوَي الرَّضوِيَّہ” رکيو ويو. فتاويٰ رضويہ تخريج شده جا 30 جلد آهن. جن جا ڪل صفحات 21656، ڪل سوالات ۽ جوابات 6847، ۽ ڪل رسائل 206 آهن. (فتاويٰ رضويه ج 30 ص 10 رضا فاؤنڊيشن لاهور)

      قرآن، حديث، فقہ، منطق ۽ ڪلام وغيره ۾ پاڻ  رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي وُسعتِ نظري جو اندازو پاڻ  رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي فتوائن جي مطالعي سان ئي ٿي سگهي ٿو. ڇوته سندن جي هر فتويٰ ۾ دليلن جو سمنڊ ڇوليون هڻي رهيو آهي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ڪجهه ٻين ڪتابن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا. 
 {1} “سُبحٰنَ السُّبُّوح عَن عیبِ کِذبٍ مَقْبُوح” سچي خدا تي ڪوڙ جي تهمت هڻڻ وارن جي رد ۾ هي رسالو تحرير فرمايائون، جنهن مخالفن جا وات بند ڪري ڇڏيا ۽ قلم بيهاري ڇڏيا. {2} مَقامِعُ الْحَدِید {3} اَلْاَمْنُ وَالْعُلٰی {4} تَجَلِّی الْیقین {5} اَلکَوکَبَۃُ الشَّھَابِیۃ {6} سِلّ السُّیُوف الھِندیہ {7} حیاتُ الموات ۔

قرآن شريف جو ترجمو

      منهنجا آقا اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه قرآن ڪريم جو ترجمو ڪيو جيڪو اُردو ۾ موجود سڀني ترجمن تي فوقيت رکي ٿو، ترجمي جو نالو “ڪَـنزُالايـمـان” آهي جنهن تي پاڻ   رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي خليفي صَدۡرالاَفاضِل حضرت علامه مولانا سيِّد محمد نعيمُ الدّين مراد آبادي عَلَیهِ رَحْمَةُ اﷲِ الهادي خزائنُ العِرفان ۽ مُفسّر شهير، حڪيمُ الاُمّت، حضرت مفتي احمد يار خان عَلَيْهِ رَحْمَةُ الحنّان نورُ العِرفان جي نالي سان حاشيه لکيا آهن۔ 

وصال اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي وفات کان 4 مهينا 22 ڏينهن پهريان پنهنجي وصال جي خبر ڏئي ڪري سيپاري 29 سُورَةُ الدَّهر جي آيت 15 مان وفات جو سال ڪڍيو هو، هن آيت سڳوري جا علمِ اَبجَد جي حساب سان 1340 عدد بڻجن ٿا ۽ اهو ئي هجري سال جي اعتبار سان سندن جي وفات جو سال آهي، اها آيت پاڪ هي آهي

  وَ یُطَافُ عَلَیۡہِمۡ  بِاٰنِیَۃٍ  مِّنۡ  فِضَّۃٍ    وَّ اَکۡوَابٍ                                (پ 29 الدهر 15)	ترجمو ڪنزالايمان؛ ۽ انهن تي ڦِرندا چاندي جا ٿانوءَ ۽ لوٽا۔ 

25 صَفرُالمُظَفَّر 1340 بمطابق 28 اڪتوبر 1921 جمعة المبارڪ جي ڏينهن هندوستان جي وقت مطابق 2 لڳي 38 منٽ (۽ پاڪستان جي وقت مطابق 2 لڳي 8 منٽ) تي عين جمعي جي اَذان جي وقت اعليٰ حضرت، ، حضرت علامه مولانا، الحاج، الحافظ، القاري، الشّاھ امام احمد رضا خان عَلَيْهِ رَحْمَةُ الرَّحْمٰن جن داعيءِ اَجَل کي لَـبَـيّـڪ چيو، اِنَّا لِلّٰہِ وَ اِنَّاۤ اِلَیۡہِ رٰجِعُـوۡنَ 0 سندن جو مزار پُر اَنوار مدينةُ الـمُرشِد بريلي شريف ۾ اڄ به خاص ۽ عام لاءِ زيارت گاهه آهي۔