واپرائيندڙ:39.38.25.51/مشق پٽي
ماھ جبين قزلباش ([انگريزي: Mahjabeen Qazalbash]، جنم: 1958ع ـ وفات: 26 فيبروري 2020ع) پشتو ٻوليءَ جي مشهور ڳائڻي هئي. هن سنڌي، اردو، هندڪو، سرائڪي ۽ اردوءَ ۾ به خوبصورت گيت ڳايا. هن فارسيءَ ۽ ترڪي ٻوليءَ ۾ پڻ پنهنجا سر وکيريا. کيس پنهنجي مٺڙي آواز ۽ من موهيندڙ گائڪيءَ سبب ”سرحد جي بلبل“ ڪوٺيو ويندو هو.
ذاتي زندگي
[سنواريو]ماھ جبين قزلباش جو جنم 1958ع ۾ پشاور ۾ ٿيو. سندس وڏا اصل ۾ افغانستان جي هرات صوبي جا ويٺل هئا. سندس پيءُ هرات مان لڏي اچي پشاور ۾ پنهنجا پکا اڏيا. ماھ جبين جو ننڍپڻ پشاور ۾ ئي گذريو. سندس اصل نالو ثريا بيگم هو. هن 13 سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ ڳائڻ شروع ڪيو. هوءَ اورڪزئي قبيلي سان واسطو رکندڙ فلمي اداڪار اجمل خان سان شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل هئي. کيس ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ جو اولاد هو.
فن جو سفر
[سنواريو]ماھ جبين 13 سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ ڳائڻ شروع ڪيو.پنهنجي خوبصورت آواز ۽ سر تار جي سڃاڻب سببان ٿوري ئي عرصي ۾ مشهوري ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. ريڊيو پاڪستان پشاور کان هن فني زندگيءَ جي شروعات ڪئي. سندس پشتو ڳايل گيت بڌيدڙن ۾ ڪافي مقبول ٿي ويا. بعد ۾ هن ٻين بولين ۾ به پنهنجي آواز جو جادو جاڳايو. هن جا ڳايل سنڌي گيت به ڪافي مقبول آهن. خاص طور تي مرحوم شمشيرالحيدريءَ جو گيت ”تون ياد وري آئين“ هن انتهائي خوبصورتيءَ سان ڳايو آهي.