واپرائيندڙ:وقارجمالي
اچو ته اوھان کي ڳوٺ علي خان جمالي جي ھڪ عظيم انسان باادب بااخلاق ايماندار ۽ سلجھيَل سوچ رکندڙ ھڪ ارڏي ۽ بھادر پٽ جي زندگي ۽ ڪردار جي باري ۾ ڪجھ حقيقتون ٻڌايان ـ اِھو سماج سڌار ۽ ھزارين زندگيون سنوارڻ وارو شخص سائين ڪامل جمالي آھي جيڪو پيشي جي نسبت سان ھڪ استاد آھي ـ سائين ڪامل جمالي پنھنجي بنيادي تعليم پنھنجي اباڻي ڳوٺ علي خان جمالي مان حاصل ڪئي آھي ـ پرائمري پاس ڪرڻ کانپوء وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاء سنڌ جي ھوائن واري شھر حيدرآباد جو رخ ڪيو اتان ميٽرڪ ۽ ڪاليج جي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوء ٽيچنگ ڪورس جي لاء جاکوڙ ڪرڻ شروع ڪيو ـ ٽيچنگ ڪورس ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ کانپوء سرڪاري نوڪري جي ڳولا شروع ڪرڻ ڪيو ـ ڪافي محنت ۽ جدوجھد ڪرڻ کانپوء آخرڪار ڪاميابي مقدر بڻجي وئي ۽ بحيثيت ھڪ استاد ٽنڊوالھيار ضلعي ۾ واقع شھر چمبڙ جي ڳوٺ دودو رند ۾ پنھنجي صلاحيتن جي شروعات ڪيائون ـ