واپرائيندڙ:نموش تلريجا
ماتر ڀاشا جو ڏينهن انڊور ۾ ،،،،،
رپورٽ : نموش تلريجا ،،
21 فيبروري وسپت ڏينهن سڄي دنيا ۾ ماءۡ جي ٻولي (ماتر ڀاشا) جو ڏينهن ملھايو ويو ، ان ڏس ۾ راشٽريه سنڌي ٻولي وڪاس پريشد دھلي جي ميمبر منيش ديوناني انڊور جي مشھور چوئٿرام اسڪول انڊور جي سنڌي شاگردن سان ملھائڻ لاء اسڪول جي ھڪ وڏي ھال ۾ پروگرام ڪرايو ، پروگرام ۾ اٽڪل 160 سنڌي ٻارن شرڪت ڪئي جڏھن ته شري منيش ديوناني ، شري جواھر منگواڻي ، شري نريش فندواڻي، شري راج گولاڻي، شري ڪيلاش سيتلاڻي ، نموش تلريجا، شريمتي ناديا مسند، شريمتي ديپيڪا ھاسيجا سميت چوئٿرام اسڪول جي پرنسپال پشپلتا مشره ۽ ٻيون ماسترياڻيون پڻ شامل ٿيون، پروگرام کي خطاب ڪندي شري منيش ديوناڻي چيو ته دنيا ۾ ماتر ڀاشالاء ھر قوم ۽ ديس ۾ ڪم ٿي رھيو آھي پوء اسين ته سنڌي شاھوڪار ٻولي جا وارث آھيون، دنيا ۾ ڪٿي به سنڌي ماڻھو ٻيون اتان جون ٻوليون جلدي ان ڪري سکي وٺندا آھن جو سنڌي ٻولي ۾ گھڻا اھڙا اکر ملن ٿا جيڪي ٻين ٻولين ۾ ڪونھن ،،ھن ٻارن کي چيو ته اوھان کي به سنڌي سکڻ گھرجي ، گھرن ۾ سنڌي ڳالھائڻ گھرجي ،، شري جواھر منگواڻي چيو ته سرڪار پاران پڻ سنڌي ٻولي کي ماڃيته مليل آھي ، توھان AIS ۽ IPS جي ڏکين ڪورسن ۾ پنهنجي ماتر ڀاشا سنڌي جو سبجيڪٽ کڻي امتحان ڏئي سگھجي ٿو، شريمتي ناديا مسند ٻارن کي ماءۡ جي ٻولي(ماترڀاشا) جا فائده ٻڌايا ۽ ٻارن سان ڳالھائيندي کائنس سنڌي کاڌن ۽ ڏڻن جا نالا پڇيا ۽ ٻارن کي گھرن ۾ سنڌي ڳالھائڻ لاء زور ڀريو، جڏھن ته آخر ۾ ڇوئٿرام اسڪول جي پرنسپال شريمتي پشپلتا مشره خطاب ڪندي (ھندي) ۾ چيو ته منهنجو بچپن توڙي جواني سنڌي پڙوسين سان گذريو آھي اڄ ھت سنڌي ٻڌي مونکي ننڍپڻ ياد اچي ويو، مونکي سنڌي سمجھ ۾ ايندي آھي ،، پر ھڪ ڳالھ جيڪا مون محسوس ڪئي آھي ته سنڌي ٻولي جتي به جنهن به گھر ۾ ھوندي آھي ته سڀيتا اۡتي ضرور ملندي آھي ،،آخر ۾ اسڪول جي محنتي (ٽيچر) ماستر نيرج موٽواڻي ۽ ساٿي پڙھائيندڙن سڀني ھٿ کڻائي اڄ ماترڀاشا جي ڪري قسم کڻائي وئي ته اسين سنڌي ٻولي سان توڙ نڀائينداسين ، سنڌي ھجڻ تي فخر ڪنداسين، پنهنجي سڀيتا کي ھميشه زنده رکنداسين ، ان کان پوء راشٽريه سنڌي ٻولي وڪاس پريشد پاران ٻارن کي تحفه ڏنا ويا ته جئين ٻارن کي اڄ جو ڏينهن سنڌي ھجڻ سان گڏ ياد رھي ،،