مواد ڏانھن هلو

واپرائيندڙ:نقاش لطيف جمالي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
                             مونکي چاڙھي چيئن،ويو وڻجارو اوھري.                         
                         ========================      

رسول بخش پليجو سنڌ جو جيئنس دماغ ھو.سياستدان، فلسفي، دانشور، نقاد ،ڏاھو،قانوندان،مقرر،ڪھاڻيڪار، شاعر ، موسيقڪار ۽ جدوجھدن جو سالار ليڊر ھو.ھنجي سياست ۾جدوجھد جون خوبصورتيون رھيون آھن،جن سنڌ ۾ سياسي،جھموري،علمي ۽ انقلابي سجاڳي آندي.رسول

بخش پليجي سنڌ جي جاگيردارانہ ۽ غلامانہ سماج جي

اوندھ اونڌڪار واري ماحول ۾ سنڌي عوام جي ذھنن ۾ شعور جون روشن مشعلون ٻاريون ۽ سنڌي عوام کي سياسي جدوجھد جي طور طريقن سان علم،دليل جي بيناد تي سائنسي طرح ھٿيار بند ڪيو.عوامي تحريڪ،ھاري تحريڪ ،سنڌياڻي تحريڪ،سنڌي شاگرد تحريڪ ۽ سجاڳ ٻار تحريڪ جھڙيون سگھاريون تنظيمون ٺاھي، جديد انداز ۾ تاريخي سياسي جدوجھدون ڪيون،پاڻي جي اھم مامري تي ڪالاباغ ڊيم خلاف ڊگھا لانگ مارچ،عورتن جي حقن جي دادرسي ۽ ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ سياسي طرح متحرڪ رھيو.رسول بخش پليجي سنڌ ۾ سياسي جدوجھد جا نوان نڪورا ڍنگ ڏنا.سنڌ ۾ ھاري ڪانفرنسون،جشن لطيف ۽ سياسي جلسن جلوسن جي سنڌ کي انقلابي امنگ ڏني.رسول بخش پليجو سائين جي ايم سيد ۽ ولي خان سان بہ سياست ۾ گڏ رھيو.رسول بخش پليجي انکانپو۽ الڳ سياست جو آغاز ڪيو،جنھن ۾ شھيد فاضل راھو، قاسم پٿر،چاچا حفيظ قريشي،شير خان لُنڊ،قاضي غفار ابن حيات رشيد ڀٽي تائين اڻڳڻيا نانءَ آھن،جن جون محنتون ۽ ڪاوشون رسول بخش پليجي جدوجھد جو ڳَرُ رھيون. اھي روشن ستارا ڪردارن جي صورت ۾ سنڌ جي اُفق تي چانڊاڻ ڪن ٿا ۽ انھن ڪردار جي ساٿ سان رسول بخش پليجي اتر سنڌ کان لاڙ ۾ راھوڪي تائين عوام دشمن قوتن کي للڪاريو ۽ سنڌ ۾ عوامي،جھموري ۽ انقلابي جدوجھدن جي ميدان ۾ ڪاھي پيو.لطيف چواڻي

              ڪاري ڪڪر ھيٺ،مون جھيڙيندا ڇڏئا
          ڪارا ڪُند ھٿنن ۾  ،  اڙل  وڇيرا  ھيٺ
          ٿي تنين سين ڏيٺ ، موٽڻ جنين ميھڻُون.

رسول بخش پليجي جي ڳالھائڻ ۽لکڻ ۾ ھڪڙي نيئن سرت ۽ لاجڪ ھوندي ھئي،جڏھن ھي شاھ سائين جي گنج کي سرن جي سلسلي ۾ کڻندو ھو تہ تلفظ ۽ شرح ۾ الڳ ٿلڳ سوچ جھلڪا ڏيندي ھئي،ڀٽائي جي فڪري پيغام تي ڏاڍو گھرو سوچيندو ھو.ھي عاشق مزاج ماڻھو شاہ جي شاعري جي احساساتي ڪيفيتن ۾ ويندي،سر سامونڊي جا وڻجارا، پڳھ،ور ۽ نارين جي اَکا وجھڻ وارين وارتائن ۾ گم ٿي ويندو ھو.تہ پو سمنڊ سياحت جون پسار ڪٿائون ھنکان ڪو ٻڌي،

          کاري  کيڙائو،  مٿي مٺي  موٽيا
       سودو ڪن نہ سون جو،وڏا وھائو
     موتي جي مھراڻ جا،تن جا طاماعو
      سامونڊي سائُو، لنڪا  لوپي   آئيا.(شاہ)

منھنجي ذھن جي اسڪرين تي اھو سوال ڦرندو رھيو آھي تہ شاھ سائين جي شاعري جي احساسن کي گھرائپ سان پسندي رسول بخش پليجو لکت جي صورت ۾ڪو ڪتاب نہ ڏئي سگھيو ڇو!!؟؟؟ھونئن تہ صبح ٿيندو،اوھانجي پڄاڻا، سندي ذات ھنجن،انڌا اونڌا ويڄ،پسي ڳاڙھا گل،وڳ ڪيئن وسريا،جن جھونا ڳڙھ جلايو،جيڪي بنگال سان ٿيو،وھڻ مون نہ وڻائو،جي تون چورين چنگ،ڪوٽ لکپت جو قيدي ، ھرڻ ھٺيلا بيٺا سوچن،ڌراڙن جا ڌڪ،ڳالھيون ڳنوارن جون، مائوزيتنگ،ھوچي منھ جي آتم ڪھاڻي،تنين ماڻڪ ميڙيا، تاريخ تراشيندڙ ۽ سنڌ پاڻي ڪيس،،تائين ڪافي سگھارو لکيو آھي،جيڪو سنڌ جو سياسي ادبي اثاثو آھي ۽ رسول بخش پليجي جي علمي قلمي ڏاھپ کان سنڌ لاڀ وٺندي رھندي.سنڌ ۾ رسول بخش پليجي جي سياست ھڪ باشعور ڪيڊر پيدا ڪيو،جيڪو رُٺل ئي صحيح پر ھن وقت بہ سنڌ جي سياسي ادبي وايومنڊل ۾ سياسي،قلمي چرپر ۾ روان دوان آھي.پليجي پڄاڻا.ان جي وڇوڙي تي لکيو ويو آھي، رسول بخش پليجي جي شخصيت تي مختلف رخن کان لکندي متضاد پاسو بہ کنيو ويو آھي.شخصيتون متضاد ھجن ٿيون.تضاد جي سائنس چوي ٿي تہ تضاد ئي شين ۾ تحرڪ آڻي ٿو .پليجو صاحب سنڌ جي نامور شخصيت ھو جيڪو متضاد رھيو .پليجو سياست جو جراح ويڄ ھوندي سوچون ۾ متضاد ڪيفيتن جو گرم سمنڊ رھيو،ھن جو رد عمل سنگلاخ رھيو.جنھن ڪري پليجي تي سوشلسٽ مُلي جو پوسٽ مارٽم،ھڪ دور جو ماتم،کاھوڙي کِجن، پليجو ڇاھي ڇاٿو چاھي،نيرولي جو ڪُن،سنڌين جو اتحاد ۽ شرپسند ٽولا،پليجو ۽ قومي خود مختياري ۽ رتي جي رھاڻ جھڙا قلم اُڀا ٿيا.پليجي صاحب جي شخصيت اندر متضاد خيالن جو وھڪرو زوران زور رھيو.گانڌي جناح ،مھاجر اشو استاد بخاري شيخ اياز سميت ڪردارن ۽ اشون تي شديد ڳالھائڻ ۽ لکڻ جون تضادن سان ڀرپور روئدادئن پليجي صاحب تي سنڌ اندر سياسي ۽ ادبي حلقن ۾ ڪاوڙ جو اُڀار پيدا ڪري ڇڏيو.رسول بخش پليجي جو اھو خطرناڪ رد عمل وارو پھلو يڪسان رھيو،سندس رويي جي گرمائش ڏاڍي شدت سان اڳتي وڌندي وئي.جيئن پليجي جي سياست جو محرڪ طبقاتي سوال ھيو سندس ظاھر ۾ قومي عوامي جھموري دائرن ۾ جدوجھد ھلندي رھي،پر وقفي وقفي سان اھو اظھار ڪرڻ تہ.نہ مان قومپرست آھيان نہ سوشلسٽ آئون انٽر نيشنلسٽ آھيان.ھو مائو کان ڏاڍو متاثر ھو،پليجي جي سياست جا ابجد مائو جي فڪري ڌاران ھيٺ رھيا تہ طبقاتي سوال جي دائري ۾ مائو ۽ ڪامريڊ لينن ۾ ڪيترو فرق آھي. اھو لينن جي ھيٺين سوچ مان نتيجو چٽو آھي ،،گھڻ قومي رياست ۾ قومي سوال کڻڻ جي اولين ضرورت آھي جيڪڏھن ڪو سوشلسٽ قومي سوال جي ابتڙ طبقاتي سوال کڻي ٿو تہ پنھنجي فڪر سوشلزم جي نفي ڪري ٿو،، مائو ۽ لينن ۾ اھو فرق آھي.ڪارل مارڪس اينگلس ۽ پليخانوف کانپوءِ لينن وڏو ماڻھو ھو سويت يونين اندر ٽراٽسڪي،اسٽالن ٽالسٽاءِ سميت گھڻا نالا آھن جن جو جدوجھد ۾ خاصو حصو رھيو.پر لينن جو پاسو ڀاري آھي. مائو تضاد تي لکيو آھي.پليجو تضادن جي سائنس کان واقف ھوندي پنھنجي ذات جي تضاد مان نڪري نہ سگھيو، جيڪو تضاد شديد ردعمل جي روپ ۾ شخصيت جي چوگرد ڦرندو رھيو ،جنھنڪري سنڌ جي بيمثال ۽ فتح جي وجھو ويندڙ سگھاري پارٽي ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي وئي.پھريان قاسم پٿر کي نيڪالي ڏني وئي،چاچا حفيظ قريشي جھڙي ڪردار پليجي صاحب ڏانھن تنبيھ جون سٽون لکندي پارٽي کي ڇڏي ويو،انکانپوءِ مصطفيٰ سھاڳ

۽ محبت ٻرڙي تائين سنڌ جو باشعورسياسي ڪيڊر

پارٽي کان نڪري ويو.نيٺ آخر رسول بخش پليجي جا پنھنجي لخت جگر اياز لطيف سان تضادن جو اختلافي لائو ٻريو ۽ پارٽي ٻن حصن ۾ ورھائجي وئي.رسول بخش پليجي جي تضادن جو اھو پاسو رھيو ئي رھيو جنھن تي تنقيد ٿيندي رھي آھي.رسول بخش پليجي جو ٻيو پاسو اھو بہ آھي تہ ھن جي سياست جوڪارگر اميج سنڌ ۾ رھندو.ڇوتہ ھن سنڌ جي صحرا ۾ شعور ۽ ڏاھپ جا گلاب پوکيا ۽ سياسي جدوجھد ۾ ڪوٽ لکپت کان سنڌ جي مختلف جيلن ۾ قيد ڪاٽيا ۽ قربانيون ڏنيون.جيڪي وسارڻ جوڳيون ناھن ۽ انکي سنڌ وساري نہ سگھندي.