مواد ڏانھن هلو

واپرائيندڙ:مظھر ڪليري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اُٺَ ويرِي، اوٺارَ ويرِي، ويرِي ٿِـيَڙَمِ ڏيرَ؛ چوٿون ويرِي واءُ ٿِيو، جنھن لَٽِيا پُنھونءَ جا پَيرَ؛ پَنجون ويري سِڄُ ٿِيو، جنھن اُلَهِي ڪِي اَويرَ؛ ڇَھون ويري ڇَپَرُ ٿِيو، جنھن سَنوان ڪَيا نه سيرَ؛ سَتون ويري چَنڊُ ٿِيو، کِڙِيو نه وَڏِيءَ ويرَ؛ واھيري جِي ويرَ، ڇُلُون ڪَرِيان ڇَپَرين!

(سُر ديسي) منهنجا ويري هڪڙا اُٺ، ٻيا جت ۽ ٽيان ڏير ٿيا. چوٿون ويري واچوڙو ٿيو، جنهن پنهونءَ جا پير دز سان لٽيا. پنجون ويري سج ٿيو، جنهن لهڻ ۾ دير ڪئي. ڇهون ويري پهاڙ ٿيو، جنهن پنهنجا لنگھ ۽ پيچرا سنوان (سڌا) نه بيهاريا. ستون ويري چنڊ ٿيو، جو ساجهر ئي نه اُڀريو. سنجها جو (پکين جي آکيري ڏانهن ورڻ ويل) جبل مان ڇُوھ مان سٽون ڏيندي ٿي وڃان.

شاھ عبداللطيف ڀٽائي