واپرائيندڙ:محمد شوڪت علي پيرزادو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تحريڪ آزاديءَ جو گمنام سپاهي

حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزادو

اسان جي سُکي ستابي ۽ سَرسبز سنڌڙي هِيرن ۽ جَواهرن، مَاڻڪن ۽ موتين سان هميشه جرڪندي رهي آهي. سنڌ سونهاري مهڙ کان وٺي صوفين ۽ صالحن، ولين ۽ نيڪ مردن، پيرن ۽ فقيرن، درويشن ۽ دردمندن، فقيهن ۽ فقرائن، قطبن ۽ قلندرن، سيدن ۽ ساداتن، عالمن ۽ فاضلن، مخدومن ۽ محدثن، اهل فڪر ۽ اهل علم، فياضن ۽ فاضلن، سخن سنج ۽ سخن فهم، سياڻن ۽ سمجهدارن، سگهڙن ۽ مهمان نوازن، سرويچ ۽ سچن سپاهين جو ديس رهي آهي. جن پنهنجي جوت سان هن ڀلاري ڀونءِ ۽ جنت نظير جوءِ کي جڳمڳايو.

اهڙن عظيم اڳواڻن مان گهڻائي تاريخ جي دز ۾ دفن ٿيل آهن ۽ انهن جي شخصيتن تي پيل پرده اهڙن املهه ڪردارن کان سنڌ جي اڄوڪي نئين نسل کي اڻ واقف رکيو ويٺا آهن. ضرورت آهي ته سندن شخصيت متعلق جديد سنڌ جي نئين ٽهي کي واقف ڪرائجي. اهڙن ماڻڪ موتين مان سنڌ جي هڪ گمنام علمي، ادبي، سياسي، سماجي، صحافتي ۽ تحريڪي شخصيت حضرت سائين ميان عبدالرزاق قريشي پيرزادو پڻ آهي، جنهن جو هت تذڪرو ڪجي ٿو. جيڪو الله پاڪ جي فضل ۽ ٻاجهه سان اهڙي ته وسعت نظري، قلبي ڪشادگي ۽ ذهني بلندگيءَ جو مالڪ بڻيو، جو پاڻ هڪ مڪمل انسان جي حيثيت سان، پنهنجي وقت ۾ علمي ۽ ادبي، سياسي ۽ صحافتي اُفق تي روشن ستارو بڻجي اڀريو.

ڄم ۽ پرورش:

حضرت سائين ميان عبدالرزاق، ضلعي سکر جي ننڍڙي پر، تاريخي ڳوٺ فراش ۾ پهرين اپريل 1884ع مطابق ۱۳۰۱ھ تي آخوند حاجي ڪمال الدين قريشي جي گهر ۾ اک کولي. حضرت سائين جا وڏڙا، سُهروردي سلسلي جي مشهور بزرگ ۽ شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني جي خادم ۽ خليفي حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي جي اولاد مان آهن. حضرت سائين جي پرورش، پنهنجي والد ۽ والده جي نظرداري هيٺ ان برڪت ڀري تاريخي ۽ روحاني ڳوٺ ۾ ٿي.

ماٺيڻو مزاج ۽ حُليو مبارڪ:

حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزادو، مرنجان مرنج طبيعت جو مالڪ، قد وچولي درجي جو، رنگ ڪڻڪائو، اڇي سونهاري، هميشه اڇو پهراڻ پاتل، مٿي تي اڇي رنگ جي دستار سو به ململ جي، کسي چولو، گول ٻانهن ۽ ٿلهي بافتي جا ڪپڙا پهريندا هئا. هٿ ۾ تسبيح ۽ سنت مطابق هاسو ساڻ هوندو هُين. سمهڻ وقت گوڏ پائيندا هئا. سندن اچڻ وڃڻ لاءِ سائيڪل جي سواري استعمال هيٺ هئي.

تعليم ۽ ملازمت:

پاڻ ابتدائي ديني تعليم، پنهنجي والده ماجده کان حاصل ڪيائين. ان کان علاوه عربي ۽ فارسي سان گڏوگڏ سنڌي ۾ ورنيڪيولر فائنل جو امتحان پاس ڪيائين. ٽريننگ ڪاليج جو ڪورس مڪمل ڪري سنڌ جي تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو ۽ ان سلسلي ۾ پهرين پنهنجي ڳوٺ جي ورنيڪيولر اسڪول فراش ۾ پڙهائيندو رهيو. ان دؤر ۾ ڳوٺ جي تعليم جو هي حال هو جو حافظ محمد اسلام پيرزادو ٻڌائي ٿو ته اسان کي وڏا ٻڌائيندا هئا ته ان وقت مينهن چارڻ وارو به گلستان بوستان ڄاڻيندو هو. تنهن کانپوءِ حضرت سائين ڪراچي، ريتي، همايون ڳوٺ ضلع شڪارپور ۽ ٻين ڳوٺن جي اسڪولن ۾ پڙهائيندو رهيو، نيٺ وڃي هيڊ ماستر بڻيو. پر تَرڪ مَوالات جي تحريڪ ۾ هيڊ ماستريءَ کي لت هڻي ايماني غيرت جو ثبوت ڏنائين.

ازدواجي زندگي ۽ اولاد:

حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزاده ٻه شاديون ڪيون، ڳوٺ جي معزز ۽ نيڪ شخصيت وڏيري حڪيم علي محمد پيرزاده جي ڀيڻ ۽ ميان محمد وريل پيرزاده جي نياڻي سان، پهرين شادي ڪيائين، جنهن مان مولانا حڪيم غلام قادر ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيس. حضرت مولانا حڪيم غلام قادر پيرزادو، سنڌ جي تاريخي مدرسي ۽ تحريڪي مرڪز مدرسه مظهرالعلوم کڏو ڪراچي جو فاضل، سٺو طبيب ۽ ليکڪ هو. سندس ترجمو ٿيل بهشتي زيور، “بهشتي ڪوثر” نالي حڪيم محمد عبدالحق ٽن جلدن ۾ ڇپرايو هو. ازان سواءِ ارشاد الباري تجريد صحيح البخاري ۽ نماز عهد نامه چهل ڪاف به سندس تصنيفات مان آهن. وڌيڪ سندس تفصيلي تذڪرو اڳتي اچي ٿو.

حضرت سائين ميان عبدالرزاق، پهرين گهرواريءَ جي وفات کانپوءِ، ٻئي شادي پٺاڻ قوم مان ڪئي. سندس ٻئي سهري جو نالو مير جميل احمد خان هو، جنهن مان ميان محمد قاسم پيرزادو، محمد سليم پيرزادو ۽ 7 نياڻين جو اولاد ٿيس. ميان محمد قاسم پيرزادو، جيڪو ضلع ڪائونسل سکر جو ميمبر، ڳوٺ سڌار سنگت شاخ ڳوٺ فراش ۽ ينگ وليج ويلفيئر ايسوسيئيشن ڳوٺ فراش جو سرپرست پڻ رهيو. محمد سليم پيرزادو آري مشين جو ڪاريگر هو.

حضرت سائين جا ٽيئي فرزند هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن. سندس پوٽن، ڏوهٽن ۽ پڙپوٽن، پڙڏوهٽن مان ڪيئي عالم، حافظ، مفتي، ڊاڪٽر، انجنيئر، صحافي، سياسي ورڪر ۽ پريسن جا مالڪ آهن، جيڪي سندس ٻاريل لاٽ کي روشن رکيون ويٺا آهن. ليکڪ جو شمار به سندس پڙپوٽن ۾ ٿئي ٿو.

گهريلو زندگي ۽ معمولات:

حضرت سائين، تهجد جي نماز جو پابند هو، ان ڪري اسُر ڏئي اٿندو هو. تهجد نماز پڙهي، ذڪر اذڪار ۾ مصروف ٿي ويندو هو، وري فجر نماز پڙهي قرآن پاڪ جو دور ڪندو هو، تان جو اشراق جو وقت ٿي ويندو هو ان مهل اشراق پڙهي گهر ۾ ڪجهه دير آرام ڪندو هو، ڏينهن جو تحريڪي ڪمن ڪارين ۽ اجلاسن ۾ مصروف رهندو هو، شام جو ڪتابت لاءِ آيل ڪتابن جي ڪتابت ڪندو هو. پاڻ گهر ۾ ڪنهن تي ڪاوڙ نه ڪندو هو، هر هڪ کي پيار سان صدورو، صدوري ۽ بيبڙي چئي پڪاريندو هو. پاڻ انتهائي سادگي پسند هو، سڄي ڄمار ڪکائين گهر ۾ گذاريائين. حضرت سائين مرنجان مرنج طبيعت جو مالڪ هو. ڪنهن سان ڪوڙو منهن ڪري نه ڳالہايائين، هر هڪ کيس سائين ڪري پڪاريندو هو.

ڪاتب لکيو جيئن، لايو لام الف سين

اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهــي روح ۾

حضرت سائين پنهنجي اولاد کي ٻن ڪلمن جو ذڪر ڏسيندا هئا ۽ چوندا هئا ته اهي ڪلما زبان تي هلڪا ۽ ميزان ۾ ڳرا آهن ۽ الله تبارڪ وتعالى کي به ڏاڍا پيارا آهن، انهن ڪلمن جو ذڪر گهڻو ڪندا ڪيو. اهي ڪلما اسان جي پياري نبي سڳوري حضرت محمد صلي الله عليہ وسلم جي حديث مان به ثابت آهن، جيڪي هن ريت آهن:

“سبحان الله وبحمده سبحان الله العظيم”

پاڪ آهي اها ذات الله جي جيڪا تعريف جي لائق آهي ۽ پاڪ آهي اها ذات الله جي جيڪا وڏي شان واري عظمت واري آهي.

روحاني رشتو:

سندس روحاني رشتو، سنڌ جي نامياري روحاني هستي ۽ انقلابين جي اڳواڻ حضرت مولانا سيد شاھ ابوالحسن تاج محمود امروٽي سان هو. جنهن جي صحبتن مان حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزاده روحانيت جون سُرڪيون ڀريون، پر حضرت سائين پنهنجو پاڻ کي هميشه لڪايو، جنهن ڪري گهڻا ماڻهو سندس روحاني رتبي کان واقف نه هئا.

ترقي روح جي طبعي ٿي اصل حــقاني

رهان آءُ باقي جي هر جان ۾ ٿيان فانـــي

پيري مريدي جي مروج طريقي کان ڪنارو ڪندا هئا. پر تنهن هوندي به وٽن عقيدتمندن جو هڪ وڏو هجوم نظر ايندو هو.

هر کجا بود چشمه شيرين، مردم و مرغ و مور گرد آيند

اسان پنهنجي کوڙ سارن وڏڙن کان بار بار ٻڌو آهي ته “الحاج حضرت مولانا جان محمد پيرزادو تماچاڻي وارو، حضرت سائين کي چوندو هو ته ماستر! مون کان ڪجهه پراءِ! حضرت سائين کيس هميشه چوندو هو ته مريدن جو بار وڏو آهي مان نه ٿو کڻي سگهان، ائين چئي نٽائي ويندو هو. مولانا جان محمد وري ساڳي ڳالہه حضرت سائين ميان عبدالرزاق جي دوست حضرت مولانا مهرالله مهر منگراڻي واري کي چئي ته مولانا صاحب وراڻيس: ماستر ۽ مان، چوٿين آسمان تي حضرت عيسى عليہ السلام کان سبق وٺڻ ويندا آهيون! ان تي مولانا جان محمد کڻي ماٺ ڪئي”.

هي جي فاني ٿيا في الله ۾، موٽڻ تن محال

آن وڃائي وجود کي، حاصل ڪئو حـال

تنــي اندو قـــــال، اتانگها اٿانگهه ٿيـوم

حضرت سائين، آقا امروٽي جي صُحبت مان فيض پرائي سندن حُڪم ۽ امر سان دين جي تبليغ لاءِ واهڻن جا دورا ڪيا. پاڻ چوندو هو ته دين جي تبليغ لاءِ مرشد حضرت سائين سيد تاج محمود شاھ امروٽي مون کي ۽ حضرت مولانا حمادالله هاليجوي کي گڏ تبليغ تي موڪليندا هئا. اسان پياده ڳوٺن ۾ گهمي خدا ۽ ان جي رسول پاڪ صلي الله عليہ وسلم جو پيغام پهچائيندا هئاسون ۽ اهو سلسلو ڳچ وقت هليو. (مولانا محمد صالح “عاجز” ميمڻ بحواله شريعت سوانح حيات نمبر - 1981ع ص 443)

حضرت سائين پنهنجي ڳوٺ ۾ جمعة المبارڪ جي نماز ۽ عيد جون نمازون به پڙهائيندا هئا ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ به دين جي تبليغ ڪندي وعظ فرمائيندا هئا. پاڻ عيد جي ڏينهن تي ٻارن کي نعري تڪبير، الله اڪبر! جا نعره هڻائيندا هئا ۽ سڄي ڳوٺ ۾ ٻار گهمندا هئا ۽ هي شعر به چوندا هئا.

مومــنو اڄ عيـد آ

ڪريو ادا ان جـي نماز

لک مبارڪ عيدگاھ ۾

جـــــي پڙهن بيـــهي نماز


صبر ۽ استقامت:


حضرت سائين وڏا صابرين ۽ استقامت جا پيڪر هئا. پاڻ هڪ دفعي نماز پڙهائي رهيا هئا ته وڇون کين پير ۾ ڏنگي ويو. پر پاڻ ٻڙڪ به نه ٻاڦيائون، بلڪ نماز جاري رکيائون. وڇونءَ پويان هڪ ٻئي متقديءَ کي به ڏنگ هڻي وڌو. جنهن ڏنگڻ بعد هوءِ هوءِ ۽ هاءِ گهوڙا شروع ڪري ڏني. نماز مڪمل ڪري دريافت ڪيائون ته رڙيون ڇا جون هيون؟ معلوم ٿيو ته وڇون ڦلاڻي کي ڏنگي ويو آهي. تنهن تي پاڻ به ٻڌايائون ته اهو وڇون ته مون سان به ڳالهائي ويو هو.

سياسي زندگي:

حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزاده جي طبيعت، آزادي پسند ۽ اهل الله جي صُحبت ۾ رهڻ واري هئي، ان ڪري سندس روحاني رشتو، چوڏهين صديءَ جي مشهور ۽ ممتاز ولي ڪامل ۽ استاد اڪمل، جنگ آزادي جي سورهيه سپهه سالار سيدالاحرار حضرت مولانا سيد تاج محمود شاھ امروٽي سان ٿيو ۽ پاڻ ترت ئي سيد امروٽي جي پيارن جانثارن سرفروشن مُريدن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. جڏهن سڄي برصغير ۾ فرنگي سامراج جي خلاف آزادي جي جنگ شروع ٿي، تڏهن ان تحريڪ جو سنڌ ۾ امروٽ شريف جو بزرگ اميرالمجاهدين سيد تاج محمود شاھ امروٽي روح روان ۽ سالار اعظم هو. (مولانا محمد صالح “عاجز” ميمڻ بحواله شريعت سوانح حيات نمبر - 1981ع ص 442)

آخر اهڙي انقلابي مرشد جي مريد جي سوچ انقلابي ڇو نه هجي؟ ان ڪري حضرت سائين آزادي جي سلسلي ۾ هر اٿندڙ تحريڪ جو حصو رهيو، بلڪ ان ۾ هڪ فعال ۽ متحرڪ ڪردار ادا ڪيو. ان وقت قوم ۽ وطن دوست ۽ آزادي پسند انگريز جي مخالفن، انگريزن جا لقب ۽ ملازمتون ڇڏيون، ان موقعي تي حضرت سائين هيڊ ماستري کي لت هڻي سرڪاري ملازمت مان نڪري، سرفروش جماعت سان گڏجي اسلام ۽ آزاديءَ جي تحريڪ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو.

حضرت سائين ميان عبدالرزاق، خلافت تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن رهيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ “رهاڻ هيرن کاڻ” (جلد ٻيو، صفحو 27) ۾ کيس سکر نئين بيراج کان باگڙجي تائين جو ذميوار لکيو آهي. ان سلسلي ۾ سيد محبوب علي شاھ بخاري جي “يادگيرين” ۾ به ڪافي ڳالہيون آيل آهن، جيڪي هت ڏجن ٿيون. پاڻ لکي ٿو:

خلافت ڪاميٽي ضلع سکر جي ميٽنگ:

خلافت ڪاميٽي ضلع سکر جي جنرل بورڊ جي آخري تاريخي ميٽنگ (جنهن کان پوءِ وري ميٽنگ نه ٿي) جو احوال روزانه “الوحيد” ڪراچي تاريخ 14 نومبر 1930ع ۾ شايع ٿيل، هيٺ ڏجي ٿو:

ميٽنگ جي ڪاروائي تاريخ 10 نومبر 1930ع صبح جو 10 وڳي، زير صدارت: حڪيم حاجي باغ علي شاھ شروع ٿي. پهريائين 31 آڪٽوبر 1930ع تائين جو حساب ڪتاب پيش ٿيو، سو پاس ٿيو. گذريل ميٽنگ جي ڪاروائي پڙهي ٻڌائي وئي، اها به پاس ٿي. پوءِ نئين سال لاءِ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا:

صدر مولوي عبدالعزيز، نائب صدر مولوي محمد هاشم، سيڪريٽري سيد محبوب علي شاھ، جوائنٽ سيڪريٽري ابو شوڪت حمزو خان مهر، خزانچي حاجي سيد سردار علي شاھ صاحب.

مجلس عامله جا ميمبر مٿين عهديدارن کانسواءِ مولوي حافظ عبدالحميد صاحب، مولوي محمد علي شاھ، مولوي محمودالحسن، وڏيرو يار محمد، ميان عبدالرزاق پيرزادو، محمد ادريس، حڪيم حاجي باغ علي شاھ، وڏيرو الہڏنو خان، مولوي عبدالڪريم ديوبندي، مولوي ابو محمد عبدالله، حڪيم قادربخش، حاجي عبدالله شاھ فتاحي، وڏيرو ڇٽل، حافظ احمد، سيد امير علي شاھ، سيٺ عبدالڪريم ولد مرحوم سيٺ عبدالستار.

صوبي لاءِ چونڊيل ميمبر، مٿين عهديدارن کانسواءِ مولوي دين محمد وفائي، ميان عبدالرزاق پيرزادو، مولوي محمودالحسين، مولوي حافظ عبدالحميد، حاجي باغ علي شاھ، حڪيم قادربخش، وڏيرو يار محمد، سيد عبدالله فتاحي.

خلافت ڪاميٽي سکر شهر جي چونڊ:

صدر مولوي ابو محمد عبدالله، نائب صدر وڏيرو يار محمد، سيڪريٽري مولوي حافظ عبدالحميد، جوائنٽ سيڪريٽري سيد حسام الدين شاھ راشدي، خزانچي سيد حاجي سردار علي شاھ صاحب.

مجلس عامله جا اراڪين مٿين عهديدارن کانسواءِ حافظ جان محمد، ميان عبدالرزاق پيرزادو، حڪيم عبدالحق، مسٽر غوث بخش، سيد حاجي محبوب علي شاھ صاحب. (ماهوار “پيغام” ڪراچي مارچ-اپريل 1981ع صفحو 31)

خلافت ڪاميٽي ضلع سکر جي ميٽنگ متعلق مسٽر ڪريم بخش خالد ماهوار “پيغام” ڪراچي مارچ-اپريل 1981ع ۾ لکي ٿو ته 10 نومبر 1930ع واري ميٽنگ کان پوءِ ٻئي ميٽنگ نه ٿي. حالانڪه! سالياني ميٽنگ وقتن فوقتن ٿيندي رهندي هئي. آخري ميٽنگ 3 جنوري 1936ع تي ٿي، جا “الوحيد” ڪراچي تاريخ 11 جنوري 1936ع ۾ شايع ٿي، جنهن بعد ڪوششن جي باوجود ٻين ميٽنگن جو احوال نه ملي سگهيو.

خلافت ڪاميٽي ضلع سکر جي ساليانه ميٽنگ:

وقت 12 بجه تاريخ 3 جنوري سن 1936ع

حڪيم عبدالحق تاجر ڪتب جو دڪان شهر سکر

حاضر ميمبر: نعمت الله عليگ، ابو شوڪت حمزو، حڪيم عبدالحق، مولوي وفائي، عبدالرزاق پيرزادو، مستري رسول بخش، وڏيرو عزيزالله، مستري عيدن، ڊاڪٽر محمد عمر، سيٺ عبدالڪريم، ميان عبدالڪريم، حافظ عبدالڪريم.

ڪاروائي، مولوي وفائي جي زير صدارت شروع ٿي. هيٺيون ڳالہيون بالاتفاق منظور ٿيون.

عهديدارن جي مقرري: صدر مولوي عبدالعزيز صاحب، نائب صدر ميان نظام الدين شاھ، سيڪريٽري ابوشوڪت حمزو، نائب سيڪريٽري حڪيم امير شاھ، خزانچي حڪيم عبدالحق.

مئنيجنگ ڪاميٽي جا ميمبر: پنج مٿيان عهديدار، سيد حاجي محبوب علي شاھ، مولوي وفائي، ڊاڪٽر محمد عمر، ميان نعمت الله، عبدالرزاق پيرزادو، مولانا حمادالله، وڏيرو الله ڏنو، وڏيرو هدايت الله٠

صوبي خلافت ڪاميٽي لاءِ ميمبر؛ ابو شوڪت حمزو، مولوي وفائي، سيد محبوب علي شاھ، ميان نعمت الله، وڏيرو هدايت الله، حڪيم امير شاھ، حڪيم عبدالحق، مولوي محمد علي شاھ (رياست خيرپور مان)، ڊاڪٽر محمد عمر٠

(روزانه “الوحيد” ڪراچي تاريخ 11 جنوري 1936ع)

جڏهن هندستان جي آزادي جي تحريڪ کي زور وٺائڻ لاءِ هجرت جي تحريڪ شروع ٿي ۽ سنڌ هن تحريڪ ۾ سڄي برصغير کان وڌيڪ حصو ورتو ۽ اپر سنڌ جي مشهور حريت پسند رهنما بئريسٽر مرحوم جان محمد خان جوڻيجو بار ايٽ لا جي اڳواڻيءَ ۾ سوين سنڌ جا مسلمان هجرت ڪري افغانستان ويا. تڏهن حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزاده جي والده ٽي جريب زمين وڪڻي، حضرت سائين کي پئسا ڏنا ۽ چيو ته هي پئسا تحريڪ تي لڳاءِ ۽ پنهنجي امير سائين تاج محمود شاھ امروٽي جي قافلي ۾ وڃ. ان ريت حضرت سائين هجرت جي پوئين قافلي ۾ فراشن کان روانا ٿيا.

حضرت امروٽي شعر ۾ افغانستان ڏانهن هجرت ڪندڙ مهاجرن جي پارت، پنهنجي الله پاڪ کان هن طرح ڪن ٿا ته اي ٻاجهارا ڌڻي! تون هنن نوجوانن جي دلين ۾ جوش ۽ جذبو پيدا ڪر ته هُو نصارن سان، آزاديءَ جي جنگ جوٽي فتح حاصل ڪن.

جلالي ڏي جوانن کي، سچا الله ٻاجهـارا

مهاجر جي اچن توڏي، ڇڏي هي ملڪ سڀ سـارا

تياري تن سبيل الله، وسيلو تن توڪل جو،

الاهي لاءِ چوڌاري سندن ويرن مٿي مـارا.

هلن غازي هڻي غوغاءُ اُوچو الله اڪبر جو،

ڪفارن ۾ پوي دهشت ٻڌي آواز تن نعـرا.

هنئان تن جا ٿين هيڻا، ٿين تن سنڌ سڀ ساڻـا،

ملائڪ لاھ تون مهرون، ڪٽن تن ڪنڌ ڪاپـارا.

وٺي رنگروٽ ۽ پيسا، ڪيا واعده تني ڪوڙا،

سگهو ڏي سوڀ جون سرسيون، لاهج تن لاڏسڀ سارا.

ڦري ويري بغاوت سان کسي ويا ملڪ اسلامـي،

تراريون ذوالفقاريون ڏي هڻون هل حيدري نعرا.

لوڌي ڪڍ تون نصارن کي کسي وٺ تون تڏو تن کان،

سنڌ ٿي محمد بن قاسم لوڌي ڪڍ تون ڀولا ڀورا.

ڇوڪر هڪڙو عرب آيو عمر ٿوري ورھ پنڌرهن،

تنهنجي هئي تنهن شامل ٿوري شڪر پدم مـارا.

ڌڻي هيءَ دانهن در تنهنجي “حسن” جي آھ زاريءَ سان،

مدد جي مهل ٿي هاڻي ڪيو سائين سي سوڀـارا.

هجرت وقت حضرت سائين ميان عبدالرزاق، هڪ الوداعي شعر چيو هو، جو هت ڏجي ٿو.

اسان کي اي عزيزو ٿي ڇڪي قسمت خدا حافظ

وڃون ٿا طرف ڪابل جي، ڪري هجرت خدا حافظ

بحڪم هادي ٿيا سي مهاجرين في سبيـل الله

خادم آهيون سڀئي دين جي خدمت، خدا حافظ

حفاظت ۽ حمايت دين جي ڪارڻ مديني ڏي

محمد مصطفى ڀي پاڻ ڪئي هجرت خدا حافظ

خدا اِنا فتحنا آھ منجهه قرآن فرمايو

مگر هيءَ بعد هجرت جي، لٿي آيت خدا حافظ

وطن جي ڪينڪي الفت، اسان دل مان مٽينداسون

رکون ٿا دل اندر اسلام جي غيرت خدا حافظ

گهرو اي دوستو دل سان، خدا کان دين جي نصرت

ادب سان “عبد” هاڻي ٿو ڪري رخصت خدا حافظ

پروگرام اهو هو ته ڪافي تعداد ۾ مهاجرن جي نڪري وڃڻ بعد، پوئين قافلي سان سيد تاج محمود شاھ امروٽي ۽ پير تراب علي شاھ صاحب پاڻ به روانه ٿي ويندا. پر ان وچ ۾ افغانستان ۽ انگريزن جي وچ ۾ سرحد تي باقائدي جنگ شروع ٿي وئي. انگريزن افغانستان جي آزادي تسليم ڪري، تڪڙ تڪڙ ۾ امان الله سان صلح ڪري ورتو. امان الله خان ان وقت افغانستان جي تخت جو والي هو. صلح جو هڪ شرط اهو به هو ته هندستان مان آيل مهاجرن کي پناھ نه ڏني ويندي. چنانچه، امان الله ۽ انگريزن جي صلح ٿيڻ بعد پٺاڻن، سنڌي مهاجرن سان هڪدم سخت بدسلوڪي شروع ڪري ڏني. اصلوڪه واعده پاڙين سو ته ٺهيو، پاڻ مهاجرن جيڪي ٽَپڙَ پاڻ سان آندا هئا، سي به کسي ورتائون.آخر دربدر ۽ خاڪ بسر ٿي، مهاجرن کي واپس وطن ورڻو پيو. سيد امروٽي جو پنهنجو قافلو روانو ٿئي، ان کان اڳ ۾ ئي هجرت جي تحريڪ ختم ٿي وئي، جنهن ڪري حضرت سائين ميان عبدالرزاق واپس ڳوٺ اچي، امروٽي جماعت جي برک شخصيت ۽ سنڌ جي مشهور صحافي، اديب، عالم سحبان سنڌ الحاج حضرت مولانا عبدالڪريم چشتيءَ سان گڏجي ديني، سياسي ۽ سماجي تحريڪن ۾ زوردار حصو ورتو. ان زماني ۾ سکر تعلقي جو هڪ ٻيو بي باڪ ۽ نڊر مانجهي مرد ابو شوڪت حمزو مهر چڪ وارو، جيڪو تعليم کاتي ۾ ماستر هو، سو به سرڪاري نوڪري ڇڏي، آزاديءَ جي تحريڪن ۾ حضرت سائين ميان عبدالرزاق سان گڏ ڪم ڪرڻ لڳو. ٻئي صاحب پاڻ ۾ ڀائرن وانگر هئا ۽ گڏجي ڪم ڪيائون. جڏهن سکر بيراج جي واهن جي کاٽيءَ وقت ڪجهه مسجدون واهن ۾ اچي ويون، تڏهن سيدالاحرار سيد تاج محمود شاھ امروٽي “تحريڪ تحفظ المساجد” جي نالي سان هڪ تحريڪ شروع ڪئي. ان ۾ به حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزاده وڏو حصو ورتو ۽ ستياگر ۾ شريڪ ٿيو. انهيءَ دؤر ۾ سندس ڪيترا مضمون مولانا چشتي جي اخبار “تنظيم” ۾ شايع ٿيا. (تذڪره مولانا تاج محمود امروٽي - 1975ع صفحو 35 ۽ شريعت سوانح حيات نمبر - 1981ع صفحو 442).

پير علي محمد شاھ راشدي پنهنجي ڪتاب “اهي ڏينهن اهي شينهن” جي صفحي نمبر 192 ۽ 193 تي لکي ٿو ته: “سکر قومي ورڪرن جو وڏو اڏو هوندو هو. ميان سردار علي شاھ مرحوم جو لوھ جو ڪارخانو هو. ميان سردار علي شاھ آزاد خيال بزرگ هوندو هيو ۽ سندس فرزند ميان محبوب علي شاھ قومي تحريڪن جي چڱي سرپرستي ڪندو هو. ان وقت جا سمورا قومي ورڪر ساڻس وابسته رهندا هئا. ابو شوڪت حمزو، ماستر ميان عبدالرزاق پيرزادو، مولانا دين محمد وفائي، مسٽر تاج محمد عليگ، ميان نعمت الله صاحب قريشي وغيره. شهر ۽ ضلعي ۾ ٻه محاذ هوندا هئا. هڪڙو محاذ هوندو هو سرڪار جي وفادارن جو، ٻيو محاذ قومي ورڪرن جو. پوئين محاذ جو سمورو انتظام ميان محبوب علي شاھ رکيو ايندو هو. صبح کان شام تائين سندس جاءِ تي انهن ورڪرن جو اجتماع رهندو. وقت جي مسئلن تي گفتگو پئي ٿيندي، “الوحيد” اخبار لاءِ هر روز پيا مضمون لکبا ۽ هفتي ۾ هڪ ٻه دفعو پبلڪ جلسا به ٿي ويندا. زندگي هوندي هئي ۽ زندگيءَ جون سموريون بيتابيون”.

تحريڪ ريشمي رومال:

تحريڪ خلافت جي ذڪر سان گڏوگڏ تحريڪ ريشمي رومال جو ذڪر نه ڪرڻ تاريخ ۽ حضرت سائين ميان عبدالرزاق فراشائي جي احوالِ زندگي سان ناانصافي ٿيندي. ريشمي خطن واري تحريڪ کي ئي ريشمي رومال تحريڪ چيو وڃي ٿو. هن تحريڪ جو باني برصغير جو مشهور عالم دين، سياسي رهنما ۽ دارالعلوم ديوبند جو شيخ الحديث ۽ صدرالمدرسين حضرت مولانا محمود حسن ديوبندي هو، جنهن کي سندس بزرگي، ديني ۽ سياسي خدمتن جي ڪري شيخ الهند جي لقب سان ياد ڪيو وڃي ٿو.

انگريزن مولانا عبيدالله سنڌي مرحوم کي ريشمي خطن واري تحريڪ جو باني قرار ڏنو آهي. پر ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته جنود ربانيه (ڇوٽڪارو ڏيارڻ واري فوج) جي تجويز ۽ ان جي قائم ٿيڻ جو سڄو انتظام مولانا سنڌيءَ جي دماغ جي ڪاوشن ۽ ڪوششن جو نتيجو هو.

ڇوٽڪارو ڏياريندڙ فوج (جنود ربانيه) کي ڏهن لقبن يا عهدن جي تحت مقرر ڪيو ويو هو. سڀني کان وڏو عهدو “مربي” (سرپرست Patron) جو هو. ان عهدي تي ترتيبوار ترڪي، ايران ۽ افغانستان جي بادشاهن کي مقرر ڪيو ويو هو. جن ۾ سالارالمعظم خليفة المسلمين ترڪي، سلطان احمد شاھ قاچار، ايران ۽ امير حبيب الله خان، ڪابل هئا.

انهن جي هيٺيان “مردان” (فيلڊ مارشل) جو عهدو هو، جيڪو انور پاشا، ولي عهد دولت عثمانيه، وزيراعظم دولت عثمانيه، عباسي حلبي پاشا، شريف مڪو معظم، نائب سلطنت ڪابل سردار نصرالله خان، معين سلطنت ڪابل سردار عنايت الله خان، ، نظام حيدرآباد، والي ڀوپال، نواب رامپور، نظام بهاولپور ۽ رئيس المجاهدين کي سونپيو ويو هو.

ان کان پوءِ “سالار” (جنرل) جو عهدو هو، جنهن تي شيخ الهند کي مقرر ڪيو ويو هو، پر حضرت مولانا جيئن ته مرڪز يعني ڪابل ۾ موجود نه هو، ان ڪري مولانا عبيدالله سنڌي قائم مقام جنرل (وزير داخله) جي حيثيت سان ڪم سرانجام ڏئي رهيو هو. ان جي ماتحت 29 “نائب سالار” (ليفٽيننٽ جنرل) هئا.

انهن ۾ ترڪيءَ جي مشهور اڳواڻ شيخ عبدالعزيز شاويش کان سواءِ سڀئي عهديدار برصغير پاڪ و هند سان تعلق رکندا هئا. جن ۾ مولانا محي الدين خان مرادآباد (يوپي)، مولانا عبدالرحيم، مولانا غلام محمد بهاولپور، مولانا سيد تاج محمود شاھ امروٽي سنڌي، مولانا حسين احمد مدني ولد مولانا حبيب الله، مولانا حمدالله ولد حاجي سراج الدين پاڻي پت، فضل واحد عرف حاجي ترنگ زئي چارسده پشاور، ڊاڪٽر انصاري ۽ ان جو ڀاءُ حڪيم عبدالرزاق انصاري ولد جان محمد عرف عبدالرحمان غازيپور دهلي، ملا بابڙا، ڪوهستاني، جان صاحب باجوڙ، مولانا ابراهيم ڪالوي، مولانا محمد ميان (مولانا عبدالله، پروفيسر عليڳڙھ ڪاليج جو پٽ ۽ شمس العلماء حافظ محمد احمد (مهتمم) مدرسه ديوبند جو ڀاڻيجو)، حاجي سعيد احمد انبيٺوي، مولانا عبدالڪريم رئيس المجاهدين، مولانا عبدالعزيز غازيپوري، نواب ضميرالدين احمد، مولانا عبدالباري، مولانا ابوالڪلام آزاد (دارالارشاد ڪاليج جو باني)، مولانا محمد علي، مولانا شوڪت علي، مولانا ظفرعلي، مولانا حسرت علي موهاني، مولانا برڪت الله ڀوپالي، پير اسدالله شاھ سنڌي بن سيد الله بخش شاھ. (تحريڪ ريشمي رومال ۽ سنڌ ليکڪ: ڊاڪٽر ابو سلمان شاهجهانپوري)

جيئن ته حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزادو، سکر جي مشهور ديني شخصيت و مرد مجاهد، تحريڪ شيخ الهند جي خاص ميمبر ۽ مددگار ۽ مشير، بااثر شيخ پير طريقت حضرت سائين سيد تاج محمود شاھ امروٽي سنڌي ۽ امام انقلاب حضرت مولانا عبيدالله سنڌي سان روحاني رشتو هيو، جنهن ڪري حضرت سائين تحريڪ ريشمي رومال ۾ به نمايان حصو ورتو ۽ ان تحريڪ ۾ پنهنجي علائقي جي اڳواڻي به ڪيائين. بقول ڳوٺ ڇهو لٻاڻو تعلقو لکي ضلع شڪارپور جي ضعيف العمر شخصيت مولانا عبدالقادر چوهاڻ جي ته: “حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزادو تحريڪ ريشمي رومال جو سالار هو ۽ اسان ان جا سپاهي هئاسين”. (خود ملاقات سيد بلند شاھ سال 1983ع)

جنود ربانيه جو اصلي مرڪز “مديني شريف” کي مقرر ڪيو ويو هو ۽ هيٺيان مرڪز “قسطنطينيه، تهران ۽ ڪابل” هئا. ٽنهي مرڪزن جون حدون به مقرر ڪيون ويون. قسطنطينيه جي حد يورپ ۽ آفريڪا جي ملڪن تائين پکڙيل هئي، جڏهن ته تهران جو مرڪز وچ ايشيا جي ملڪن جي لاءِ ۽ ڪابل جي مرڪز جي حد هندستان تائين پکڙيل هئي.

اها هڪ حقيقت آهي ته هن تحريڪ ۾ سنڌ جو وڏو حصو آهي. بلڪ ائين چئجي ته عملا هن تحريڪ جي قيادت سنڌ ئي ڪئي هئي.

هن تحريڪ ۾ سنڌ جو حصو نهايت اهم ۽ تعريف لائق رهيو آهي. تحريڪ جي اڳواڻن کان وٺي ڪري ڪارڪنن تائين، جنود ربانيه ۾ قائم مقام جنرل کان وٺي ليفٽيننٽ ڪرنل، ميجر ۽ ڪپتان جي عهدي تائين ۽ حڪومت موقت (عارضي حڪومت) ۾ نهايت ذميوار عهدن تي سنڌ وارا ڪامياب ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ريشمي تحريڪ جو سڀني کان اهم ماڻهو سنڌ جو مايه ناز سپوت مولانا عبيدالله سنڌي هو. هن سان گڏ، هن تحريڪ جي اهم شخصيتن ۾ سيد تاج محمود شاھ امروٽي سنڌي، مولانا محمد صادق کڏي وارو، سيد رشدالله شاھ راشدي پيرجهنڊي وارو، مولانا عبدالله لغاري ڳوٺ دادلغاري ميرپور ماٿيلو، حاجي عبدالله هارون ڪڇي ميمڻ ڪراچي، سيد اسدالله شاھ امروٽ سکر، ڊاڪٽر حاجي شاھ بخش لاشاري حيدرآباد سنڌ، شيخ عبدالرحيم ولد ڀڳوان داس گاڏي کاتو حيدرآباد سنڌ، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، شيخ محمد ابراهيم سنڌي ڪراچي (مولانا محمد صادق کڏي واري جو ڀاڻيجو)، محمد حسن حيدرآباد سنڌ، حڪيم عبدالقيوم سيوهاڻي (قاضي محمد اڪبر جو والد)، فتح محمد سنڌي ڳوٺ رُڪ سکر، محمد علي شيخ (مولانا احمد علي لاهوري جو ننڍو ڀاءُ) ۽ مولانا دين محمد وفائي شامل آهن. سنڌ جا گهڻائي عالم ۽ پوئلڳ انهن جا ٻانهن ٻيلي هئا. (تحريڪ ريشمي رومال ۽ سنڌ ليکڪ: ڊاڪٽر ابو سلمان شاهجهانپوري)

صحافتي زندگي:

حضرت سائين جيئن ته آزادي پسند ذهن رکندڙ هو، ان ڪري آزاديءَ لاءِ ذهن سازي ڪندي صحافت جي ميدان ۾ به چڱو پاڻ موکيائين ۽ ان سلسلي ۾ مولانا عبدالڪريم چشتيءَ جي اخبار “تنظيم”، مشهور خلافتي اخبار “الوحيد” ڪراچي، “پيغام صلح” ڪراچي، “خدام الدين” لاهور ۾ ڪافي مضمون ۽ رپورٽون لکيائين. هوڏانهن انگريزن سندس آواز کي دٻائڻ لاءِ وس ڪيا، مگر حضرت سائين ۽ ٻين صحافتي ڪردارن، قلم ذريعي جذبات کي عوام جي سينن ۾ پهچائي، مسلمانن ۾ خوب جوش جاڳايو. ان کان علاوه پاڻ آغا بدرالدين خان دراني مرحوم جي اخبار “نواءِ انقلاب” جو معاون مدير پڻ رهيو.

شاعري:

حضرت سائين ميان عبدالرزاق جو علم ۽ ادب سان چاھ هيو. حضرت سائين، جيتوڻيڪ هڪ پرائمري استاد، متحرڪ خلافتي ۽ ڪاتب هو، پر سندس علمي وسعت، عالمن کان گهٽ نه هئي. شعر و شاعريءَ سان به سندس شغف رهيو آهي؛ جنهن ڪري “عبد” تخلص سان شاعري به ڪيائين، افسوس! جو ان شاعريءَ جو گهڻو حصو ضايع ٿي ويو، پر پوءِ به خوش قسمتيءَ سان سندس شاعريءَ جو ڪجهه حصو، اسان کي مختلف سڄڻن جي مهربانين سان هٿ آيو آهي. جن ۾ “نظم”، “مداحون”، “مناجاتون”، “ٽيهه اکريون”، “مرثيه”، “مولود”، “الوداعي دعائون” وغيره شامل آهن.

حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزاده جو گهاٽو دوست ۽ تحريڪي رفيق، بلڪ سکر ۾ تحريڪي ڪارڪنن جي بيٺڪ جو باني سيد محبوب علي شاھ بخاري تير چوڪ وارو پنهنجي “يادگيرين” ۾ لکي ٿو ته: “ابو شوڪت حمزو خان جو، ميان عبدالرزاق پيرزادو خاص رفيق هو ۽ سندن پاڻ ۾ ڏاڍي محبت هئي. ابو شوڪت وقت بوقت جن خيالن جو اظهار ڪندو هو، ميان عبدالرزاق انهن کي شعرن جو روپ ڍڪائيندو هو. اهڙي طرح نظمن جا ٻه ڪتاب تيار ٿي ويا. هڪ “انقلابي ڏنڊو” جيڪو سرڪار شاگردن کي انعامي ڪتاب طور ڏيڻ منظور ڪيو هو. ٻئي ڪتاب جو نالو “انقلابي بم گولو” هو جيڪو ڇپجي نه سگهيو. (ماهوار “پيغام” ڪراچي مارچ-اپريل 1981ع صفحو 74)

انقلابي ڏنڊو مان ڪجهه شعر پيش ڪجن ٿا: خـــدا پاڪ تـــوکـــــان مـدد ٿو گهران،

تهان پــــوءِ هــــٿ ۾ قــــلــم ٿـو کڻان.

لکــــان حــــال هــــارين غــــريبن سـندو،

دنـــيا جــــي وڏن بدنــــصـــيــبــن سندو.

ســهـــن ٿـــا اهـــــي ظـلم جي سر مٿان،

وڏيـــرن هـــٿـــــان ســـود خـــورن هـٿان.

وڏي ڊيگــهه آهــــي انهــــيءَ ڳالہه کي،

نه طـــاقـــــت قــلـــــم کي لکي، ڇا لکي.

هجي عمــر خضري ڪـــريان جي بيان،

نه پــورو ٿئي ان جــــو هــــڪ داســتان.

اکــيـــن ۾ هــــــجـــي آب تالاب جــــن،

وڃي خشـــڪ ٿـــي جي انهن تي روئان.

نه ڪــو ديــــــن تــن وٽ نه دنيــا وٽن،

جــهــالــت ڪــيــو آ بُـــــــرو حــال تن.

هـــارين جــــي عـــام اخــــلاقي حـــالت:

ڏســــــــڻ ۾ ته انــســـــــان آهــــن اِهــي،

حـقـــيــــقـــت ۾ حـــــيـــوان آهـن اِهي.

نه تن پيـــٽ پورو بـدن ڪيئن ڍڪن،

گذارو ٻچن جو ڪــري ڪيئن سگهن.

جُـــهـــڳا پــــڻ جـــڏا، تنـگ تاريڪ تن.

نه گـــرمــــي، نه ســردي، نه بارش جـهلن.

نه تهــذيب تـــــن ۾ ڪــــا گفـتار جي،

مــنـــجهــــن آهـــي عادت بري گار جي.

ڏيـــــــن مــــاءُ کي گـــار جــيئن زال کي،

ڍڪــــي ڍور کـــــي خواھ ٻي مال کي.

نه آداب مــــجـــلــــس جـــــو ڄاڻن اهي،

نه ڪي ڪنهن چڱي کي سڃاڻن اهي.

قــسم ڳالہه هر هــڪ تي سؤ سؤ کڻن،

خــــدا کـــــان اهــــي ڪين هرگز ڊڄن.

گــهــٽـــائن نه گـــارين ۾ زالـــــون سندن،

ســــکــــن ٻـــــار ٻــــولي اُهــــا جـــــا ٻڌن.

ننــــڍيئي ســــکن علــــم جيڪــي اُهو،

لڇــــــڻ ڇــــا ٻڌايان انـــــــهــــن جـو ٻيــــو.

بُرا حـــــال زالـــــن ســـــنـدا پاڻ ڪــــن،

سڄو ڏينهـــن مــــردن ســـــان رونبو هڻن.

ســــڄو ڏيــــنهن مــــردن ســـان ڏاٽو هڻن،

ڪــــري گاھ ســــو ڌر تتــــئي جو کڻن.

وري شــــام جــو گــــاھ ســــر تي کــــڻن،

اچي گهر ۾ ســــانجڻ جو سعيو به ڪن.

هَــٽَن تـــــــي اُهــي موڪـلن جــــوءِ کي،

نه ســــوچن ڪــري غــــور اڳ پوءِ کي.

سمـــهن، خـــــــواھ کــــائن پچــائن اتــــي،

ڍڳـــا ڍور پــــيشـــــاب ڇــــــيڻــــو جتــي.

ڇـــڏن ڇــــوٽ پيشاب پاچــــي منجهان،

نه ڄاڻن سي ڪــــعبه ۽ قــــبله منجهان.

(ماهوار “پيغام” ڪراچي مارچ-اپريل 1981ع صفحو 74)

جڏهن حضرت سائين تاج محمود شاھ امروٽي وفات ڪئي ته سنڌ جي عالمن، فاضلن، اديبن ۽ شاعرن سندن ڏک ۽ وڇوڙي ۾ عربي، فارسي ۽ سنڌي ۾ مرثيا ۽ قطعهات وفات لکيا. اهي اشعار سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ وڏي آب ۽ تاب سان ڇپبا رهيا. اهو سلسلو ڪيئي مهينا جاري رهيو. سنڌ جي ڪنهن همدرد ۽ هڏڏوکي کي اهي اخبارون ۽ رسالا سانڍڻ گهربا هئا. پر افسوس! جو ان طرف ڪنهن به توجهه نه ڏنو ۽ اهو قيمتي سرمايو ضايع ۽ برباد ٿي ويو. ان قومي سانحي تي جيترو غم ۽ اندوھ ڪجي اهو ٿورو آهي. ان مقصد خاطر پراڻن ڪُتب خانن جي خاڪشوري ڪرڻ کانپوءِ هي موتي نموني مرثيو هٿ آيو، جو فارسيءَ ۾ آهي ۽ حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزاده جو چيل آهي. انهن فارسي بيتن جو سنڌي ترجمو فارسي ٻولي جي ماهر استاد حضرت مولانا محمد رمضان ڦلپوٽي صاحب ڪيو آهي.

سينه بريان، چشم گريان، هست چون ابرِ بهار

از وفــات مـــــرشد اکـــمــــــل بران جانم نثــــــار

مرشد (ڪامل) اڪمل جي وڇوڙي تي (منهنجو) سينو ٽچڪي ٿو ۽ چيٽ جي مند جي وڏڦڙي مينهن وانگر منهنجون اکيون ڳوڙها ڳاڙن ٿيون. ان (مرشد) تان منهنجو سِر ساھ گهور وڃي.

قطبِ دوران و غــوث عالم، بود از آلِ رسول

اشــــجــــع و مــــتوکــل واجود بسي پرهيزگــــار

اهو پنهنجي دؤر جو قطب ۽ (هن) جهان جوغوث هو ۽ رسول الله صلي الله عليہ وسلم جي آل اطهر مان هو. جيڪو وڏو دلير، الله تعالى جي ڀروسي ڪرڻ وارو، وڏو سخي ۽ گهڻو پرهيزگار هو.

پــــيــــشـــــواءِ عــــالمان و عارفان و عابـــدان

برســــر او تــــاج محـــــمود از عطـــاءِ کردگار

عالمن، عارفن ۽ بزرگن جو اڳواڻ هو ۽ سندس مٿي تي الله تعالى جو عطا ڪيو ساراهيل ڇٽ پهريل هو.

رهــــــبر راهِ هـــــدا و هـــــادي خـــــلـــقِ خـــــدا

گـــمـــــرهان را رهنما آن صاحبِ عالي وقار

هدايت جي دڳ جو سونهون ۽ الله تعالى جي مخلوق کي هدايت ڪرڻ وارو هو. اهو بلند وقار (عظمت) وارو گمراهن جو رهبر ۽ رهنما هو.

بود از امروٽ هـــر سو چمشئيه فيضش روان

زان شدي سيراب هر دم خلق عالم بي شمـار

امروٽ شريف ۾ چؤ طرف (سندس) فيض جا چشما جاري هئا. سندن ( فيض مان) هر دم هر گهريءَ هن جڳ جهان جي اڻ ڳڻي مخلوق ڀرجي (ڊؤ ڪري) وئي.

بــــود تــــبليغ و اشــاعت مقصد او در جـهان

کـــوشــــش اهـــياءِ سنت شغل او ليل و نهار

هن جهان ۾ سندس مقصد (دين جي) تبليغ ۽ اشاعت هئي. سندن رات ڏينهن مصروفيتون رسول الله صلي الله عليہ وسلم جي سنت کي جيارڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ هيون.

روز و شــــب مـــــجلس آن حضرت والا تيار

وعظ قرآن و حديث و ذڪر اسلاف کبــــــار

ڏينهن ۽ رات حضرت سائين قبله جي محفل ۾ قرآن شريف جو ۽ حديث شريف جو وعظ ۽ وڏن بزرگن جي پچار (ملفوظات) هلندي هئي.

نـــــور پيشاني درخشان بود همچون ماهتـاب

زان شـــــــدي تاريکي عــصيان ز دلها بر کنار

سج وانگر سندن چهري تي نور چمڪندو هو. جنهن ڪري (مخلوق جي) دلين تان گناهن جي اونداهي هٽي وئي.

گـرچــــه دانستند ويران دشـــمن خود کافران

آمدند از دست او در دين احـــــمد بي شمـار

جيتوڻيڪ پنهنجن دشمنن ڪافرن (کيس) ويران سمجهيو. پر سندس هٿ مبارڪ تي احمد صلي الله عليہ وسلم جي دين ۾ اڻ ڳڻيا ڪافر داخل (ٿي مسلمان) ٿيا.

خــلــــق رابا خُلق کردي عاشق و شيداءِ خــــــــود

بر مريدان مهربان - همچون پدربس غم گسار

تون پنهنجن اخلاقن ذريعي مخلوق کي پنهنجو عاشق ۽ جانثار ڪري ڇڏيو. مريدن تي پيءُ وانگر مهربان ۽ غمخوار.

خنده پيشاني به هرکس چون گل خندان مدام

لـــيـــکه بوده از غــــــم اسـلام دائم دل فگـــار

هر هڪ سان سدائين گل وانگر ٻهڪندڙ چهري سان پيش آيو. پر سندس دل هميشه اسلام جي ڳڻتيءَ ۾ ڳرندي ۽ جهرندي رهي.

چـــــون مجاهد باجــــماعت خيمه زد بهرِ جهاد

ظــــالــمــــان پــــسـپا شدند از خانئه پرودگـــــار

جڏهن هن مجاهد، پنهنجي جماعت سڳوريءَ سان گڏجي جهاد لاءِ خيما کوڙيا ته ظالم (انگريز) الله تعالى جي گهر (مسجد شريف جي ڊاهڻ لاءِ) شڪست کائي پوئتي وٺي ڀڳا.

(حوالو فارسي مرثيو: تذڪره مولانا تاج محمود امروٽي - 1975ع صفحو 57 ۽ 58 بحواله هفتيوار “پيغام” 6 جنوري 1930ع)

حضرت مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ صاحب لکي ٿو ته“عبدالرزاق پيرزادو بهترين شاعر هو. همايون جي مولانا عبدالباري، حضرت مولانا عبدالغفور همايون جي وفات تي هڪ عمدو مرثيو ٻڌايو ۽ چيائين ته اهو مولوي عبدالرزاق پيرزاده چيو هو، جڏهن همايون ۾ ماستر هو”. (شريعت سوانح حيات نمبر - 1981ع صفحو 444)

اهو مرثيو ميان عبدالباقي صاحب موجوده گادي نشين درگاھ همايون شريف اسان کي زباني ٻڌايو، جيڪو هن ريت آهي.

حـــــضرت هـــــمايوني چوان، ٻڌ مــڙس جو ڇا شان هو.

هـڪ مان نه پر هر ڪو چوي، عاشق سچو سلطان هـو

دهــڪــو دکـــن تان ئي ويو، ايران عـبرت ۾ پيو.

اهڙو نه ڪـــو عـــــــالم ٿيو، حيران عربستان هو.

حـــــضرت هـــــمايوني چوان، ٻڌ مــڙس جو ڇا شان هو.

هـڪ مان نه پر هر ڪو چوي، عاشق سچو سلطان هـو

حيرت اندر هـــر دم غرق، دنيا ومـــا فيـــها ترڪ.

تِر جو نه هو اُن ۾ فرق، مَلڪِي صِفت انسان هو.

حـــــضرت هـــــمايوني چوان، ٻڌ مــڙس جو ڇا شان هو.

هـڪ مان نه پر هر ڪو چوي، عاشق سچو سلطان هـو

مفـــتي چوان قاضــي چوان، يا تِرمذي رازي چوان.

مسلم بخاري ڇو چوان، سچ پچ ته سو نعمان هو.

حـــــضرت هـــــمايوني چوان، ٻڌ مــڙس جو ڇا شان هو.

هـڪ مان نه پر هر ڪو چوي، عاشق سچو سلطان هـو

تعريف تن جي ڇا ڪريان، جو “عبد” عاجز آهيان.

قرآن مــان ثابت ڪريان، لاخوف تِن جو شان هو.

حـــــضرت هـــــمايوني چوان، ٻڌ مــڙس جو ڇا شان هو.

هـڪ مان نه پر هر ڪو چوي، عاشق سچو سلطان هـو

انهن مرثين کان سواءِ حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزاده جي مولودن جو هڪ مجموعو، جيڪو اسان کي سندس معتقد ۽ درگاهه حضرت مخدوم صدر شاهه عثمان قريشي سُهروردي جي اڳوڻي خاص خدمتگار ميان عبدالخالق پيرزاده جي صندوق مان مليو آهي. جنهن مان به هڪ مولود هيٺ ڏجي ٿو. جڏهن ته ٻيا مولود سندس مستقل ڪتاب ۾ تفصيل سان شايع ڪيا ويندا. انشاءالله

مون کي جلدي مولا مدينو ڏيکار

پيغمبر جي پاڙي گذاريان ڄمار

لهي اڃ اکين جي اچي پوءِ قرار

ڇڏي سکر روهڙي روانو ٿيان

ساڻ فراشن شهر کي وساري ڇڏيان

هلان حاجين ڪري گڏ قطار

پيغمبر جي پاڙي گذاريان ڄمار

لهي اڃ اکين جي اچي پوءِ قرار

چڙهي ريل ۾ پوءِ راهي ٿيان

ڪراچيءَ بندرگاھ اڏامي اچان

ڏسان پاڪ روزو ٿئي دل بهار

پيغمبر جي پاڙي گذاريان ڄمار

لهي اڃ اکين جي اچي پوءِ قرار

پيان پاڪ پاڻي مون زم زم ڀلي

ڪعبه جو طواف ڪريان مون هلي

ڏسان ڇال ڏوري مون نيڻ جو ٺار

پيغمبر جي پاڙي گذاريان ڄمار

لهي اڃ اکين جي اچي پوءِ قرار

مديني ۾ محبوب رب جو رهي

اسان جي به دل تنهن لاءِ سڪي

سڪاين جي سهڻا لهج تون سنڀار

پيغمبر جي پاڙي گذاريان ڄمار

لهي اڃ اکين جي اچي پوءِ قرار

هي “عبد” عاصي آھ عاجز گهڻو

اوهان جي ڏسڻ جو آھ پياسي گهڻو

مٺا مير مرسل تون زيارت ڪراءِ

پيغمبر جي پاڙي گذاريان ڄمار

لهي اڃ اکين جي اچي پوءِ قرار

تصنيف ۽ تاليف:

حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزاده، علم ۽ ادب سان واھ جي ياري نباهي آهي، سندس قلمي پورهئي ۾ پنهنجي مورث اعلى حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي جي سوانح متعلق “سوانح حضرت مخدوم شاھ عثمان (۱۳۷۷ هجري)” نالي هڪ ڪتاب ملي ٿو. اهو ڪتاب مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي جي شخصيت تي، سنڌي ۾ سڀ کان پهريون ڪتاب آهي ۽ مخدوم صاحب جي سوانح جو بنيادي ماخذ آهي. جنهن مان مخدوم صاحب جي سڀني سوانح نگارن استفادو ڪيو آهي. ازان سواءِ ڪتاب “جويائي حق” (سوانح عمري حضرت رسولِ مقبول عليہ السلام بطرز ناول) مصنف مولانا عبدالحليم شرر لکنوي المعروف به “طَالِبُ المَولى” جو حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزاده سنڌي ترجمو ڪيو، جنهن کي سندس دوست حڪيم محمد عبدالحق مالڪ اسلاميه بوڪ ايجنسي سکر شايع ڪري قوم اڳيان پيش ڪيو. ان کان علاوه اسلام جي بنيادي تعليم متعلق هڪ ڪتاب نالي “راھ اسلام” به لکيائين، جيڪو اڻ ڇپيل آهي ۽ ان جو قلمي نسخو اسان وٽ "مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سھروردي اڪيڊمي ڳوٺ فراش ضلع سکر" ۾ موجود آهي. جنهن جو باني ۽ چيئرمين محمد شوڪت علي پيرزادو آهي٠

ڪتابت:

حضرت سائين هڪ سٺو ڪاتب به هو. نسخ هجي يا نستعليق سندس خط موتي داڻو هو. پاڻ پنهنجي هٿ سان قرآن پاڪ لکيو اٿس. عبدالرحيم انصاري هالائي المعروف مفتي سعدالله انصاري خيرپوري جي هاڪاري ڪتاب “توب محمدي” جيڪو “پستول حيدري” جي جواب ۾ لکيل آهي، تنهن جي ڪتابت به حضرت سائين جي ٿيل آهي. ساڳي ريت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي تي مولانا عبدالفتاح قريشي فراشائي جي فارسي ۾ لکيل ڪتاب “جامع الڪمالات” جي نچوڙ “قلمي فارسي شجره نسب حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي” جي به ڪتابت ڪئي اٿس.

ان کان علاوه مشهور خلافتي مولانا دين محمد وفائي مرحوم جي ڪتاب “الہام الباري” جي ڪتابت به حضرت سائين جي ٿيل آهي. وفائي صاحب، حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزاده جو شڪِريو اَدا ڪندي لکي ٿو ته: “هي بيحَد ناانصافي ٿيندي جيڪڏهن آءُ پنهنجي دوست ميان عبدالرزاق پيرزاده ساڪن فراش تعلقه سکر جو تَهدل شڪريه ادا نه ڪريان، جنهن صاحب پوين چئن جلدن جي ڪتابت وقت، ڪتاب جي صحت جو بيحد خيال رکيو ۽ ڪيترين درستين بابت قيمتي مشورا ڏنا. الله تعالى کيس ۽ سندس فرزند مولانا حڪيم غلام قادر صاحب کي دنيا ۽ آخرت جي ڀلائين سان سرفراز فرمائي. آمين (الہام الباري “1934ع” جلد پنجون، صفحو 139).

پير حسام الدين شاھ راشدي صاحب، حضرت سائين لاءِ لکن ٿا ته: مولوي وفائيءَ جا جيڪي ڪتاب ليٿوءَ ۾ ڇپيا، انهن سڀني جي ڪتابت گهڻو ڪري ميان عبدالرزاق جي ٿيل آهي.

مشهور انقلابي اڳواڻ (سحبان سنڌ) الحاج محمد عبدالڪريم چشتي صابري جا برک ڪتاب، جن ۾ “تلوار حق”، “آئينہ حق”، “حبيب خدا”، “ازواج النبي صلي الله عليہ وسلم”، “امام رباني” (جنهن ۾ حضرت مجدد الف ثاني امام رباني شيخ احمد فاروقي سرهندي جي سوانح پاڪ ڏنل آهي) ۽ ٻيا ڪيترا مايه ناز ڪتاب به حضرت سائين ميان عبدالرزاق جا ڪتابت ڪيل آهن.

مولانا محمد ابراهيم بخشاپوري جي سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيل “دلائل الخيرات“، مولانا محمد اسماعيل ٻگهيو (فاضل دارالعلوم ديوبند ۽ معلم العربيه في مدرسة الحکومة سکر) جي تصنيف ڪيل “تحفة الطلباء”، جناب حافظ مولانا عبدالحميد پيش امام مسجد ميان ذوالفقار شاھ گهوٽڪي واري جي لکيل ڪتاب “تجويدالقرآن ورساله نماز” ۽ وڏيري ميان فقير محمد خان زميندار تعلقه کپرو ضلعو ٿرپارڪر جي جڳ مشهور ڪتاب “نصيحة المسلمين” به حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزاده جا هٿ اکري لکيل آهن.

انهن کان علاوه مولانا عبدالحي شڪارپوري، مولانا ابوبڪر شبلي ٿريچاڻوي، مولانا محمد اسماعيل عودوي، فقير محمد حسن ڀٽو، جناب مخدوم محمد عثمان بن مخدوم حافظ محمد از اولاد حضرت مخدوم نورنگ قدس الله سره العزيز، الحاج مولانا قاضي محمد عثمان هاليجوي، جناب محمد بخش ولد ڄام لعل بخش چارڻ فقير ساڪن اُٻاوڙو، جناب مولانا نثار احمد مدرس جامعه عربيه دارالہدى ٺيڙهي، محمد صالح هالاڻي، علامه فضل احمد عباسي، مولانا غلام مصطفى نشتي، فقير فتح محمد وئيداداڻي، مولانا محمد قاسم مشوري، مولانا محمد عظيم اينڊ سنز تاجران ڪتب بازار شڪارپور سنڌ ۽ حڪيم محمد عبدالحق تاجران ڪتب بازار سکر جن جا املهه ڪتاب به سندس ڪتابت ڪيل آهن.

حضرت سائين ميان عبدالرزاق ۽ سندس فرزند حضرت مولانا حڪيم غلام قادر پيرزاده جون تصنيفات ۽ ڪتابت ڪيل ڪتاب ڊاڪٽر مولانا مفتي محمد ادريس السنڌي، قاسميه لائبريري ڪنڊيارو واري وٽ محفوظ آهن. جن جي هن فهرست به مرتب ڪئي آهي. اسان به ان فهرست مان استفادو ڪيو آهي. اهڙي ريت حضرت مولانا نصرالله بن مولانا غلام رسول سومراڻي جي ڪتب خاني ۾ محفوظ مفتاح رشدالله جي ٻنهي جلدن جا اڳيان ۽ پويان صفحه ضايع ٿي ويا هئا، جنهن ڪري مولانا غلام رسول سومراڻي، ضايع ٿيل صفحن جي ڪتابت حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزاده کان ڪرائي. مفتاح رشدالله تفسير ڪلام الله جي پهرين جلد جي صفحي هڪ کان ڏهن تائين عڪس سميت ۽ صفحي 719 کان 769 تائين ساڳئي ريت ٻئي جلد ۾ عڪس سميت 769 کان 782 ۽ 1369 کان 1388 تائين موتي داڻا اکر به حضرت سائين ميان عبدالرزاق جا آهن.

تازو ڪراچي جي مفتي محمد جان نعيمي سنڌي مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي ڪتاب “فاڪهة البستان” کي ايڊٽ ڪيو آهي. جنهن ۾ هن فاڪهة البستان جي جنهن قلمي نسخي کي بنياد بڻايو آهي، سو به راقم الحروف جي پڙڏاڏي حضرت سائين ميان عبدالرزاق جو ڪتابت ٿيل آهي. اصل نسخو مفتي صاحب جي لائبريري ۾ موجود آهي، جنهن جي آخر ۾ ڏاڏا سائين لکي ٿو ته: “تمّ الکتاب بعون الله الفتّاح المنعام على يد احقر الانام مملو الجرائم والآثام العاصي عبدالرزاق الفيرزادة، المتوطن في قرية فراش من مضافات سکر سِند في ضحوة الخميس السادس من شوال المکرّم المنتظم في سلک شهور سنة ثمان وثلاثين وثلاث مائة والف من هجرة النّبي عليہ الصّلاة والسّلام وعلى آلہ واصحابه البررة والکرام ”.

دوست ۽ دل گهريا:

سندس دوستي ان وقت جي سڀني انقلابين ۽ آزادي پسند انسانن سان هئي، جنهن ۾ مولانا دين محمد وفائي، مسٽر تاج محمد عليگ، ميان نعمت الله قريشي، سيد محبوب علي شاھ بخاري، ابو شوڪت حمزو خان مهر چڪائي، ان کان علاوه امير بخش خان مهر تماچاڻي وارو به سندن وڏو معتقد هو ۽ مرحوم جو وڏو احترام ڪندو هو. جناب آغا بدرالدين خان دراني مرحوم پڻ حضرت سائين جو خاص خيال رکندو هو، سکر جو مشهور تاجر حڪيم محمد عبدالحق، سکر جو سرگرم سياسي ۽ سماجي رهنما جناب ڊاڪٽر محمد عمر شيخ، سنڌ جو مشهور مورخ ۽ مصنف پير حسام الدين شاھ راشدي ۽ ٻيا ڪيترا صاحب سندس دوست هئا. (مولانا محمد صالح “عاجز“ ميمڻ بحواله شريعت سوانح حيات نمبر - 1981ع صفحو 443). وڌيڪ دوستن عزيزن ۽ احبابن ۾ حضرت سائين حمادالله هاليجوي، حضرت مولانا محمد عبدالڪريم چشتي، الحاج حضرت مولانا جان محمد پيرزادو تماچائي وارو، حضرت مولانا مهرالله مهر منگراڻي وارو، حضرت مولانا مفتي محمد قاسم ڳڙهي ياسين وارو (هن بزرگ سان گهڻي خط وڪتابت هلندي رهندي هيس. هڪ ٻي ڏانهن موڪليل ڪجهه خط هن وقت به اسان وٽ محفوظ آهن، جن جي تمهيد مان ظاهر ٿي ٿو ته گهري وابستگي ۽ گهڻي محبت هوندي هئي)، وڏيرو حڪيم علي محمد پيرزادو فراشن وارو، عبدالجبار سروهي لاڙڪاڻي وارو، حضرت مولانا غلام قادر ميمڻ ٺيڙهي وارو، خليفو ميان محمد اڪرم پيرزادو دودي ڳوٺ وارو، هيڊ ماستر حاجي محمود قاسمي مهر قاسم ڳوٺ وارو، وڳڻ محمد رمضان وڳڻن وارو، يار محمد پيرزادو، خان محمد پيرزادو انڙ ڳوٺ وارا، استاد حافظ سيف الله مهر ۽ حاجي واليڏنو جوڻيجو ته حضرت سائين کي بيحد ڀائيندا هئا.

معلم حاجي محمد ابراهيم (صباغ) مڪِي عرب پيرزاده سان به سندس گهاٽو تعلق هو، جيڪو سندس عزيز به هو ۽ هجرت سانگي پنهنجي اباڻي ملڪ سعودي عرب جي علائقي مسفله ۾ رهندو هو. معلم حاجي محمد ابراهيم جي وفات کان پوءِ سندس فرزند معلم حاجي احمد (صباغ) مڪِي عرب پيرزاده هن طرف ايندو رهيو. ان کان پوءِ معلم محمد بن احمد به لاڳيتو هتي آيو ۽ حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزاده وٽ حاضري ڀريندو هو. سندس ٻه ڀائر محمود ۽ محمد ابراهيم هئا. محمود حاجين جي خدمت ۾ مصروف رهندو هو ۽ محمد ابراهيم تعليم ۾ مشغول هوندو هو. اِهو احوال حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزاده پنهنجي تصنيف ڪيل ڪتاب سنڌي سوانح “حضرت مخدوم شاھ عثمان (۱۳۷۷ هجري)” جي صفحي نمبر ۱۴ کان ۱۶ ۾ پڻ ڪيو آهي.

وفات ۽ دفن:

زندگيءَ جي آخري رمضان ۾ به حضرت سائينءَ سترهن روزا رکيا، جنهن کانپوءِ پاڻ ڪمزور ٿي ويا ۽ باقي روزن جي سگهه نه ساريائون، ان ڪري باقي روزا چاچا محمد عثمان بن حاجي محمد مراد پيرزاده کي رکرايائون، جيڪو نيڪ صالح انسان هو ۽ درگاھ حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي جي خاص خدمتگارن مان هو. آخر ۾ حضرت سائين جي ڪمزوري وڌي وئي. پاڻ هڪ کٽ ۽ برابر ۾ مصلي تائين وڃي پهتا، بس! وضو به نه ڪري سگهندا هئا، جنهن ڪري تيمم ڪندا هئا. نيٺ ٽيهين رمضان جي رات کٽ تي سمهيا پيا هئا ته سيءُ ٿيڻ لڳن ۽ جسم سارو ڏڪڻ لڳو. ان ڪيفيت ۾ به پاڻ آخر تائين ڳالہائيندو رهيو ۽ ماڻهن کي چوندو رهيو ته نماز پڙهو، الله جي رحمت ٿئيوَ. ان ريت ڳالہائيندو رهيو. ٽيهه رمضان المبارڪ ۱۳۸۸ هجري مطابق 21 ڊسمبر 1968ع تي ڇنڇر جي صبح هن فاني جهان مان حضيرة القدس ڏانهن راهي ٿيو. کيس پنهنجي ڏاڏي حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي جي مقبري جي ورانڊي ۾ اتر اولهه طرف پنهنجي والده ماجده جي ڀر ۾ هميشه لاءِ ابدي آرامي ڪيو ويو.

بقاء ناهي بلاد کــــي، دنيـــــا ناهــــــــي دوام

اجل ٿو اوتون ڪـــــري، ٿي قريب قيــــــــام

شهر سندي ساٿيا، ڪـــريو تات تمام

ڪريو ياد ڪريم کي، سنجهي صبح شام

مڇڻ ويسارا وهــو، اڀيون منجهه اسلام

ڪهو ڪلمو صدق سين، مٿي محمد ڄام

ورتل ڪتاب: فائق فراش جو (٢٠١٦ع) - ليکڪ: محمد شوڪت علي پيرزادو