واپرائيندڙ:سانوڻ راڄڙ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڏٿ ڇاآھي؟ ۽ ڇاکي ٿوچئجي؟

سانوڻ راڄڙ

اڄ ڪلھ برساتن جي شديدقلت جي ڪري ٿرپارڪر۽ اڇڙي ٿر جي صورتحال ڪافي ڏکوئيندڙ آھي پر هتي جاماروماڻھون اڄ ب الله پاڪ جو شڪراداڪن ٿا۽ ٿوري گهڻي تي پيٽ گزرڪري رهياآھن پرهوپنهنجي شڪايت سواء مٺي مالڪ جي ڪنهن سان ڪونه سلين. اهڙي طرح هي پنهنجي زندگي جو گاڏوڌڪي رهياآھن هتي جي رهواسين وٽ ڪاپائيدارسماجي ورڪر تنظيم يا ڍانچو ناهي جوهتي جاماروماڻھون ان ذريعي مان ڪو مناسب لاڀ حاصل ڪري سگهن. اڄ کان 60يا70سال کن اڳ ۾ غربت ۽ ھاڻوڪي غربت ۾ وڏو فرق آهي. اڳ ۾ کاڌ کوراک جي ايتري کوٽ نه هوندي هئي جو ڪاري ڏڪار ۾ ب ماڻھون محنت ڪري هتي جي وڻن ۽ ٻوٽن مان ملندڙ اپت حاصل ڪري پنهنجو گزڪنداهئا. ڪڏهن ڪڏهن ته هتي جي مسڪين ماروئڙن کي وڻن جا ڇوڏا کائڻا پوندا هئا. جڏھن ت هن وقت ڪيربه وڻن جا ڇوڏاياکلون نٿو کائي. ان کان سواء ٿر جي ماڻھن جو گزرسفرڏُٿُ تي هوندو هو۽ انڃان ب آھي. ڏُٿَ مطعلق شاه لطيف رح ذڪرڪيوآھي ت

آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا، سٿا ڪيو سيد چئي، سائون سڪائين، منجهان لنب لطيف چئي، چانور ڪيو چاڙهين، پلاءُ نه پاڙين، عمر آراڙيءَ سين. (مارئي)

هڪ ٻئي لوڪ شاعر لَنبَ جي لاء شعرچيوآ ت. مکڻيون ۽ مانڌاڻا، ٻي کيرُل ساڻ خوشين، ٻُڪن، ٻوڙي، ٻيڪَهُون ۽ لُنب لنوارون ڪن، پُڇَر گاهه پٽن تي، ٻي ڪوتڪ ساڻ ڪَرن،

لَنبُ جو گاهه ٿر سان گڏ ڪافي هنڌن تي جتي مٺي پاڻي واري نهري زمين ۾ پڻ ٿئي ٿو لس. پراڻ جي ڪناري سان توڙي اڇڙي ٿر ۽ پراڻ جي ڪناري سان پڻ جهجهو ٿئي ٿو . مکڻي گاه وانگرهن جي پاڙ به تر جيتري زمين اندر هوندي آھي ان حوالي سان ان کي ب بي پاڙو گاه چئي سگهجي ٿو. هن کي هٿ لائبو ت هي ايتونرم آھي جو هٿ لائڻ سان ڇڄي ايندو. لنب جي سڪڻ کان پوءِ ھن جا تيلا سنها۽ ڀوري رڇ جا وارمثل هونداآھن. هي سڪل گاھ مال جي لاء ڏاڍوطاقتور آهي. .ماروماڻھون ان گاه مان ان ڪڍي چانورن جيئان رڌي پڻ کائيندا آهن. شاهه صاحب ذڪر ڪري ٿو ته. آراڙيءَ جي ان سان پلاءُ ب ڪين پاڙيندا. هي اهي حقيقتون آھن جي پنهنجي حال جي ڪري کائيندا آهن ۽ انهن تي ٺھي ويا آهن، ان جي لاء هر هڪ ڏٿ ٿرواسين جي لاءِ وڏوسهارو آهي. ڏُٿُ اصل ۾ آھي ڇا؟ڇاکي ٿو چئجي؟ ڏٿ جهنگ جي وڻن خاص ڪري ٿرجي وڻن گاهن ٻوٽن مان ملندڙ اهڙي خوراڪ آهي جنهنکي ڪچو به کائي سگهجي ٿو ته يا رڌي،سڪائي ب کائي سگهجي ٿو يا ٻافي کائي سگهجي ٿو. ڏٿ اهڙي قدرتي کاڌ کوراڪ آهي جوڪهڙو به ڪارو ڏڪار ڇو نه هجي پر  ڏٿ کي حاصل ڪرڻ لاءِ جهنگن برن ۾ رلي ڳولهي حاصل ڪيوويندوآھي۽ان جي لاء ڪيئي ڪشالاڪڍڻاپون ٿا ڏونگر ڏورڻا پون ٿا.جڏھن کاڌ کوراڪ جي کوٽ پوندي آھي ت هي قدرت طرفان ڪنهن تحفي کان گهٽ ڪونه آھي.هي اهومقامي وسيلوآھي جنهن تي گهٽ خرچ يالاڳت اچي ٿي. .ڏٿ ڏورڻ جي ان ڪوشش ۽ ڪشالن کي شاه ڀٽائي رح  هن طرح بيان ڪن ٿا.

پارئان پُڇي آءُ، خبر کاهوڙين جي، ڏوٿين ڏونگرئان، ڪنهن پرڏورئو ڏٿ کي.

هڪ ٻئي هنڌ شاه لطيف فرمائي ٿو ت

جَي ڪو ڏُٿُ ڪَرَي، ته ڏُونگَرُ ڏَورڻُ ڏاکڙو ڇَپَرُ ڪين ڏئي، سُوکڙيُون سُتَن کي.

اهڙن  اَنَ وارن گاهن ۽ ان مان نڪرندڙ داڻن مان مقامي مارو ماڻهون وڏي محنت سان پيهي سنهوڪري ان ماني به پچائنداآھن ۽ ڀت به رڌي کائنداآھن. اهڙا گاه ياٻوٽاخاص ڪري ، ڪوهستان ، ٿرپارڪر،اڇڙوٿر،چولستان ۾ روحي واروريگستان ڪچي ۽ ڪاڇي ۾ برساتن جي پوڻ  کان پوءِ قدرتي طور ڦٽي نڪرن  ٿا تن مان خاص ڪري سائون،مانڌاڻون،سنڱر،ڦوڳي،ڀُرٽَ،مکڻي،لنب،مليريو،پِپُون،کونڀيون،ميهاڇانهيون،ٽوھَ، وغيره.ساڳ، ساين ڀاڄين  ۽ ماکيءَ کي به ڏُٿُ چئبو آهي. ڏٿ ۾ شامل قدرتي طورتي وٽامن، پروٽين، فائبرسان گڏ اهي سموريون گھرجون  جيڪي پيٽ جي بُکَ کي ڀرڻ لاءِ ڪافي آھي. ڏُٿُ ۾ڦَلَ، پاڙون، ميوا۽ پن شامل هونداآھن، جن کي گڏيل طور ڏٿ چئي سگهجي ٿو.

پاڙن مان ڏٿ

۾ پپون ۽ کوڀيون شامل آهن. انهن مان پِپُون وڻن،مورن، کپن،۽ کٻڙن ،۽ ڪنڊيءَ جي پاڙن ۾ ٿينديون آهن.پپن جورنگ سائو ٿئي ٿو اهي پاڙون برسات پوڻ سان گونچ ڪڍي فٽي پون ٿيون پپن کي ڪچو به کائي سگهجي ٿو۽ انهن کي چٽڻي ۽ ڀاڄي جي طور تي ب استعمال ڪري سگهجي ٿو.کُنڀي اڪسرڪري جڏھن گجگوڙسان برسات پوڻ جي ڪري ڀٽن،ڪيٽن، ڪرن،تي خاص ڪري واري جي دڙن تي ڦٽي نڪري ٿي ان کي ڀاڄي طوراستعمال ڪبوآھي کنڀي جي ڀاڄي خوشبودار۽ مزيدارٿيندي آھي.

امام علي جنجهي پنهنجي شاعري ۾ اظھارڪري ٿوت” کليو مرڪيو ڪن مذاڪون، ماکي مصري کنڊ ۽ کير ماروئڙن جو ملڪ ملير پڪا ڏٿ ۽ پيرون جام، گُگهر گھانگھيٽا ٻيرون عام سنڱر نموريون ڍيرون لام، کوئنر کنڀيون کاڄ امير ماروئڙن جو ملڪ ملير

پنن مان ڏٿ جيڪوملي ٿوان ۾ مريڙو، سالاريو، مشهور آهي جنهن کي ساڳ طوررڌي کاڌو ويندوآهي.گرمي جي ڏينهن ۾ جڏهن لڪون ۽ جهولالڳندا آھن ۽ اَڪَ تپندا آهن،ان ٽائيم تي ٿر۾ ڪي اهڙا وڻ آهن جيڪي ڏٿ جي فطرتي دولت سان مالامال هجن ٿا ۽اتي جامقامي مارو ماڻهون ان مان گُلَ،سنڱر،۽ ميوا پٽي پاڻ به کائينداآھن ۽ پنهنجي مال کي به کارائيندا آهن ان سان مال متارو ۽ سگهارو ٿي مچي پوندو۽ جهجهو کير پڻ ڏيندو آهي. ڪنڊيءَ جا وڻ ٻور جهلنداآھن جنهن کي مَنڃَرُ سڏبوآھي ان کان پوء جلد سنڱر لڳندو آهي ۽ ڪچڙيون سنهڙيون سنڱريون ٿين ٿيون جن جي ڀاڄي تمام گهڻي ذائقيدار۽ سواد واري ٿيندي آهي. سنڱرکي ماڻهون ۽ مال ٻئي وڏي شوق سان کائين ٿا ڪجھ سُگهڙ عورتون سنڱر کي ٻاڦي۽ ان کي ِ سُڪائي رکنديون آھن جيڪو ڪنهن ب وقت استعمال ۾ آڻي سگهبوآھي. سنڱرکي ڪچوب ٻارتوڙي ڌراڙپهنوار خوشي سان کائينداآھن.

جتي ليار پيرون پٽن تي پچن ٿا اتان منهنجا مارو ميارو مڪن ٿا

کٻڙريگستان جي سونهن جو وڻ آهي بهار جي مند اچڻ شرط کٻڙ ٻور جهلندو آهي، جنهن کانپو۽ ان مان ککڙاٺھنداآھن جيڪي پيرُن جو روپ ڌاريندا آهن، پيرون ٿرواسين جي پسنديده قدرتي ميووپڻ آهي جيڪو مال ۽ ماڻهن جي لا۽ ڏٿ جي طور تي استعمال ٿيندوآھي آهي پيرون سڄي سنڌ ۾ سوغات ڪري گفٽ ب ڪبا آهن پيرون چونڊي سُڪائي ان مان ڪوڪڙ ڪري ب کائبا آهن پيرون مان رس ڪڍي ڳُڙُ ب ٺاهبوآھي جيڪو تمام گهڻون ذائقي دارهوندو آهي. پيرن جا رنگ ۽ مختلف نالا جهڙوڪ،ڳاڙھڪ (ڳاڙها پيرون)ڌورڪ (پيلا ۽ اڇي رنگ جا پيرون). شاه عبدالطيف ڀٽائي سرسارنگ ۾ چئي ٿوت” آگَمَ ڪَيا اَللھَ، لَڳَہَ پَسُ! لَطِيفُ چئي؛ پَلَرَ جي پالُوٽَ سين، پَٽَنِ جَھلِيا پاهَ؛ واحِد وَڏائِي ڪَيا، مَٿي گَسَن گاهَ؛ .سانگِيُن وَرِيا ساهَ، اُٺُنِ آبُ آگُوندِرو “

گاهن مان ب ڏُٿُ حاصل ڪبو آھي ڪافي اهڙا گاھ آهن جيڪي مال جي چاري سان گڏ آهن ڏٿ جي شڪل ۾ به ان کي کاڌي طور استعمال ۾ آڻي سگهجي ٿوجن ۾ خاص ڪري،سائون،لنب،ڀُرٽ،مانڌاڻي،مُرٽ، ٻَرُون، انهن گاهن مان آهن.گاهن جي سنهڙن سنگن مان وڏي محنت ۽ جفاڪشي سان سنهڙن داڻن کي ڪڍڻ کان پوءِ ان کي پيهي سنهون اٽي جهڙوڪري ان جي ماني ب پچائي کائبي آھي پر هي ڪافي محنت طلب ڪم آهي.وسڪاري جي مند ۾ برساتن تي ٿيندڙ گوار، ميها،ڇانهيون، چڀڙ، گدريونٿيئن جنهن کي ڪٽي ننڍڙيون ڦارويون ڪري سڪايون وينديون آھن. ڀٽ جوگهوٽ ھڪ ٻئي هنڌ فرمائي ٿوت

جيهَا جَي تيهَا، مُون مَارُو مَڃِيَا مُون جَيڏِيُون مَلِيرَ ۾، چُونڊِنِ مَوڪَ ميهَا مُنهِنجِي آهَ اِهَا،ڪَڏَهِن ڪَيرَائِندي ڪَوٽَ کَي

. ڦوڳن جي ڦوڳي به رڌي ڀاڄي طور کائڻ ۾ ڏاڍي ذائقيدار ٿئي ٿي.ڦوڳيء جي ڀاڄي سڄي سنڌ ۾ مشھور آھي. ٽوُھَ.اصل ۾ ٽوھ ت ڪڙا ٿين ٿا پرٽوهن کي زمين ۾ پوري ان جو ٻج يعني ڪُريون مٺيون ڪري پهي سنهوڪري ان جي اٽي مان ماني پچائبي آھي. ڀٽ ڌڻيءَ چيو ته؛ ٿر ٿوھر گھر جھوپڙا، ٻارڻ جِنين جو ٻوھ، وٺا مينھن ملير تي، ٽھڪي نڪتا ٽوھ، رات منھنجي روح، ستي سانگي ساريا. (شاھ) ڪونڀٽ. ڏٿ ۾ شمار ڪونڀٽ جو کونئر ب ٿئي ٿوجومارو ماڻهون ڪونڀٽن جو کونئرلاهي ان کي رڌي پوء کائيندا آھن جنهن سان جسم کي طاقت پڻ ملندي آھي ۽ خاص ڪري جسم جي سورکان به فائديمند آھي. ڊاڪٽرنبي بخش بلوچ صاحب پنهنجي ڪتاب مناظرو ۾ ھڪ شعر مقامي شاعر جو ڪونڀٽ متعلق ڏنو آھي ت، حقيقت پنهنجي حال جي،ڪونڀٽ تون ڪر، تون جو وڻ ولائتي، پَسجين ڪهڙيءَ پر؟ هونئن اوهان جا هميشہ، ٿاڻا مٿي ٿر، ڇڏي ڀِٽن جي ڀَر، ڪيئن نڪتين ناري کي؟

چڀڙ ، چڀڙياچڀڙيون گهڻوڪري مينهن وسڻ کان پوء جوئر ۽ٻاجهر جي فصل ۾ پيداٿيئن ٿيون.چڀڙ ڪچا کائبا آهن ۽ انهن کي ڪٽي چٽڻي طورب کائبوآھي،ان کان سواء چڀڙن جي ڀاڄي بهترين ۽ سوادي ٿيندي آھي. مطلب ت برساتن پوڻ سان ڪيترائي ميواٿيئن ٿا ، جي ٿري ماڻهن جي لاء الله پاڪ جي مهرباني سان بنا خرچ جي ملن ٿا. مند ٿي منڊل وڄيا، آيو جهڙ جهاٽي، هڪ ارزان ان ٿيو، ٻيو مکڻ منجهه ماٽي.

ٿر ۾ وسڪاري کان پوءِ کير،لسي۽مکڻ جهجو ٿئي ٿوجنهن سان ٿرجامقامي ماڻهون کائي پي خوش ٿيندا آھن.کير، ڏُڌوغيره ٿرجاماروماڻھون وڪڻن ڪونه باقي گيھ تيارڪري کپائيندا آھن.ان کان علاواه پسي، ڏئونرا،پڪاڪرڙجا،۽ ٻياانيڪ ڏُٿ جا قسم ٿيئن ٿا جنهن کي محنت ۽ جدوجهدسان حاصل ڪري استعمال ڪري سگهجي ٿو.اڄ ڪلھ جي دئور۾ ڀاڻ ڪيميڪل ۽ دوائن سان تيارٿيندڙ ڀاڄين کان ت بهترآھي ت ڏٿ جواستعمال ڪجي جنهن جو ڪوب سائيڊ افيڪٽ ناهي ۽ ان جي استعمال سان سگھ ب حاصل ڪري سگهجي ٿي.