واپرائيندڙ:ساجد ٻانڀڻ/مشق پٽي
هڪ چٽاڀيٽي جو امتحان آهي، جنهن ذريعي گورنمينٽ آف پاڪستان گريڊ بي ايس (۱۷) جي ڀرتي (ريڪروٽمنٽ) ڪندي آهي. هي امتحان سال ۾ هڪ ڀيرو فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ڪندي آهي. چٽاڀيٽي جي هن امتحان ذريعي نهايت ئي قابل ۽ مستقل مزاج اميدوارن جي چونڊ ڪري ڪامورا شاهي (بئيرو ڪريسي) ۾ کين شامل ڪيو ويندو آهي. ۽ ڪامورا شاهي گورنمينٽ جي مشينري کي هلائڻ ۾ ڪرنگهي واري حثيت رکي ٿي.
جو تاريخي پسمنظر چٽاڀيٽي جي امتحان جون پاڙون برطانيه جي سسٽم ۾ ملن ٿيون ۽ هي نظام گورنمينٽ آف پاڪستان، انگريزن کان وراثت ۾ ورتو، برطانيه ننڍي کنڊ ۾ عام ماڻهن کي حڪمراني ڪرڻ لاءِ اعلى عهدن تي انڊين سول سروس جو امتحان وٺندي هئي. جيڪو ۱۹۴۷ع واري آزادي کان پوءِ سينٽرل سپرير سروسز طور پاڪستان اندر سڏجڻ لڳو. هاڻي هي امتحان هر سال ۱۷ گريڊ جي عهدن لاءِ منعقد ڪيو ويندو آهي.
سينٽرل سپريئر سروس جو طريقيڪار
[سنواريو]فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن هر سال چٽاڀيٽي جي هن امتحان جو اعلان اخبار ذريعي ڪندي آهي. تقريبن ڊسمبر مهيني جي پهرئين تاريخ کان ويندي ايڪٽيهه تاريخ تائين فارم ڀرڻ جو وقت مقرر ڪيو ويندو آهي. فارم فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ايف.پي. ايس.سي جي هيڊ آفيس (اسلام آباد) ڏانهن سيڪريٽري جي ائڊريس تي موڪلڻ لاءِ چيو ويندو آهي. فارم ڀرڻ کانپوءِ تقريبن ۳ مهينن کانپوءِ سلپ واسطيدار اميدوار ڏي ٽائيم ٽيبل سان گڏ موڪلي ويندي آهي. هي امتحان تقريبن اپريل مهيني ۾ منعقد ڪيو ويندو آهي. چٽاڀيٽي جي امتحان لاءِ سنڌ اندر لاڙڪاڻو، سکر، حيدر آباد، ۽ ڪراچي سينٽر آپشن ۾ رکيا ويندا آهن هي امتحان هيٺين حصن تي مشتمل هوندو آهي.
۱.لکت جو امتحان ۲.طبعي امتحان ۳.نفسياتي امتحان ۴.روبرو
هن سڄي مرحلي مان گذرندڙ ڪامياب اميدوار کي ڪوبه گروپ (مارڪن موجب) ڏنو ويندو آهي. گروپ هن ريت آهن. ۱.ڪامرس ۽ ٽرئيڊ گروپ ۲.ڪسٽمس ۽ اَيڪسائيز گروپ ۳. ڊسٽرڪٽس مئنيجمينٽ گروپ ۴.فارئين سروسز آف پاڪستان ۵.اَنڪم ٽئڪس گروپ ۶.اَنفاريميشن گروپ ۷.ملٽري لينڊ ۽ ڪئنٽومينٽس گروپ ۸.آفيس مئنيجمينٽ گروپ ۹.پاڪستان آيڊيٽ گروپ ۽ آڪاونٽ سروس ۱۰.پوليس سروس آف پاڪستان ۱۱.پوسٽل گروپ ۱۲.ريلوي (ڪمرشل۽ ٽرانسپورٽ گروپ)
سينٽرل سپريئر سروس جي لاءِ قابليت
چٽاڀيٽي جي هن امتحان ۾ ويهڻ لاءِ ڪجھ شرط ۽ ضابطا رکيل آهن جيڪي هيٺ ڏجن ٿا.
عمر: اميدوار جي عمر ۲۱ سالن کان وٺي ۳۰سالن (پهرين جنوري تائين) هجڻ گھرجي.
اميدوار وڌ کان وڌ ٽي دفعا امتحان ڏئي سگھندو.
ڪجھ صور تحال ۾ عمر جي (ريليڪشن) ڏني وئي آهي. مثال طور اميدوار جو تعلق ڪنهن ٻڌ ڪميونٽي وغيره سان هجي.
اميدوار جو تعلق ڪجھ تسليم ٿيل قبيلن سان هجي جھڙوڪ قبائلي علائقا، ڊي آئي خان، پئٽارو ڊويزن وغيره.
بلوچ قبيلا ڊيرا غازي خان ۽ راجن پور ڊسٽرڪٽ کان علاوا.
اڳوڻا مردان ۽ هزارا ڊويزن.
آزاد ڪشمير جا دائمي رهواسي.
سرحد صوبي جا دائمي رهواسي
معذور اميدوار
گورنمينٽ ايمپلائي
تعليم ۾ تعليم جو معيار گريجوئيشن سيڪنڊ ڪلاس يا سي گريڊ يا ان جي برابر جي ڊگري رکيو ويو آهي. اگر ڪو اميدوار بيچلر ڊگري ٿرڊ ڊويزن يا گريڊ ڊي سان پاس ڪري ٿو ته اهو پڻ قابل سمجهيو ويندو اگر هو ماسٽر ڊگري سٺي ڊويزن ۾ سان پاس ڪري ٿو.
قوميت جو اميدوار پاڪستان يا ڄمون ڪشمير جي شهريت رکندڙ هجي.
سي ايس ايس جي فيس ۱۰۰۰ روپيه رکي وئي آهي. جيڪا گورنمينٽ ٽريزري، اسٽيٽ بئنڪ يا نيشنل بئنڪ ۾ هن اڪائونٽ هيٺ جمع ڪرائڻ لاءِ چيو ويندو آهي، ياد رهي ته فيس واپس نٿي ٿي سگھي.
جايون گورنمينٽ آف پاڪستان امتحان جي ٿيڻ کان پوءِ جاين جو اعلان ڪندي آهي. اهو سندس اختيار ۾ هوندو آهي ته ڄاڻايل جاين جو تعداد گھٽ وڌ ڪري سگھي ٿي. مضمون چٽاڀيٽي جي هن امتحان ۾ مضمون نهايت اهيت جا حامل هوندا آهن. حقيقت ۾ امتحان آهي ئي اسڪور جو امتحان. هن امتحان جو لکت جو اسڪور هوندو آهي ۱۲۰۰ مارڪون ۽ هي امتحان پاس ڪرڻ لاءِ اميدوار کي ففٽي يعني اڌ سيڪڙو جي پل هر حال ۾ پار ڪرڻي هوندي آهي. انهيءَ لاءِ مضمون نهايت ئي اهميت رکن ٿا. تنهنڪري مضمونن جي پسند اهڙي ڪجي جو وڌ کان وڌ مارڪون حاصل ڪري سگھجن. مضمونن کي به ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي.
لازمي مضمون
اختياري مضمون
لازمي مضمون: سڀني اميدوارن لاءِ ساڳيا هوندا آهن. هنن مضمونن جو ٽوٽل اسڪور600 هوندو آهي. ۽ ۴۰ سيڪڙو مارڪون پاس ڪرڻ شرط هوندو آهي. جرنل ناليج جي پيپرن ۾ ٿوري گهڻي رعايت هوندي آهي. مثال طور عالمي معلومات جي ٽن پيپرن (پاڪستان افيئر، ڪرنٽ افيئر ۽ روزمره جي سائنسي ڄاڻ) ۾ ٽوٽل اسڪور (پاس ڪرڻ لاءِ) 120 گھربل هوندو آهي. اگر ڪو اميدوار هڪ پيپر ۾ گھٽ مارڪون کڻي ٿو ۽ ٻين پيپرن ۾ سٺيون مارڪون حاصل ڪري 120 مارڪون ٽوٽل گڏيل پار ڪري ٿو ته هو پاس سمجهيو ويندو آهي. حالانڪ بقايا ٽن پيپرن ۾ 40 کان گھٽ مارڪون کڻڻ تي اميدوار فيل قرار ڏنو ويندو آهي.
ضرروري سبجيڪٽ ھن ريت آھن
انگريزي مضمون 100 مارڪون، انگريزي جوڙ جڪ 100 مارڪون اسلاميات 100 مارڪون جرنل ناليج 100 مارڪون پاڪستان افيئر 100 مارڪون ڪرنٽ افيئر 100 مارڪون جنرل سائنس 100 مارڪون.
اختياري مضمونن ۾ اميدوار کي آزاد هٿ ڏنو ويندو آهي، ته هو پنهنجي پسند تي مضمون کڻي. هنن مضمونن جو اسڪور 600 هوندو آهي. انهيءَ ڪري اميدوار کي ٽوٽل 600 اسڪور جيترا سبجيڪٽ ڄاڻايل 9 گروپن ۾ کڻڻا پوندا آهن. هنن مضمونن جي خاص ڳالهه هي هوندي آهي، ته هي مضمون اسڪورنگ هوندا آهن. تنهنڪري چونڊ ڪرڻ ۾ ذهانت جو مظاهرو ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته سي ايس ايس جو درياءُ پار ڪرائڻ ۾ اهي اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ياد رهي ته اختياري مضمونن ۾ پاس ٿيڻ لاءِ 33 مارڪون رکيل هونديون آهن. سينٽرل سپريئر سروس جا ملڪ اندر تياري ڪرڻ وارا ادارا افسوس جھڙي ڳالهه آهي ته اهڙي وڏي امتحان لاءِ گورنمينٽ ليول تي نه ادارا آهن نه ئي وري پراپر گائيڊ لائن. غير سرڪاري ليول تي ڪجھ اڪيڊميز آهن. جيڪي ملڪ اندر مختلف شهرن ۾ ڪم ڪري رهيون آهن. جيئن ته غيرسرڪاري ليول تي قائم ڪيل اڪيڊمن جو مقصد هوندو آهي منافعو ڪمائڻ. تنهنڪري تمام ٿوريون اڪيڊميون پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. برحال هن وقت ڪراچي ۾ ٽي وڏيون اڪيڊميون آهن.
سي ايس ايس جي تياري ڪيئن ڪجي؟
سي ايس ايس جي تياري ڪا مخصوص تياري ناهي هوندي، هي تياري ننڍپڻ کان شروع ٿيندي آهي برحال سي ايس ايس جي تياري لاءِ ٻه ڳالهيون ضرور آهن.
۱.وقت ۲. مناسب گائيڊلائن
هي اهڙو امتحان آهن جنهن ۾ اميدوار کي اپ-ڊيٽ رهڻو پوندو آهي، اگر هن امتحان ۾ ڪاميابيءَ جو خواهشمند آهي ته کيس وقت حالات ۽ جديد رجحانن جي واقفيت رکڻ اشد ضروري آهي. هن امتحان ۾ ٽيڪنڪ سڀ کان وڌيڪ درڪار هونديون آهن. اگر چٽاڀيٽي جي امتحان کي ٽيڪنڪ جو امتحان چئجي ته بلڪل وڌاءُ نه ٿيندو.
ٽيڪنڪس اختياري مضمونن جي چونڊ ۾ اختياري مضمون نهايت اهميت جا حامل هوندا آهن، تنهنڪري ضروري آهي ته اسڪورنگ، طبيعت سان ملندڙ جلندڙ دلچسپ، وقت بچائيندڙ مضمونن جو ميلاپ هجڻ ضروري آهي.
مضمونن جي پڙهائيءَ جي شروعات:
مضمونن جي انتخاب ڪرڻ کانپوءِ ٻيو مرحلو شروع ٿئي ٿو. پڙهائي ڪرڻ جو پڙهڻ جي شروعات ڪٿان ڪجي؟ نهايت ئي اهم سوال آهي” بقول فدا حسين شاهه (ٽاپر ۽ ريڪارڊ بريڪر2007ع) جي ته اڪثر سنڌي شاگرد لازمي مضمونن تي گهڻو ڌيان ڏيندا آهن. ۽ شروعات به لازمي مضمونن کان ڪندا آهن، جيڪو انتهائي غلط آهي. ڇاڪاڻ ته لازمي مضمون اسڪور گھٽ ڏيندا آهن. تنهنڪري شروعات اختياري مضمونن کان ڪجي ۽ وڌ کان وڌ ڌيان به اختياري مضمونن تي ڌرڻ گھرجي لازمي مضمونن کي صرف پاس ڪرڻ واري پهچ رکڻ گھرجي.
ڪتاب:
ضروري مضمون:
انگريزي مضمون:
انگريزي ۾ مَضمون لکڻ سي ايس ايس جو پهريون ڀيرو هوندو آهي. هڪ ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته انگريزي جا ٻئي پيپر سي ايس ايس جي بقايا پيپرن کان مشڪل هوندا آهن. بقول مظهر سعيد (ايسي اسپشلسٽ) ۸۰ کان ۹۰ سيڪڙو شاگرد انگريزي جي پرچن ۾ ناڪام ٿيندا آهن. تنهنڪري انگريزي جي پرچن کي سولو ڪري نه کڻڻ گھرجي. برحال هي پيپر ڏکيا ضرور آهن پر ناممڪن نه، هيٺ ڪجھ ٽيڪنڪ ڏجن ٿيون جيڪي تمام گھڻيون مددگار ثابت ٿينديون. مضمونن لاءِ ڪوبه ڪتاب گھربل نه هوندو آهي. هي هڪ فن آهي، هي هڪ ڪاريگري آهي، پرچن کان هڪ يا ٻه مهينا پهرئين ڪجھ مضمون چونڊيا ۽ تيار ڪيا وڃن.تخليق، وقفن ۾ پڙهڻ ، لکت جي پريڪٽس ، رٽو نه سمجهي پڙهڻ ، خاص طور تي جنرل سائنس صبح جو سوير ۽ سمهڻ کان اڳ پڙهڻ گھرجي.
هيٺين ڳالهين کان پاسو ڪرڻ:
اسڪالر ٿيڻ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جا تجويز ٿيل سڀ ڪتاب پڙهڻ دل ھرائڻ الماسي مدد وٺڻ کان گھٻرائڻ وقت جو اجايو استعمال ڪتابي ڪيڙو هجڻ تخليقي ڪمن کان ڪيٻائڻ.
هيٺيون شيون ڪرڻ گھرجن:
پين جو استعمال ڪاري يا بلو پين يا مارڪر جو استعمال هيڊنگس لکت جو هجڻ نوٽيس جو ٺاهڻ وري وري پڙهڻ ٽاڪ شو ٻڌڻ يا ڏسڻ ٻين سان بحث مباحثو ڪرڻ. مارڪن لاءِ لائحه عمل
ايم سي ڪيوس ۾ گھٽ ۾ گھٽ 18 مارڪون کڻڻ
پرچن دوران وقت جو صحيح استعمال. اھو سوال پهريون حل ڪرڻ جيڪو سڀ کان سٺو ايندو هجي ڪڏهن ڪو سوال نه رهائجي.