مواد ڏانھن هلو

واپرائيندڙ:برق برڪت الله

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مهراڻ اڪيڊمي مهراڻ اڪيڊمي سنڌ جو وجود چار مارچ 1989ع ۾ پيو. هن اداري جو بنيادي مقصد سنڌ اندر سنڌي ٻوليءَ ۾ معياري ادب بلخصوص اسلامي لٽريچر سونهاري سنڌ جي ماڻهن تائين پهچائڻ آهي.هن اداري پاران قرآن ۽ قرآن فهمي، حديث پاڪ ۽ حديث فهمي، سيرت النبي ﷺ ۽ سيرت الانبياء عليه السلام، سيرت اهل بيت رضوان الله عليه اجمين، سيرت صحابه رضه ۽ سيرت صحابيات رضه، اذڪار، فقه، اسلامي تعليمات، تصوف، سوانح نگاري، خاڪا، ناول، ڪالم، ڪهاڻيون، شاعري، ادب، تاريخ، تحقيق، سفرناما، گرامر، لطيف فهمي، سچل فهمي، طب، سائنس، عام معلومات، ڪوئيز، ٻاراڻي ادب وغيره جي موضوعن تي 550 کان مڀي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ کي ارپي چڪو آهي.