مواد ڏانھن هلو

واپرائيندڙ:الھ بخش ميمڻ مورائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڊپريشن جو مرض

ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ

تحرير: الھ بخش ميمڻ مورائي جرنلسٽ

ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ


ڊپريشن سڄي دنيا ۾ انتهائي عام دماغي عارضو آهي جيڪو ڪنهن انسان جي سوچڻ، سمجهڻ ۽ ڪم ڪرڻ جي صلاحيتن کي متاثر ڪندو آهي، ڊپريشن رڳو دماغ تي ئي نه پر جسم تي به اثر وجهندو آهي.

طبي ماهرن موجب ڊپريشن ٿيڻ ۽ ڊپريشن محسوس ڪرڻ ۾ فرق آهي.

هر انسان جي روز مرهه جي زندگي ۾ اهڙا لمحا به ايندا آهن جڏهن اُهو دٻاءُ يا اداسي محسوس ڪندو آهي، جيئن امتحان ۾ فيل ٿيڻ، نوڪري هلي وڃڻ، ڪنهن سان جهيڙو ٿيڻ يا ائين ئي موسمي تبديلين سبب به اداسي محسوس ٿي سگھي ٿي.

ڪڏهن ڪڏهن ڊپريشن محسوس ٿيڻ جو ڪو خاص سبب ناهي به هوندو، پر اها عارضي ڪيفيت هوندي آهي ۽ ماحول يا حالت تبديل ٿيندي ئي ختم ٿي ويندي آهي.

ڪلينيڪل ڊپريشن باقاعده هڪ عارضو آهي جيڪو گھٽ ۾ گھٽ 2 هفتن تائين جاري رهي سگھي ٿو. ان جون سڀ کان عام علامتون ڪم ڪرڻ ۽ راند روند جي صلاحيت متاثر ٿيڻ آهي.

ان کانسواءِ به ان جون ڪيتريون ئي علامتون آهن، جهڙوڪ طبيعت ۾مزو نه رهڻ، پنهنجن پسنديده ڪمن ۾ دل نه لڳڻ، بک ۾ تبديلي، ننڊ گھٽ اچڻ يا گھڻي اچڻ، خيالن ۾ گم رهڻ، ڌيان ڏيڻ ۾ ڏکيائي ٿيڻ، بي آرامي ۽ بيچيني محسوس ڪرڻ، ڪو به ڪم ڪرڻ تي دل نه چوڻ ۽ انتهائي صورتحال ۾ آپگھات جا خيال اچڻ.

ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اوهان کي انهن مان ڪي به 5 علامتون محسوس ٿي رهيون آهن ته اوهان ڊپريشن جو شڪار آهيو.

طبي ماهرن موجب ڊپريشن رڳو احساسن ۽ ڪيفيتن جي تبديلي جو نالو ناهي، اهو اسان جي جسم ۾ به باقاعده تبديليون آڻيندو آهي.

جيڪڏهن ڊپريشن جو شڪار ڪنهن شخص جي دماغ جو ايڪسري ڪيووڃي ته دماغ جي حصي فرنٽل لوب ۽ يادداشت سان واسطو رکندڙ هپوڪيمپس جي حجم ۾ (عام انسان جي ڀيٽ ۾) تبديلي نظر ايندي.

ان کانسواءِ ڊپريشن ڪجهه هارمونز جي غير معمولي طور تي وڌيڪ پيدا ٿيڻ يا گھٽ ٿيڻ جو سبب به بڻجي ٿو. جيئن موڊ کي بهتر ڪندڙ هارمونز ڊوپامين ۽ سيروٽونن ۾ گھٽتائي ۽ نورپينفرين نالي هارمون جي زيادتي جيڪا ڪنهن اڻوڻندڙ صورتحال ۾ پيدا ٿيندي آهي.

ڊپريشن سان ٿائراڊ هامونز به متاثر ٿيندا آهن، اهي هارمونز جسم جي ميٽابولڪ سرگرمي، دل، مسلز ۽ هاضمي جي نظام کي ڪنٽرول ڪندا آهن.

ماهرن جو چوڻ آهي ته هيل تائين اُهي ڊپريشن جو بنيادي سبب دريافت ناهن ڪري سگھيا، جيڪڏهن ڊپريشن جو وڌيڪ شڪار ماڻهو ماهرن کان مدد وٺن ته کين ان مرض کي وڌيڪ سمجهڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي، ۽ ان جو وڌيڪ بهتر علاج ٿي سگھي ٿو.

ميجر ڊپريسو ڊس آرڊر يا ڊپريشن واري وڏي خرابي ۾ وقت جي مدي جو فرق ھوندوآھي. ڊپريشن وارو مزاج عارضي ھوندو آھي يعني ھڪ ڏينھن کان ھڪ مھيني تائين بہ ٿي سگھي ٿو.ان جي ڀيٽ ۾ ميجر ڊپريسو ڊس آرڊر تمام وڏي عرصي جو ھوندو آھي ۽ پوري زندگيءَ جيترو به ٿي سگھي ٿو. ڊپريشن وارو مزاج طرز زندگي ۽ گفتگو جي تبديلي سان ختم ٿي سگھي ٿو پر ميجر ڊپريسو ڊس آرڊر جي خاتمي لاءِ سليڪٽو سيروٽنن ري اپٽيڪ انھبٽر يا ڊوپمن ٿراپي يا ڊگھي مدي واري نفسياتي علاج سان ممڪن آهي.

مايوسي، بي چيني ۽ ڊپريشن جي ڪري سڄو جسم متاثر ٿيندو آهي ۽ جيڪڏهن اهڙو مرض مستقل طور ٿي وڃي ته فالج ٿيڻ جا امڪان به وڌي ويندا آهن.

ڊپريشن هڪ اهڙي خطرناڪ بيماري آهي جنهن جي ڪري انسان موت جي منهن ۾ به وڃي سگهي ٿو. ماهرن موجب ان ڪيفيت دوران انسان کي سُٺي خوراڪ کائڻ جي ضرورت هوندي آهي، ڇو ته گهڻي قدر انسان ڊپريشن دوران سگريٽ جو استعمال گهڻو ڪندو آهي ۽ کاڌو به گهٽ کائڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي جنهن جي ڪري جسماني ڪمزور ۽ بلڊ پريشر جي خطرا به وڌي ويندا آهن.

اهو چوڻ سولو ناهي ته کائڻ ۽ پيئڻ جون ڪهڙيون شيون آهن جي ڊپريشن جو علاج ڪري سگهن ٿيون پر اهو ته ضرور چئي سگهجي ٿو ته گڏيل طور غذائيت سان ڀرپور خوراڪون توهان جي ذهني صحت لاءِ گهڻيون فائديمند هونديون آهن.

ڊپريشن مريض کي گهرجي ته هو وٽامن سي، وٽامن ڊي، بي وٽامنز، ميگنيشيم، سيلينيم ۽ زنڪ، ڪاربوهائيڊريٽس، اوميگا-3 فيٽي ايسڊز جو استعمال ڪري.