ماءُ

ماءُ (انگريزي ٻولي: mother) هڪ اهڙي عورت هوندي آهي، جيڪا ڪنهن ٻار کي جنم ڏئي، ان جي پرورش ڪري يا کيس پالنا لاءِ اختيار ڪري. ماءُ جو ڪردار حياتياتي، سماجي ۽ قانوني لحاظ کان انتهائي اهميت وارو آهي، جيڪو اولاد جي زندگيءَ ۾ بنيادي ستون جي حيثيت رکي ٿو.
ماءُ جون مختلف وصفون:
ماءُ جي تصور کي مختلف رخن کان هن طرح سمجهي سگهجي ٿو:
- حياتياتي ماءُ (Biological Mother): اها عورت جنهن جي رحم ۾ ٻار جي واڌ ويجهه ٿئي ۽ هوءَ کيس جنم ڏئي. جينياتي طور تي، ٻار پنهنجي ماءُ کان اڌ جينز حاصل ڪندو آهي.
- پاليندڙ ماءُ (Social/Foster Mother): اها عورت جيڪا ٻار جي روزاني ضرورتن، تعليم ۽ تربيت جي ذميواري کڻي، چاهي ان ٻار سان سندس رت جو رشتو هجي يا نه.
- قانوني ماءُ (Legal Mother): اها عورت جنهن کي قانون موجب ٻار جو سرپرست يا ماءُ تسليم ڪيو ويو هجي، جهڙوڪ گود وٺندڙ (Adoptive) ماءُ.
- رضائي ماءُ (Milk Mother): اسلامي شريعت ۽ ڪجهه ٻين ثقافتن ۾، اها عورت جيڪا ڪنهن ٻار کي پنهنجو کير پياري، ان کي رضائي ماءُ چيو ويندو آهي ۽ ان سان نڪاح حرام هوندو آهي.
سماجي ۽ ثقافتي حيثيت: انساني سماج ۾ ماءُ کي محبت، قرباني ۽ شفقت جو علامت سمجهيو ويندو آهي. سنڌي ثقافت ۽ ادب ۾ ماءُ جي ممتا کي تمام مٿانهون درجو حاصل آهي. عالمي سطح تي مائرن جي خدمتن جي مڃتا لاءِ هر سال "مائرن جو عالمي ڏينهن" (Mother's Day) پڻ ملهايو ويندو آهي.
مختلف مذهبن ۾ پڻ ماءُ جي فرمانبرداري ۽ خدمت تي زور ڏنو ويو آهي؛ جهڙوڪ اسلام ۾ چيو ويو آهي ته "جنت ماءُ جي پيرن هيٺان آهي."
اصطلاح
[سنواريو]ماءُ موجوده انگريزي لفظ Mother، وچولي دور جي انگريزي لفظ moder مان، ۽ وري قديم انگريزي جي لفظ mōdor مان نڪتل آهي جيڪو وري پروٽو جرمنڪ لفظ mōdēr مان نڪتل آهي. ايسٽ فرسين East Frisian ۾ ان لفظ کي muur ، ڊچ ٻوليءَ ۾ moeder، جرمن ٻوليءَ ۾ Mutter چوندا آھن . اھي سڀ [پروٽو انڊو يورپين]] لفظ méh tērمان نڪتل آھن.آئرش ٻولي ۾ ماء کي máthair توچيرين Tocharian ٻوليءَ ۾ mācar ۽ mācer، لٿونين ٻوليءَ ۾ mótė، لاطيني ۾ māter، يوناني ۾ μήτηρ ، سلاوڪ Slavic ٻولي ۾ mati، روسي ۾ мать يا (mat’)، فارسي ۾ مادر madar، عربي ۾ ام، سنسڪرت ۾ ماتر (मातृ ) , اردو ۾ ماں يا امی ، ھندي ۾ ماتا ۽ سنڌي ۾ ماء يا امان چوندا آھن. والدين ۾ مرد کي پيءُ ۽ عورت کي ماءُ سڏيندا آهن. جيڪي عورتون پيٽ سان ھونديون آھن انھن کي بہ اميد واري ماء ي ٿيندڙ ماءُ ی بائلاجیڪل ماء پڻ سڏيو ويندوآهي. بائيلاجيڪل ماء جيان اھڙو درجو اڃان پيء کي نہ ملندو آھي.[1][2] ٻين جو ٻار ايڊاپٽ ڪندڙ ماء يا ويڳي ماءُ کي نان بائيلاجيڪل ماء پڻ سڏيو آهي. جانورن ۾ بہ ٻارن کي جنم ڏيندڙ ۽ ان جي پالنا ڪندڙ ماديءَ کي ماء چيو ويندو آھي. ٻار دنيا ۾ اچڻ کان اڳ ماءُ جي پيٽ ۾ پرورش حاصل ڪندو آھي.

[[فائل:MonumentoMadre.JPG|thumb|کاٻو|Monumento a la Madreميڪسيڪو سٽي ۾ ھن مائرن جي يادگار تي


سروگيٽ Surrogate ماء
[سنواريو]ڪن عورتن ۾ ڳڀيل بيضو fertilized ovum ٺھڻ جي صلاحيت موجود ھوندي آھي پر اھي ٻار جي پيٽ ۾ پرورش جي صلاحيت نه رکنديون آهن تنھن ڪري ٻار ٻي عورت جي پيٽ ۾ پنھنجو ڳڀيل بيضو رکرائي ان جي پيٽ ۾ پرورش ڪرائي ان کان ڄڻائينديون آھن. اھڙي ٻار ڄڻيندڙ ماء عيوضي يا سروگيٽ ماء سڏبي آھي .
ماءُ جو پيار
[سنواريو]
ماء جو پيار انساني ايجاد ناھي پر ھڪ حيواني ورثو آهي ۽ اھو جبلن کان به جھونو آهي.جيئن ارتقا دوران انسان کان اڳ جن حيوانن جي ڀاڱي ۾ پٺيءَ ۾ ڪرنگھو آيو تيئن ماء جو پيار به سندن ڀاڱي ۾ آيو جيڪو ان دؤر جي نشاني آھي.اھو بلڪل ساڳي شئي آھي جيڪو پکين چوپاين ۾ موجود آهي. ڀولڙي جي ماء پنھنجي ٻچي کي انساني ماء جھڙو نفيس پيار ڪري ٿي.جڏھن ڀولڙي جو ڪو ٻچو مري وڃي ٿو تڏھن ھوء ان جو ننڍڙو مئل جسم ڏينھن جا ڏينھن کنيو پئي ھلندي آھي، کائڻ ڇڏي ڏيندي آهي، ۽ گھڻو وقت ماٺ ئي ماٺ، ڏک ۾ ڀري ويٺي ھوندي آھي.پکين جون مائرون اڪثر پنھنجي ٻچن کي بچائيندي پنھنجي جان قربان ڪري ڇڏينديون آهن. بلڪہ ايئن ئي رڇن، شينھن، واڳن ۽ ڪيترن ئي حيواني جنسن جون ماديون ڪنديون آهن. [3]
عام طور تي چيو ويندو آهي ته انساني ماء پنھنجي ٻار کي پيءُ کان وڌيڪ پيار ڪري ٿي، ڇاڪاڻ تہ ٻار ماء جي جسم جو ھڪ حصو آهي.پر اھا بلڪل صحيح ناهي. ماڻھن م ماء جو پيار پيء جي پيار کان پختو ان ساڳي سبب ڪري آھي جنھن سبب ڪري ھڪ پکي جي ٻچي جي ماء يا ڪنھن رڇ جي ٻچي جي ماء پنھنجي ٻچي کي ان جي پيءُ کان وڌيڪ پيار ڪري ٿي. ماء ۾ پنھنجي ٻچي لاءِ پيار جي ابتدا زندگي جي انساني شڪل ٺھڻ کان اڳ جي دؤر مان ٿيل آهي۽ حيوانن جي انساني جنس کي اھو اتان کان ورثي ۾ مليو آهي.
اوائلي وحشي حالت ۾ جتان ھي ھي جبلت شروع ٿي ماء ئي ٻار جي ڄمڻ مھل موقعي تي موجود رھندي ھئي۽ ان ڪري ماء ئي ٿي سگھي پئي جنھن جي سيني ۾ اھا جبلت ڪارائتي ثابت ٿي سگهي[4]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "definition of mother from Oxford Dictionaries Online". Oxford Dictionaries. Oxford University Press.
- ↑ "Define Mother at Dictionary.com". Dictionary.com.
- ↑ {ڪتاب: وحشي جيوت جا نشان؛ از: ھاورڊ موئر؛پبلشرز: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ،صفحو: 67}
- ↑ {ڪتاب: وحشي جيوت جا نشان؛ از: ھاورڊ موئر؛پبلشرز: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ،صفحو: 68}