واشنگٽن، ڊي سي
واشنگٽن ڊي سي | |||
|---|---|---|---|
وفاقي گاديءَ جو هنڌ وفاقي ضلعو شھر | |||
| ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا | |||
گھڙيال چڪر وانگر مٿان کان هيٺ: يونائيٽيڊ اسٽيٽس جو گاديءَ جو هنڌ؛ يادگار واشنگٽن؛ وائيٽ ھائوس ؛ سمٿ سونين انسٽيٽيوشن بلڊنگ؛ لنڪن وارو يادگار؛ واشنگٽن جي قومي ڪئٿيڊرل | |||
| |||
| Motto(s): | |||
Location in relation to Maryland and Virginia | |||
| Coordinates: 38°54′17″N 77°00′59″W / 38.90472°N 77.01639°W | |||
| ملڪ | يونائيٽيڊ اسٽيٽس | ||
| ريزيڊنس ايڪٽ | 1790 | ||
| ٺاھيو ويو | 1801 | ||
| گڏايو ويو | 1871 | ||
| ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا جو گھرو حڪمراني وارو قانون | 1973 | ||
| سڃاڻپ | جارج واشنگٽن | ||
| حڪومت | |||
| • ميئر | Muriel Bowser (D) | ||
| • ڪائونسل | List
| ||
| • يونائيٽيڊ اسٽيٽس ھائوس آف رپريزنٽيٽوز | Eleanor Holmes Norton (D), Delegate (At-large) | ||
| ايراضي | |||
| • وفاقي گاديءَ جو هنڌ وفاقي ضلعو شھر | 177.0 چورس ڪلوميٽر (68.34 چورس ميل) | ||
| • زمين | 158.1 چورس ڪلوميٽر (61.05 چورس ميل) | ||
| • پاڻي | 18.9 چورس ڪلوميٽر (7.29 چورس ميل) | ||
| آبادي (2018 estimate)[1] | |||
| • ڪل | 702,445 | ||
| • درجو | 20th, U.S. بمطابق 2018[تازه ڪاري] | ||
| • ميٽرو | 6,216,589 (6th, U.S.) | ||
| وقتي علائقو | UTC−5 (اوڀر وارو ٽائيم زون) | ||
| • اونهارو (ر.ب.و) | UTC−4 (EDT) | ||
| پوسٽل ڪوڊ | 20001–20098, 20201–20599 | ||
| ڊائلنگ ڪوڍ | 202 | ||
| Major airports | |||
| Commuter Rail | |||
| Rapid Transit | |||
| ويب سائيٽ | dc.gov | ||

واشنگٽن ڊي سي: (انگريزي: Washington DC) , جنھن کي ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا پڻ سڏيو ويندو آهي يونائيٽيڊ اسٽيٽس جو گاديءَ جو هنڌ آهي. .[2]آمريڪا جي انقلاب کان پوءِ ھن شھر جو بنياد وجھي ان کي وفاقي گادي جي ھنڌ جو درجو ڏنو ويو. شھر جو نالو آمريڪا جي باني ۽ پھرين صدر جارج واشنگٽن جي نالي تي رکيو ويو. [3] ھي شھر دنيا جي کوڙ بين الاقوامي ادارن جو پڻ صدر مقام آهي جنھن ڪري ھن شھر کي دنيا جو سياسي گاديءَ جو هنڌ پڻ سڏيو ويندو آهي.[4] ھن شھر ۾ ھر سال ٻہ ڪروڙ سياح گھمڻ ايندا آهن تنھن ڪري سالياني سياحت ۾ ھي شھر دنيا ۾ پھريون نمبر آھي.[5][6] ھن شھر جو بنياد ريزيڊنس ايڪٽ جي 16 جولاءِ 1790 ۾ توثيق سان ٿيو. شھر جي مقام جي چونڊ پوٽوميڪ ندي جي ڪناري تي ڪئي وئي. ملڪ جي آئين تحت ھڪ وفاقي ضلعو ٺاھيو ويو جيڪو ملڪ جي ڪنھن بہ رياست جو حصو نہ ھيو جنھن جي اندرين حڪمراني پڻ الڳ ھئي ۽ اھو آمريڪي ڪانگريس جي خاص اختيار ۾ آندو ويو. ان نئين ضلعي جي لاء زمين آمريڪا جي ٻن رياستن ميري لينڊ ۽ ورجينيا ڏني جتي جارج ٽائون (ميري لينڊ واري ڏنل زمين تي) ۽ اليگزينڊريہ (ورجينيا جي ڏنل زمين تي) نالي وسنديون اڳواٽ موجود ھيون. ان نئين وفاقي ضلعي: ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا ۾ 1791 ۾ واشنگٽن شھر جو بطور ملڪي گادي جي ھنڌ جو بنياد وڌو ويو. 1846 ۾ ڪانگريس ورجينيا کي ان ضلعي ۾ ڏنل زمين موٽائي ڏني ۽ رڳو ميري لينڊ واري زمين برقرار رکي ان ضلعيکي ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا نالو ڏنو ويو. واشنگٽن جي آبادي جو 2018 ۾ لڳايل تخمينو 702,455 آھي.[7] اھو آمريڪا جو آبادي ۾ ويھون وڏو شھر آھي[8] .[9] آمريڪا جي صدر، آمريڪي ڪانگريس ۽ آمريڪي سپريم ڪورٽ ٽنھي جو صدر مقام ھي شھر آھي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs named "quickfacts". - ↑ "Introduction: Where Oh Where Should the Capital Be?". WHHA (انگريزي ۾).
- ↑ "Washington, D.C. History F.A.Q." The Historical Society of Washington, D.C. (آمريڪي انگريزي ۾). 2014-05-27. 2018-03-07 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Broder, David S. (February 18, 1990). "Nation's Capital in Eclipse as Pride and Power Slip Away". The Washington Post. October 18, 2010 تي حاصل ڪيل.
In the days of the Truman Doctrine, the Marshall Plan and the creation of NATO, [Clark Clifford] said, we saved the world, and Washington became the capital of the world.
- ↑ "The 10 most-visited cities in the US this year". Insider. March 6, 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Cooper, Rebecca (May 9, 2017). "D.C. breaks another domestic tourism record". www.bizjournals.com. Washington Business Journal.
- ↑ "Nevada and Idaho Are the Nation's Fastest-Growing States". US Census Bureau. 19 December 2018. 22 January 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Washington-Arlington-Alexandria, DC-VA-MD-WV". U.S. Census Bureau. U.S. Department of Commerce. April 12, 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Washington, D.C. metrostatistical2017". U.S. Census Bureau. U.S. Department of Commerce. February 4, 2019 تي حاصل ڪيل.
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Articles containing Latin-language text
- Articles containing انگريزي-language text
- Coordinates on Wikidata
- اهي مضمون جن ۾ ممڪن طور پراڻا بيان شامل آهن from 2018
- اهي سڀ مضمون جن ۾ ممڪن طور پراڻا بيان شامل آهن
- CS1 انگريزي-language sources (en)
- CS1 آمريڪي انگريزي-language sources (en-us)
- واشنگٽن ڊي سي
- شهر
- راڄڌانيون
- اتر آمريڪا جا شهر
- اتر آمريڪا ۾ راڄڌانيون
- آمريڪا جون گڏيل رياستون
- گڏيل آمريڪي رياستن جا شھر
- گڏيل آمريڪي رياستن جي ذيلي تقسيم
- حوالن ۾ چُڪَ وارا صفحا
- نقشن وارا صفحا