وات مان بيمارين جو پتو لڳايو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو


”وات مان بيمارين جو پتو لڳايو“

◀دريا خان سنڌي

اڄ جو دور جديد ۽ تيز آهي، ماڻهو مرض ٿيڻ شرط ڊاڪٽر کي ڏيکارين ٿا پر ڪجھ اهڙين ڳالهين جو پتو اوهان وات کي ڏسي ۽ محسوس ڪري پنهنجي صحت جو پتو لڳائي سگهو ٿا. اوهان کي ڪھڙي بيماري آھي ان جو علم اوھان کي ناھي تہ ھيٺين ڳالهين کي نظر ۾ رکي هتي  اوهان آساني سان پنھنجي صحت بابت پتو لڳائي سگهو ٿا تہ اوهان ڪھڙي بيماري ۾ مبتلا آهيو ۽ جلدي ئي حل ڪڍي ان بيماري کي وڌڻ کان روڪي سگهو ٿا.

ڦاٽل چپ :

ڇا اوهانجا چپ ڦاٽن ٿا ۽ خشڪ ٿين ٿا، ان جو مطلب آهي اوهان ۾ فولاد ۔ جست ۽ وٽامنن جي گهٽتائي آهي انهي کي پورو ڪرڻ لاء سڀ کان سولو طريقو اوهان روزانو پنهنجي خوراڪ ۾ اهڙين شين کي استعمال هيٺ آڻيو جن سان توھان جي جسم جي ضروري معدنيات پوري ٿئي.

مھارن مان رت اچڻ :

مھارن مان رت اچڻ دل جي بيمارين ۽ شڳر جي علامتن ڏي اشارو ڪري ٿو ۽ هي اسپرين ۽ يا اهڙيون شيون جن ۾ الڪوحل  شامل ٿئي ٿو انهن جي ڪري ٿئي ٿو ان ڪري اهڙين شين کان پرهيز ڪريو ۽ پنھنجي خوراڪ ۾ اھڙيون سٺيون شيون استعمال ۾ آڻيو جن سان اوهانجي صحت ٺيڪ ٿي سگهي.

مھارن جو وڌڻ :

مھارن جو روزانو وڌڻ ان ڳالھ ڏي اشارو ڪري ٿو تہ اوهان ڪا دل جي بيماري واري دوا استعمال ڪري رهيا آهيو، انهي دوا جي استعمال سان قوت مدافعت ڪمزوري ٿي وڃي ٿي جنهن جي ڪري مھارن جو سور وڌندو رهندو آهي ۽ ڏندن جي صفائي ۾ تڪليف ٿيندي آهي جنھن سان ڏند خراب ٿيڻ جا خطرا وڌندا ويندا آهن.

لڦون داڻا :

وات ۾ لڦون گهڻو ڪري گرم شين واپرائڻ يا تيزابي شين واپرائڻ سان ٿينديون آهن. جيڪڏهن لڦون 2 هفتن کان مٿي ٺيڪ نہ ٿين تہ هي ڪينسر علامتون ٿي سگهن ٿيون. 35 فيصد ماڻهو ان عارضي ۾ اچي ويندا آهن ڇو جو انهن کي علم ئي ناهي هوندو تہ انهن کي ڪھڙي بيماري آھي. هي لڦون گهڻو ڪري سگريٽ نوشي ۔ گهڻي سافٽ ڊرنڪ پيئڻ ۽ گرم شين کائڻ وارن فردن کي ٿين ٿيون.