هيلينا
هيلينا Helena | |||||
|---|---|---|---|---|---|
رياستي راجداني | |||||
هيلينا جي اسڪائي لائين سينٽ هيلينا جو ڪيٿيدرل مونٽانا رياست جي راجداني عمارت بينٽن ايونيو قبرستان Original Montana Governor's Mansion | |||||
| |||||
| Country | United States | ||||
| State | Montana | ||||
| County | Lewis and Clark | ||||
| Founded | October 30, 1864 | ||||
| حڪومت | |||||
| • طرز | City | ||||
| • Mayor | Wilmot Collins (D) | ||||
| ايراضي | |||||
| • رياستي راجداني | 16.90 چورس ميل (43.76 چورس ڪلوميٽر) | ||||
| • زمين | 16.86 چورس ميل (43.67 چورس ڪلوميٽر) | ||||
| • پاڻي | 0.039 چورس ميل (0.10 چورس ڪلوميٽر) | ||||
| • شھري | 11 چورس ميل (28 چورس ڪلوميٽر) | ||||
| آبادي (2020) | |||||
| • ڪل | 32091 | ||||
| • ڪثافت | 734.91 في چورس ڪلوميٽر | ||||
| • ميٽرو | 83058 | ||||
| رهاڪو نالو | Helenan | ||||
| وقتي علائقو | Mountain | ||||
| ZIP Codes | 59601–59602, 59626; 59604, 59620, 59624 (P.O. Boxes); 59623, 59625 (organizations) | ||||
| علائقائي ڪوڊ | 406 | ||||
| ويب سائيٽ | www | ||||
هيلينا (Helena؛
listen (مدد·ڄاڻ) /ˈhɛlənə/) مونٽانا جو گاديءَ جو هنڌ ۽ ليوس ۽ ڪلارڪ ڪائونٽي جو مرڪز آهي. [3]
هيلينا کي مونٽانا گولڊ رش دوران سون جي تلاش ڪندڙ جي ڪئمپ جي طور تي قائم ڪيو ويو هو. 30 آڪٽوبر 1864ع هن کي هڪ باقاعده شهر طور قائم ڪيو ويو. [4] سون جي رش (Gold Rush) جي ڪري، هيلينا هڪ امير شهر بڻجي ويو ۽ سال 1888ع تائين لڳ ڀڳ 50 ڪروڙ پتي هن علائقي ۾ آباد هئا. دولت جو ارتڪاز شهر جي ممتاز، تفصيلي وڪٽورين فن تعمير ۾ حصو ورتو. [5] [6]
سال 2020ع جي آدمشماري ۾ هيلينا جي آبادي 32,091 هئي، [7] هن طرح شهر آمريڪا ۾ پنجون گهٽ آبادي وارو رياستي گاديءَ جو هنڌ ۽ مونٽانا ۾ ڇهون سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو شهر جو درجو حاصل ڪيو. [8] اها هيلينا ميٽروپوليٽن اسٽيٽسٽيڪل ايريا جو مکيه شهر آهي، جنهن ۾ ليوس ۽ ڪلارڪ ۽ جيفرسن ڪائونٽيون شامل آهن؛ سال 2020ع جي مردم شماري مطابق ميٽروپوليٽن ايريا جي آبادي 83,058 هئي. [2]
مقامي روزاني اخبار "انڊپينڊنٽ رڪارڊ" آهي. [9] شهر جي فضائي ٽرانسپورٽ جي سهولت لاء، شهر جي ويجهو، هيلينا ريجنل ايئرپورٽ (HLN) موجود آهي.[10]
نالو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ "ArcGIS REST Services Directory". United States Census Bureau. September 5, 2022 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 "Metropolitan and Micropolitan Statistical Areas". November 5, 2021 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Helena Montana". Western Mining History. 2020-07-15 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Helena | Montana, United States". Encyclopedia Britannica. June 28, 2011. 2020-07-15 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Attardo, Pam (Feb 9, 2020). "Nuggets from Helena: The historic and architectural significance of Helena's Westside". Independent Record. Helena, Montana. 2020-07-16 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Vickers, Marques (September 30, 2017). The Golden Age of Helena Montana Architecture. CreateSpace Independent Publishing Platform. ص. 5. ISBN 978-1977855060.
- ↑ "U.S. Census website". United States Census Bureau. November 2, 2021 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Biggest Cities In Montana". WorldAtlas. April 25, 2017. 2020-07-25 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Independent Record". 2020-07-15 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "About". Helena Regional Airport. 2020-07-25 تي حاصل ڪيل.



