هيلووين

هيلووين (Halloween) هڪ جشن آهي جيڪو هر سال 31 آڪٽوبر جي رات ملهايو ويندو آهي. هي سڀ کان وڌيڪ آمريڪا ۽ ڪينيڊا ۾ ملهايو ويندو آهي. ان ڏينهن تي ٻار مختلف قسم جا عجيب ۽ خوفناڪ لباس (costumes) پائي ماڻهن جي گهرن تي ويندا آهن ۽ "ٽرڪ اور ٽريٽ!" (Trick or treat!) چئي چاکليٽن ۽ مٺائي جو سوال ڪندا آهن. روايتي طور تي ماڻهو هيلووين تي ڀوت، جادوگرڻي، يا ٻين خوفناڪ شين وانگر لباس پائيندا آهن.[1]
عيسائين لاءِ هي "آل سينٽس ڊي" (All Saints' Day) جي موقعي تي ملهائي ويندڙ ٽن ڏينهن جي تقريب "آل هيلوٽائيڊ" (Allhallowtide) جي شروعات آهي. جنهن ۾ 31 آڪٽوبر (هيلووين)، 1 نومبر (آل سينٽس) ۽ 2 نومبر (آل سولز) شامل آهن. هيلووين جي شروعات آئرلينڊ مان ٿي ۽ ان جون پاڙون قديم مشرڪاڻن (Pagan) مذهبي رسمن ۾ آهن.[2][3]
شروعات
[سنواريو]هيلووين جي شروعات آئرلينڊ مان ٿي. قديم زماني ۾ هڪ ڏڻ سيمهن (Samhain) ملهايو ويندو هو، جنهن کي "موت جو ڏينهن" به چيو ويندو هو. ڪجهہ ماڻهن جو عقيدو هو ته ان ڏينهن مري ويلن جون روحون واپس زمين تي اينديون آهن. پوپ گريگري III پهرين نومبر کي بزرگن (Saints) جي اعزاز لاءِ مقرر ڪيو، جنهن کانپوءِ سيمهن جون ڪجهه رسمون هن ڏينهن سان شامل ٿي ويون.[4]
19 هين صدي عيسويءَ ۾ آئرلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ جي ماڻهن جي وڏي تعداد ۾ آمريڪا ڏانهن هجرت کانپوءِ هيلووين آمريڪا ۾ هڪ وڏو ڏڻ بڻجي ويو. وقت گذرڻ سان گڏ قديم رسمون راندين ۽ تفريح ۾ تبديل ٿي ويون، جهڙوڪ پاڻيءَ مان صوف ڪڍڻ (Apple bobbing) واري راند 19 هين صديءَ ۾ نوجوان عورتن ۾ مستقبل جي مڙس جي سڃاڻپ لاءِ مشهور ٿي وئي هئي.[5]
علامتون
[سنواريو]
هيلووين سان لاڳاپيل علامتون وقت سان گڏ ترقي ڪيون. "جيڪ-او-لينٽرن" (ڪدوءَ کي کوٽي ان ۾ ڏيئو ٻارڻ) روايتي طور تي بري روحن کي ڊيڄارڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. خزان جي موسم جون شيون جهڙوڪ ڪدو (pumpkins)، فصلن جي کٽائي، ۽ ڄار (scarecrows) به عام آهن. هيلووين ۾ خوف، جادو ۽ فوق الفطرت موضوعن تي ٻڌل تصويرون استعمال ڪيون وينديون آهن. ڪارو ۽ نارنجي رنگ هن ڏڻ جا روايتي رنگ آهن.
لباس
[سنواريو]
هيلووين دوران ٻار ۽ وڏا مختلف لباس پائيندا آهن. هي روايت صديون پراڻي آهي ۽ شايد قديم سيلٽڪ (Celtic) ميلن يا عيسائي روايتن مان آئي آهي. شروع ۾ لباس رڳو خوفناڪ هوندا هئا، پر 1930ع واري ڏهاڪي کانپوءِ ڪتابن، ريڊيو ۽ فلمن جي ڪردارن جهڙا لباس پائڻ به مشهور ٿي ويو. اڄڪلهه سوشل ميڊيا جي ڪري ماڻهو وڌيڪ خوبصورت ۽ فلمي ڪردارن کان متاثر لباس پائڻ پسند ڪندا آهن.[6]
رانديون ۽ ٻيون سرگرميون
[سنواريو]"ٽرڪ اور ٽريٽ" کان علاوه هيلووين سان لاڳاپيل ٻيون به ڪيتريون ئي سرگرميون آهن:
- ماڻهو جيڪ-او-لينٽرن ٺاهي پنهنجن گهرن جي ٻاهران رکندا آهن.
- "ايپل بوبنگ" (Apple bobbing) نالي راند کيڏي ويندي آهي، جنهن ۾ پاڻيءَ سان ڀريل ٿانو مان رڳو ڏندن سان صوف ڪڍڻو هوندو آهي.
- ڀوتن جون ڪهاڻيون ٻڌائڻ، خوفناڪ فلمون ڏسڻ ۽ هيلووين جي موضوع تي ٻڌل گانا ٻڌڻ عام آهي.
- "خوفناڪ گهرن" (Haunted attractions) جو سير ڪرڻ، جتي اداڪار ماڻهن کي ڊيڄاريندا آهن.
- گهرن ۽ اڳڙن کي ڀوتن، قبرن ۽ ڪاري توڙي نارنجي رنگ جي شين سان سينگارڻ.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "How To Remove Halloween Makeup Easily". Beverly Hills MD (آمريڪي انگريزي ۾). 2021-10-28. اصل نسخو مان 2022-10-26 تي محفوظ ڪيل. 2021-11-16 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Rogers, Nicholas (2003). Halloween: From Pagan Ritual to Party Night. Oxford University Press. p. 22. ISBN 978-0-19-516896-9. https://books.google.com/books?id=stWZ_UDteMIC&pg=PA22.
- ↑ "These Halloween traditions all have Irish origins". October 31, 2021.
- ↑ "Halloween 2021".
- ↑ Donovan, Blair; Gold, Marissa (2021-10-27). "What's the Real History of Halloween—and Why Do We Celebrate It on October 31?". Country Living (آمريڪي انگريزي ۾). 2021-11-16 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Jezer-Morton, Kathryn (2024-10-26). "Why Isn't Halloween Scary Anymore?". The Cut (انگريزي ۾). 2024-10-27 تي حاصل ڪيل.
ٻاهريان لنڪس
[سنواريو]- هيلووين جي خوني تاريخ آرڪائيو ڪيا ويا 2025-05-28 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.