مواد ڏانھن هلو

هيراڻي (ذات)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هيراڻي (Hirani) هڪ اوائلي سنڌي ذات آهي، جيڪا سنڌ جي قديم لوهاڻا نسل مان آهي.[1][2] [3]هي ذات سنڌي هندو، ميمڻ ۽ اسماعيلي (خواجه) برادرين ۾ عام آهي.[4] تاريخي طور تي هي هڪ واپاري ۽ ڪاروباري طبقو رهيو آهي، جنهن جون پاڙون سنڌ جي سڀيتا ۽ قديم لوهاڻا ونش سان ملن ٿيون.[5][2]

بڻ بنياد ۽ لغوي معنيٰ

[سنواريو]

سنڌي ٻوليءَ جي اصولن پٽاندڙ، هيراڻي ٻول ٻن ٻولن جو ميڙ آهي: "هيرانند" (Hiranand) ۽ پڇاڙي "آڻي" (Ani).[6][7] هيرانند: گھراڻي جي ڪنهن بزرگ يا وڏي جو نالو. آڻي: سنڌي گرامر ۾ "اولاد" يا "نسل" جي معنيٰ ڏئي ٿي. ان ڪري "هيراڻي" مان مراد آهي "هيرانند جو اولاد". هي پڇاڙي سنڌ جي ٻين ذاتين جهڙوڪ شاهواڻي، ملوکاڻي، تالپراني ۾ به عام آهي

تاريخي پسمنظر

[سنواريو]

هيراڻي ڪٽنبن جو لاڳاپو قديم سنڌ جي لوهاڻا قبيلي سان آهي..[8] تاريخي ڪتابن جهڙوڪ تحفة الڪرام ۽ چچ نامو جي روشنيءَ ۾، لوهاڻا سنڌ جا اصلوڪا رهواسي هئا. وقت گذرڻ سان گڏ هي قبيلو مختلف مذهبي اثرن هيٺ ٽن وڏن ڀاڱن ۾ ورهائجي ويو

هندو هيراڻي

[سنواريو]

ھن ڪٽنب پنهنجو اباڻو مذهب (هندومت) برقرار رکيو. ورهاڱي کان اڳ هي گھراڻو سنڌ جي شهرن جهڙوڪ ميرپورخاص، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ آباد هئا. ورهاڱي کانپوءِ انهن جو وڏو انگ هندستان خاص ڪري گجرات ۽ مهاراشٽ لڏي ويو.

ميمڻ هيراڻي

[سنواريو]

جيڪي لوهاڻا خاندان سني اسلام جي دائري ۾ آيا، اهي "ميمڻ" سڏجڻ لڳا. انهن مان ڪيترن ئي پنهنجون پراڻيون ذاتيون (هيراڻي، اڇپال وغيره) برقرار رکيون.

اسماعيلي (خواجه) هيراڻي

[سنواريو]

۱۴ هين صديءَ ۾ پير صدرالدين جي دعوت تي جن لوهاڻا گهراڻن اسماعيلي اسلام قبول ڪيو، اهي "خواجه" سڏيا ويا. هيراڻي گروپ آف ڪمپنيز جو مالڪ، امين محمد هيراڻي، هن ئي پسمنظر سان تعلق رکي ٿو.

جاگرافيائي ورڇ

[سنواريو]

سنڌ، پاڪستان ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٺٽي ۾ وڏي انگ ۾ آباد آهن. جڏهن ته ھندستان جي مهاراشٽر (ممبئي)، گجرات ۽ راجستان ۾ سنڌي مهاجرن جي روپ ۾ موجود آهن. هيراڻي گھراڻو واپار جي حوالي سان برطانيه، ڪينيڊا، آمريڪا ۽ اوڀر آفريڪا جھڙوڪ ڪينيا، تنزانيا ۾ به وڏي انگ ۾ رھندا آهن.

مشهور ماڻھو

[سنواريو]
  • امين محمد هيراڻي: مشهور پاڪستاني صنعتڪار ۽ هيراني فارماسيوٽيڪل جو باني.
  • راجڪمار هيراڻي: عالمي سطح تي مڃيل بالي ووڊ فلم ڊائريڪٽر (جنهن جا وڏا سنڌي هئا).
  • هسمک راجمل هيراڻي: انڊيا جو مشهور ريئل اسٽيٽ ڊولپر.

پڻ ڏسندا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. ↑ History ofLohana لوھاڻن جي تاريخي دستاويز
  2. 1 2 "HIRANI Surname in India | iMeUsWe Surnames Origin - Surname". www.imeuswe.in (انگريزي ۾). 2026-03-17 تي حاصل ڪيل.
  3. ↑ تحفة الڪرام - مير علي شير قانع ٺٽوي (سنڌ جي قديم ذاتين بابت)
  4. ↑ Memons of Sindh - ميمڻ برادري جي تاريخي تحقيق
  5. ↑ سنڌ جي ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا - مرتب: خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي.
  6. ↑ https://www.familysearch.org/en/surname?surname=hirani
  7. ↑ "Hirani - Names Encyclopedia". www.namespedia.com. 2026-03-17 تي حاصل ڪيل.
  8. ↑ www.wisdomlib.org (2025-10-04). "Meaning of the name Hirani". www.wisdomlib.org (انگريزي ۾). 2026-03-17 تي حاصل ڪيل.