هند-سيٿي بادشاهت
هند-سيٿي بادشاهت | |
|---|---|
| ت. 150 ق.م.–400 قبل مسيح | |
هند-سيٿين جا علائقا ۽ انهن جي وسعت پنهنجي عروج واري دور ۾، جنهن ۾ "اترين سٽراپ" ۽ ”اولهه وارن سٽراپ" جا علائقا پڻ شامل هئا. | |
| گاديءَ جو شهر | |
| عام ٻوليون | ساڪا ٻولي[1] يوناني پالي (خروشتي رسم الخط) سنسڪرت پراڪرت (برهمي رسم الخط) |
| مذهب | هندو مت
|
| حڪومت | بادشاهت |
| تاريخي دور | قديم دور |
• قائم ٿيل | ت. 150 ق.م. |
• ختم ٿيل | 400 قبل مسيح |
| ايراضي | |
| 20 est.[3] | 2,600,000 km2 (1,000,000 sq mi) |

هند-سيٿي (Indo-Sythian) ايراني ساڪا جون شاخون آهن جيڪيون ڏکڻ سائبيريا کان باختر، سوگديانا، آراچوسيا، گنڌارا، ڪشمير، پنجاب، اولهه ۽ ڏکڻ هندستان، گجرات ۽ راجستان ڏانهن ٻي صدي قبل مسيح ۽ چوٿين صدي قبل مسيح جي وچ ۾ لڏپلاڻ ڪيا. هندستان ۾ پهريون ساڪا بادشاهه ميؤس يا موگا هو، جنهن گنڌارا ۾ ساڪا راڄ قائم ڪيو ۽ آهستي آهستي سڄي اتر هندستان کي فتح ڪيو. هندستان ۾ هند-سيٿين جو راڄ سال 395ع ۾ آخري بادشاهه، رودرا سمها III سان ختم ٿيو.

وچ ايشيا کان هندستان تي سٿين جا حملا، جن کي اڪثر هند-سٿين حملي جي نالي سان سڏيو ويندو آهي، هندستان ۽ پاڙيسري ملڪن جي تاريخ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيا. حقيقت ۾، هند-سٿين جنگ وچ ايشيا ۾ چيني قبيلن سان تڪرارن جو صرف هڪ باب آهي، جنهن باختر، ڪابل ۽ هندستان کي متاثر ڪيو ۽ روم تائين پري کي متاثر ڪيو.
سٿين قبيلا هندستان تي حملو ڪيا۽ ڪيتريون ئي بادشاهتون قائم ڪيون، انهن ۾ ساکا، ميد، خانٿي، مساگي (جاٽ)، پرما ڪمبوج، گيتا، بهليڪ، رشيڪا ۽ پردا شامل هئا.
هند-سيٿين، جن کي "هند-ساڪا" به چيو ويندو آهي، ايراني-سيٿين نسل جي انهن خانه بدوش ماڻهن جو هڪ گروهه هو جن وچ ايشيا مان لڏپلاڻ ڪري ڏکڻ طرف موجوده افغانستان، اوڀر ايران ۽ ننڍي کنڊ جي اتر-اولهه وارن علائقن (موجوده پاڪستان ۽ اتر هندستان) ڏانهن رخ ڪيو. هي لڏپلاڻ جو سلسلو ٻي صدي قبل مسيح جي وچ کان وٺي چوٿين صدي عيسوي تائين جاري رهيو.
هندستاني ننڍي کنڊ ۾ پهريون ساڪا بادشاهه ”مائوس“ (Maues) هو (پهرين صدي قبل مسيح)، جنهن گنڌارا، سنڌو ماٿري ۽ ٻين علائقن ۾ ساڪا اقتدار قائم ڪيو. هند-سيٿين هند-يونانين (Indo-Greeks) ۽ ٻين مقامي ماڻهن کي شڪست ڏئي اتر-اولهه واري ننڍي کنڊ تي پنهنجي بالادستي قائم ڪئي. ظاهري طور تي، انهن کي ڪوشان سلطنت جي "ڪوجولا ڪاڊفيسس" (Kujula Kadphises) يا ”ڪنشڪا" پنهنجي تابع ڪيو. ساڪا حڪمرانن "سٽراپ" (Satraps) يا صوبائي گورنرن جي حيثيت سان حڪومت جاري رکي ۽ "اترين سٽراپس" توڙي "اولهه وارن سٽراپس" جو نظام ٺاهيو. ساڪا حڪمرانن جي طاقت ۾ زوال ٻي صدي عيسوي دوران ان وقت آيو جڏهن انڊو-سٿين کي ستاواهانا (Satavahana) شهنشاهه "گوتم پُترا ستاڪارني" (Gautamiputra Satakarni) کان شڪست ملي.[4] [5] اتر-اولهه واري ننڍي کنڊ ۾ انڊو-سڪٿين جي حڪومت جو خاتمو ان وقت ٿيو جڏهن آخري اولهه واري سٽراپ، "رودراسمها ٽيون" (Rudrasimha III)، کي 395 عيسويءَ ۾ گپتا شهنشاهه "چندر گپتا ٻيون" (Chandragupta II) شڪست ڏني.[6] [7]
مرڪزي ايشيا مان آيل سٿين قبيلن پاران اتر هندستاني ننڍي کنڊ تي ڪيل حملي، جنهن کي اڪثر ”انڊو-سٿين حملي“ طور سڃاتو وڃي ٿو، ننڍي کنڊ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي تاريخ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. انڊو-سٿين جنگ جو آغاز ٻي صدي قبل مسيح ۾ وچ ايشيا جي خانه بدوش قبيلن جي ان لڏپلاڻ سبب ٿيو، جيڪا "زيونگنو" (Xiongnu) جهڙن قبيلن سان ٿيندڙ تڪرارن جي نتيجي ۾ عمل ۾ آئي هئي؛ هن لڏپلاڻ جا باختريا، ڪابل ۽ ننڍي کنڊ، توڙي اولهه ۾ روم ۽ پارتيا تي گهرا ۽ ديرپا اثر پيا. قديم رومي تاريخ نويسن، جن ۾ آريان (Arrian) ۽ ڪلاڊيئس ٽالمي (Claudius Ptolemy) شامل آهن، اهو ذڪر ڪيو آهي ته قديم ساڪا يا ساڪائي خانه بدوش ماڻهو هئا.[8] [9] انڊو-سٿين بادشاهت جا پهريان حڪمران مائوس (Maues - تقريباً 85 کان 60 قبل مسيح) ۽ وونونز (Vonones - تقريباً 75 کان 65 قبل مسيح) هئا.[10]
ابتدا
[سنواريو]ساڪاستان ۾ آبادڪاري
[سنواريو]بادشاهتون
[سنواريو]سڪا (coinage)
[سنواريو]فن
[سنواريو]ٻڌمت
[سنواريو]هندستاني ادب ۾
[سنواريو]سائي-وانگ جا لشڪر
[سنواريو]گڏيل حملن جا ثبوت
[سنواريو]خاندان ۽ حڪمران
[سنواريو]ورثو
[سنواريو]وڌيڪ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ Diringer, David (1953) [1948]. The Alphabet: A Key to the History of Mankind (انگريزي ۾) (Second and revised ڇاپو). London: Hutchinson's Scientific and Technical Publications. ص. 350.
- ↑ Encyclopedia Iranica, Indo-Scythian Dynasty
- ↑ Taagepera, Rein (1979). "Size and Duration of Empires: Growth-Decline Curves, 600 B.C. to 600 A.D". Social Science History 3 (3/4): 115–138. doi:.
- ↑ World history from Early Times to AD 2000 by B. V. Rao, p. 97
- ↑ A Brief History of India, by Alain Daniélou p. 136
- ↑ India in a Globalised World by Sagarika Dutt, p. 24
- ↑ Ancient India by Ramesh Chandra Majumdar, p. 234
- ↑ Ptolemy vi, xiii (1932), p. 143.
- ↑ "Arrian: Anabasis Alexandri: Book VIII (Indica); Section V". Ancient History Sourcebooks. Fordham University. 2019-01-21 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Suchandra Ghosh (2016-01-11). "Indo-Scythian (Saka) Kingdom". ۾ Nigel Dalziel, John M MacKenzie (مرتب). The Encyclopedia of Empire (انگريزي ۾). Oxford, UK: John Wiley & Sons, Ltd. ص. 1–2. doi:10.1002/9781118455074.wbeoe067. ISBN 978-1-118-45507-4. 2023-01-28 تي حاصل ڪيل.
نوٽ
[سنواريو]ذريعا
[سنواريو]ٻاهرين ڳنڍڻا
[سنواريو]| وڪيميڊيا العام ۾ سان لاڳاپيل ميڊيا هند-سيٿي بادشاهت. |
- Coins of the Indo-Scythians (archived)
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- CS1 انگريزي-language sources (en)
- Commons link is locally defined
- Commons category wi page teetle different than on Wikidata
- LCCN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- BNF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- هند-سيٿي بادشاهت
- اڳوڻيون بادشاهتون
- قديم هندستان
- 400ع ۾ خاتمو
- هندستان تي حملا
- هند-سيٿي ماڻهو
- ايراني خانه بدوش
- تاريخي ايراني قومون
- 200 ق.م. ۾ قائم ٿيل
- ايشيا جا قديم ماڻهو
- ايشيا جي قديم تاريخ
- پاڪستان جي قديم تاريخ
- افغانستان جي قديم تاريخ
- ڏکڻ ايشيا جا اڳوڻا ملڪ
- افغانستان جا قديم ماڻهو
- قديم هندستان جا ماڻهو
- پاڪستان جا قديم ماڻهو
- ڏکڻ ايشيا جي قديم تاريخ
- ايشيا جون اڳوڻيون بادشاهتون
- قديم هندستان جا پرڏيهي تعلقات
- ايشيا جا لوهه واري دور جا ماڻهو
- ڏکڻ ايشيا جون اڳوڻيون بادشاهتون
- هندستان جي وچين دور جون رياستون
- پنجين صديءَ ۾ ختم ٿيل رياستون ۽ علائقا
- ٻي صدي قبل مسيح ۾ قائم ٿيل رياستون ۽ علائقا