مواد ڏانھن هلو

هندو ذاتين جي وچ ۾ شاديون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هندو ذاتين جي وچ ۾ شاديون: سماجي، ثقافتي ۽ تاريخي رڪاوٽون

[سنواريو]

سنڌ ۾ هندن جي مختلف ذاتين جي وچ ۾ شاديون، يا انٽرڪاسٽ شادين جي نايابي، ڪيترن ئي سماجي، ثقافتي ۽ تاريخي سببن جي ڪري آهي.

ذات پات جو نظام ۽ سَنسڪرتي پابنديون

[سنواريو]

هندومت ۾ ذات پات جو نظام هڪ سگھارو سماجي ڍانچو آهي. جنهن ۾ هر ذات کي مخصوص مقام ۽ حيثيت ڏني وئي آهي. سنڌ ۾ هندو برادريون پڻ ان نظام سان سلھاڙيل آھن، خاص طور تي واڻيا، ديوان، ۽ ريٻاري ذاتون سماجي لحاظ کان وڌيڪ روايتي آهن ۽ پنهنجي ذات کان ٻاهر شادي ڪرڻ کي پسند نه ٿيون ڪن. جنهن سبب ذاتين جي وچ ۾ شادي ڪرڻ کي سٺو نه سمجهيو ويندو آهي. اهڙي قسم جي شاديون سماج ۾ اعتراضن ۽ مخالفت جو سبب بڻجن ٿيون.

سماجي دٻاءُ ۽ عزت جو تصور: سماج ۾ عزت، آنر يا غيرت جو تصور پڻ اهڙين شادين کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ذات کان ٻاهر شادي ڪرڻ کي ڪيترن ئي خاندانن لاءِ لڄ ۽ سماجي ناپسنديدگي جو سبب سمجهيو ويندو آهي. ان ڪري، ماڻهن کي خاندان ۽ سماج جي تنقيد ۽ بائيڪاٽ کي مُنھن ڏيڻو پوندو آھي.

مذهبي ۽ رسمن جو فرق

[سنواريو]

هر ذات ۽ ڪميونٽي جون پنهنجي مخصوص مذهبي رسمون، پوڄا پاٽ ۽ پرارٿنا جا پنھنجا پنھنجا طريقا آھن. ان ڪري، هڪ ذات مان ٻئي ذات ۾ شادي ڪرڻ ۾ مذهبي مخالفتن کي منھن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو، ڇا لاءِ پوڄا پاٽ جا طريقا هڪٻئي کان بلڪل مختلف هوندا آهن.

تاريخي ۽ جاگرافيائي ورهاست

[سنواريو]

مختلف هندو ذاتيون سنڌ ۾ مختلف جغرافيائي علائقن ۾ آباد آهن. جيئن واڻيا ۽ ديوان شهري علائقن ۾ رهن ٿا، جڏهن ته ريٻاري، ڪولھي ۽ ڀيل ڳوٺاڻن علائقن ۾ آباد آهن. ان فرق سبب، انهن جي وچ ۾ سماجي رابطن کوٽ آهي، جنهن ڪري انھن جي وچ ۾ شاديون پڻ اڻ وڻندڙ ڪارگذاري ٿي سگهن ٿيون.

اقتصادي ۽ تعليمي فرق

[سنواريو]

اقتصادي حيثيت ۽ تعليمي سطح پڻ انٽرڪاسٽ شادين ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿي. واڻيا ۽ ديوان گهڻو ڪري واپاري ۽ تعليمي طور تي وڌيڪ اُسريل ۽ اڳڀرا آهن، جڏهن ته ريٻاري، ڪولھي ۽ ڀيل عام طور تي محنتي طبقي سان تعلق رکڻ ٿا. ان فرق جي ڪري انهن ۾ شادي ڪرڻ جو تصور اَڻ وڻندڙ ۽ سماجي لحاظ کان عام ونھوار کان ھٽيل ٿي سگھي ٿو.

قانوني ۽ سماجي مڃتا جي کوٽ

[سنواريو]

جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ انٽرڪاسٽ شاديون قانوني طور تي روڪڻ جو ڪو مسئلو ناهي، پر سماجي طور تي انهن کي قبولڻ ۾ وڏا چئلينج آهن. سماجي دٻاءُ، ثقافتي پابنديون، ۽ رواجي سوچ ماڻهن کي اهڙين شادين کان روڪين ٿيون، جنهن سبب انٽرڪاسٽ شاديون عام جام ناھن.

اهڙي طرح، پاڪستان ۾ هندو ذاتين جي وچ ۾ شاديون هڪ ثقافتي ۽ سماجي رڪاوٽ سبب اَڻوڻندڙ ٿي سگهن ٿيون، ۽ ان ۾ ڪيترن ئي اندروني ۽ سماجي سببن جو عمل دخل آهي. [1]

حوالا

[سنواريو]
  1. تحقيق ۽ تدوين؛ ڊاڪٽر جيوت رام