هاڪنگ ريڊ ايشنز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

هاڪنگ ريڊ ايشنز ڇا آهن

ترجمو: دريا خان سنڌي

انجو سولو تعارف بليڪ هول مان نڪرڻ واري ريڊ ايشنز يعني تابڪاري شعاعون آهن جن جو نالو اسٽيفن ھاڪنگ يعني هاڪنگ ريڊ ايشنز تابڪاري رکيو ويو آهي

هسٽري از نوٽ ايوريٿنگ بٽ اٽ از اسٽارٽ

”جون هينرڪ ڪليرڪي"

يعني تاريخ ئي سڀ ڪجھ ناهي هوندي پر هي شروعات هوندي آهي

تاريخ ۾ هاڪنگ ريڊ ايشنز تابڪاري جي باري ۾ ڏسون ٿا

1972ع ۾ جيقوب بيڪنسٽين بليڪ هول جي باري ۾ ٿيوري پيش ڪئي جنھن موجب بليڪ هول جي انٽروپي يعني انقطاع توانائی هجڻ گھرجي هي انٽروپي ڇا آهي

هر شيء حرارت جي صورت ۾ انرجي جو نيڪال ڪندي رهندي آهي

جيستائين انجون پد ٻڙي ڊگري ڪيلون C°273 نہ هجي

ڏسڻ ۾ آيو آهي تہ بليڪ هول جي ڪشش گھڻي هجڻ ڪارڻ اها سڀني شين کي پاڻ ڏا ڇڪيندو آهي ۽ جذب ڪري ڇڏيندو آهي ايستائين جو روشني بہ ان مان بچي ڪري نڪري ناهي سگھندي

پر جيقوب بيڪنسٽين جو مڃڻ آهي تہ ٿرمو ڊائنامڪس جي حوالي سان بليڪ هول مان ڪجھ حرارت جو نيڪال ضرور ٿيندو هوندو ان شي کي هاڪنگ اڳتي وڌايو 1973ع ۾ روس جي شھر ماسڪو ۾ اسٽيفن هاڪنگ جن ٻن روسي سائينٽسٽ سان ڪچھري ڪئي انھن اسٽيفن هاڪنگ کي بليڪ هول بابت ٻڌايو تہ اتان کان Uncertainty Principal بي اعتباري خاص جن موجب پارٽيڪلز جو نيڪال هجڻ گھرجي ان شي کي نظر ۾ رکندي 1974ع ۾ اسٽيفن هاڪنگ جن هڪ پنو پڌرو ڪيو جنھن جو نالو هاڪنگ ريڊي ايشنز جيئن بليڪ هول ايويپوريشن جو نالو ڏنو

هي تہ هاڪنگ ريڊ ايشنز جو تعارف ۽ ماضي ٿي ويو هاڻي ٿورو فزڪس موجب ڏسجي هاڪنگ ريڊي ايشن ڪم ڪيئن ڪندي آهي

شروعات ڪوانٽم فزڪس سان ڪجي

اسٽيفن هاڪنگ ڪوانٽم پارٽيڪل جو بليڪ هول سان گڏ جوڙجڪ جو مطالو ڪري رهيا هيا تہ انجو انٽريڪشن مداخلت ڪھڙو هوندو بليڪ هول ڏٺو تہ اهو بليڪ هول سان ڪيئن ردعمل ڪري سگھن ٿا

ان شي کي سمجھڻ جي لاءِ پھريان اسان وريچول پارٽيڪل سمجهنداسين تہ اهوئي ڪيئن ڪم ڪندا آهن

جيئن تہ اسان ڄاڻون ٿا تہ اسپيس ٽائم مڪمل طور تي خالي ناهي اتي هر وقت پارٽيڪل ٺهي رهيا آهن ۽ هڪ ٻئي ۾ تعامل ڪري ختم ٿي ويندا آهن ۽ انکي ختم ٿيڻ چورائبو آهي ۾ اهڙا ٺھڻ وارا پارٽيڪلز virtual Particle چيو ويندو آهي هي جوڙي جي شڪل ۾ ٺھندا آهن هڪ ميٽر ۽ ٻيو اينٽي ميٽر هي ڪائنات کان انرجي اڌاري وٺي ڪري ٺھندا آهن ۽ ختم ٿيڻ تي ٻيھر ڪائنات کي اها انرجي واپس ڪندا ويندا آهن

يعني اسپيسس جي نيٽ فورس ان عمل جي دوران زيرو ئي رهندي آهي جنھن نموني پارٽيڪل انرجي سان ٺھندا ۽ ٻيھر ٿيندا ۽ ويندي ويندي ورتل انرجي واپس ڪندا تہ انکي ائين ئي بيان ڪري سگھجي ٿو 0=1-1 ان طرح بليڪ هول جي افق جي ويجھو Virtual Particles ٺھندا آهن بليڪ هول جي Massive وڏي پيماني تي فورس جي وجهہ سان ان جوڙي جو هڪ پارٽيڪل بليڪ هول پنھنجي اندر ڇڪي وٺندو آهي ٻيو پارٽيڪل اتان کان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي ان طرح بليڪ هول مان هاڪنگ ريڊ ايشنز جي صورت ۾ ريڊي ايٽ ڪري ويندو آهي

هڪ ٻاهرين مشاهدي ڪرڻ واري جي موجب تہ هي ذرا بليڪ هول کان ريڊي ايٽ ٿي رهيو هوندو آهي پر حقيقت ۾ هي افق جي ويجھو ٺاهي رهيا هوندا آهن بليڪ هول مان انرجي اڌهاري وٺي ڪري ٺهندڙ ان لاءِ ان ٻنھي جي ڌار ٿيڻ تي بليڪ هول جي ماس ۾ کوٽ ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي

جيترو گھڻا virtual Particle ٺھندا بليڪ هول اوترو ننڍو ٿي ويندو ۽ ان مظهر کي بليڪ هول ايويپوريشن بہ چيو ويندو آهي بليڪ هول جيترو وڏو هوندو اهو ويجهڙائي مان اسپيس کان جيترو ماس ڇڪي رهيو هوندو انجي نسبت انجي  شعاعون ٿيڻ جو ريشو گھڻي ڀاڱي گھٽ هوندي انڪري وڏي بليڪ هول جي موت ان عمل سان ٿيڻ گھڻو ناممڪن معلوم ٿيندو آهي

پر ننڍڙائي وارا بليڪ هولز جو ماس ڇڪڻ سان وڌيڪ شعاعون ٿي رهيو هوندو تہ بليڪ هول آهستي آهستي ننڍڙو ٿيندو ويندو ۽ هڪ وقت اهڙو ايندو جو اهو بليڪ هول مڪمل طور تي ختم ٿي ويندو پر انجي گھربل وقت گوگل ائير کان بہ گھڻو وڌيڪ آهي ڇوجو انھن پارٽيڪلز جي صورت ۾ گھڻو گھٽ ماس خرچ ٿي رهي هوندي جيئن هڪ وڏي پاڻي جي ٽينڪي ۾ ننڍڙو سوراخ ڪيو وڃي جتان کان سالن کانپوءِ هڪ قطرو پاڻي جو ڪري ان لاءِ اڃان تائين اسانکي ڪنھن بليڪ هول جي ختم ٿيڻ جا ثبوت ناهين مليا بلڪي هڪ ٻئي ۾ ضم ٿيڻ جا مليا آهن