هان خاندان
هان خاندان | |
|---|---|
25 ب.م کان 220 ب.م.
| |
The Western Han dynasty in 2 AD[1]
| |
| حيثيت | سلطنت |
| گاديءَ جو شهر | چانگ'آن (206 ق.م. کان 9ع، 190ع کان 195ع) لويانگ (23ع کان 196ع) زوچانگ (196ع کان 220ع) |
| عام ٻوليون | پراڻي چيني |
| مذهب |
|
| حڪومت | بادشاهت |
| تاريخي دور | Imperial |
| 206 قبل مسيح | |
| 202 ق.م. | |
| 9–23 عيسوي | |
• Abdication to Cao Wei | 220 عيسوي |
| ايراضي | |
| 50 BC (سانچو:Est. Western Han peak)[2] | 6,000,000 چورس ڪلوميٽر (2,300,000 چورس ميل) |
| 100 AD (سانچو:Est. Eastern Han peak)[2] | 6,500,000 چورس ڪلوميٽر (2,500,000 چورس ميل) |
| آبادي | |
• 2 ADسانچو:Sfnmp | 5,76,71,400 |
| ڪرنسي | بان ليانگ ۽ وو زو سڪا |
| هان خاندان | |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
| "هان" پراڻي مهر لکت ۾ (مٿيون کاٻي)، هان دور جي مذهبي لکت ۾ (مٿيون ساڄي)، جديد چيني ۾ (هيٺيان کاٻي) ۽ آسان چیني (هيٺيان ساڄي) اکرن ۾. | |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
| روایتي چیني | 漢 | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
| آسان چیني اکر | 汉 | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
| ھانیو پنین | Hàn | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
| |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||

هان خاندان (Han Dynasty؛ چيني: 漢) چين جو هڪ شاهي حڪمران خاندان (202 قبل مسيح کان 9 عيسوي تائين ۽ 25 کان 220 عيسوي تائين، ٻه دور) هو، جيڪو ليو بينگ پاران قائم ڪيو ويو ۽ ان تي "ليو جي اولاد" (House of Liu) حڪومت ڪندي هئي. هان خاندان کان اڳ وارو دور، مختصر مدت جي "چن" خاندان (221 کان 206 قبل مسيح تائين) جو هڪ جنگي دور هو، جن کي چو-هان تڪرار (206 کان 202 ق.م. تائين) جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هان خاندان جي پوء جو دور "ٽي بادشاهتن" (Three Kingdoms) جو دور (220 کان 280 عيسوي تائين) سان سڃاتو وڃي ٿو. هان خاندان جي حڪمراني جي دور ۾ هڪ مختصر وقت (9 کان 23 عيسوي تائين) لاء "شن خاندان"، غاصب ريجنٽ وانگ منگ پاران قائم ڪيل، پاران تعطل آيو. هن طرح هان خاندان جي حڪمراني کي ٻن دورن، اولهه هان دور، 202 ق.م کان 9ع ۽ اوڀر هان، 25 کان 220 ع) ۾ ورهايو ويندو آهي. چار صدين کان وڌيڪ عرصي تائين پکڙيل، هان خاندان جي دور کي چيني تاريخ ۾ سونهري دور سمجهيو ويندو آهي، جيڪا ان جي پوء جي دورن ۾ چيني سڃاڻپ تي مستقل اثر اينديون. [3] جديد چين جو اڪثريتي نسلي گروهه پاڻ کي "هان ماڻهو" يا "هان چيني" سڏي ٿو. ڳالهائيندڙ چيني بولي ۽ چيني لکت کي ترتيب وار "هان ٻولي" ۽ "هان اکر" سڏيو ويندو آهي.[4]
هان شهنشاهه هان سماج ۽ ثقافت جو مرڪزي نقطو هو. هن امير ۽ مقرر ڪيل وزيرن، جيڪا گهڻو ڪري عالمن ۽ اشرافيه جي طبقن مان آيا هئا، ٻنهي سان گڏيل طاقت سان، هان سلطنت جو انتظام ڪيا. هان سلطنت کي مرڪزي حڪومت جي سڌي طرح ڪنٽرول وارن علائقن، جنهن کي "ڪمانڊري" سڏيو ويندو هو ۽ گڏوگڏ ڪيتري ئي نيم خودمختيار بادشاهتن ۾ ورهايو ويو. اها بادشاهتون، خاص طور تي ستن رياستن جي بغاوت کان پوءِ آهستي آهستي پنهنجي آزادي جا سڀئي نشان وڃائي ويٺيون. شهنشاهه وو جي دور ۽ ان کانپوءِ شاهي دربار سرڪاري طور تي، تعليم ۽ عدالتي سياست ۾، ۽ پوء اسڪالرن جهڙوڪ ڊونگ ژونگشو جي ڪائناتيات (Cosmology) سان گڏ ڪنفيوشس ازم جي سرپرستي ڪيا.
هان خاندان جو دور معاشي خوشحالي وارو ۽ انهي سان گڏ زر جي معيشت، جيڪا پهرين 1050-256 ق.م دوران زو خاندان دوران قائم ڪئي وئي هئي، ۾ اهم واڌ جو دور هو. 119 قبل مسيح ۾ مرڪزي حڪومت پاران ٺاهيل سڪا چين ۾ تانگ خاندان (618-907 ع) تائين معيار رهيا. هن دور ۾ ڪيتريون ئي معمولي ادارتي جدتون ڏٺيون ويون. پنهنجي فوجي مهمن جي مالي مدد ۽ نئين فتح ڪيل سرحدي علائقن جي آبادڪاري لاءِ، هان حڪومت 117 ق.م ۾ خانگي لوڻ ۽ لوهه جي صنعتن کي قوميائي ڇڏيو ۽ سرڪاري اجارداري پيدا ڪئي. جيڪي بعد ۾ اوڀر واري دور ۾ منسوخ ڪيون ويون. هان خاندان جي دور ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ اهم ترقيون ٿيون، جنهن ۾ ڪاغذ ٺاهڻ جو ظهور، جهازن کي هلائڻ لاءِ رڊر شامل آهن.
92 عيسوي کان پوءِ، شاهي محل ۾ موجود خواجه سرا، راڻي جي مختلف ساٿي قبيلن ۽ راڻي جي دوز جي وچ ۾ تشدد واري طاقت جي جدوجهد ۾ مشغول ٿيڻ سان، خاندان جي درٻاري سياست ۾ وڌيڪ شامل ٿيڻ لڳا. شاهي اختيار کي وڏي طور تي تاؤسٽ مذهبي سماجن پاران پڻ سخت چئلينج ڪيو ويو، جنهن "پيلي پگڙي بغاوت" (Yellow Turban Rebellion) ۽ "چانور جي پنج ٽڪرن واري بغاوت" (Five Pecks Rice Rebellion) کي جنم ڏنو. شهنشاهه لنگ (حڪومت: 168-189 عيسوي) جي فوتگي کانپوء محل جي خواجه سرائن جو فوجي آفيسرن پاران قتل عام ڪيو ويو ۽ اهڙي طرح اشرافيه ۽ فوجي گورنرن جي ميمبرن کي جنگي سردار بڻجڻ ۽ سلطنت کي ورهائڻ جو موقعو ملي ويو. هان خاندان 220 عيسوي ۾ ختم ٿيو جڏهن "وي خاندان" جو بادشاهه ڪائو پائي شهنشاهه شيان کان تخت تي قبضو ورتو.
نالو
[سنواريو]شيجي (هڪ تاريخي رزميه) جي مطابق، چن/قن خاندان جي خاتمي کان پوءِ، وڏو نواب، شيانگ يو ليو بينگ کي هان زونگ جي ننڍڙي جاگير جي شهزادي طور مقرر ڪيو. جاگير جو نالو هان نديءَ تي، جديد ڏکڻ اولهه شانزي ۾، ان جي مقام جي نالي تي رکيو ويو. چو-هان تڪرار ۾ ليو بينگ جي فتح کانپوءِ، پيدا ٿيندڙ هان خاندان جو نالو هان زونگ جاگير جي نالي تي رکيو ويو.
تاريخ
[سنواريو]- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو هان خاندان جي تاريخ
اولهائين هان (202 ق.م.-9 عيسوي)
[سنواريو]چين جو پهريون شاهي خاندان، چن خاندان (221-206 ق.م) هو. قن خاندان چيني جنگي رياستن کي فتح ذريعي متحد ڪيو. پر پهرين شهنشاهه قن شي هوانگ جي وفات کان پوءِ انهن جي حڪومت غير مستحڪم ٿي وئي ۽ چئن سالن جي اندر خاندان جو اختيار بغاوت ۾ ختم ٿي ويو.[5] ٻه اڳوڻا باغي اڳواڻ، "چو" جو شيانگ يو (وفات:202 ق.م.) ۽ "هان" جو ليو بينگ (وفات: 195 ق.م.) هڪ جنگ ۾ مصروف ٿي ويا[6] ته اهو طئي ڪيو وڃي ته چين، جيڪو ارڙهن بادشاهتن ۾ ورهائجي ويو هو ۽ هر هڪ شيانگ يو يا ليو بينگ جي گروپ ۾ شامل ٿي ويو هو، ڪنهن جي حڪومت هوندي کپي. جيتوڻيڪ شيانگ يو هڪ مؤثر ڪمانڊر ثابت ٿيو، پر ليو بينگ هن کي جديد دور جي اينھئي صوبي ۾ گئڪشيا جي جنگ (202 ق.م.) ۾ شڪست ڏني. ليو بينگ پنهنجي پوئلڳن جي زور تي، شهنشاهه جو لقب اختيار ڪيو ۽ هن کي مرڻ کان پوءِ شهنشاهه گاؤزو (دور:202-195 ق.م) جي نالي سان سڃاڻو ويو.[7] چانگ'آن (جديد شيان) کي هان جي ماتحت ٻيهر متحد سلطنت جي نئين گاديءَ طور چونڊيو ويو.[8]

اولهائين هان (سليس چيني: 西漢؛ چيني لکت : 西汉؛ پنين: Xīhàn) جي شروعات ۾، جنهن کي "اڳوڻي هان" (Zhi) پڻ چيو ويندو آهي، تيرهن مرڪزي طور تي ڪنٽرول ٿيل ڪمانڊريون (گاديءَ واري علائقي سميت) سلطنت جي اولهه واري ٽئين حصي ۾ موجود هيون. جڏهن ته اوڀر جا ٻه ٽيون حصو ڏهه نيم خودمختيار بادشاهتن ۾ ورهايل هئا.[9] "چو" سان جنگ کان پنهنجي ممتاز ڪمانڊرن کي مطمئن ڪرڻ لاءِ، شهنشاهه گاؤزو انهن مان ڪجهه کي جاگيرن تي بادشاهن جي حيثيت سان مقرر ڪيو.
سال 196ع تائين، هان درٻار انهن سڀني بادشاهن کي، چانگشا جي واحد استثنا سان،[9] شاهي ليو خاندان جي ميمبرن سان تبديل ڪري ڇڏيو. شهنشاهه جي غير مائٽن جي وفاداري تي سوال اٿاريو ويو ۽ هان بادشاهن پاران ڪيترن ئي بغاوتن کان پوءِ، جنهن ۾ سڀ کان وڏي 154 عيسوي ۾ ستن رياستن جي بغاوت هئي، شاهي درٻار سڌارن جو هڪ سلسلو نافذ ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪو سال 145ع ۾ انهن بادشاهتن جي طاقت کي محدود ڪري ڇڏيو ۽ انهن جي اڳوڻي علائقن کي، مرڪزي ڪنٽرول هيٺ نئين ڪمانڊرين ۾ ورهايو ويو.[10] بادشاه هاڻي پنهنجو عملي مقرر ڪرڻ جي قابل نه هئا. هي فرض شاهي درٻار طرفان منتقل ڪيو ويو.[11] [12] بادشاهه پنهنجي جاگيرن جا نامياري سربراهه بڻجي ويا ۽ انهن کي ٽيڪس آمدني جو هڪ حصو پنهنجي ذاتي آمدني طور گڏ ڪن جي اجازت هئي.[11] بادشاهتون ڪڏهن به مڪمل طور تي ختم نه ٿيون ۽ باقي اولهائين ۽ اوڀرين هان ۾ موجود رهيون.[13]
ثقافت ۽ سماج
[سنواريو]حڪومت ۽ سياست
[سنواريو]معيشت
[سنواريو]سائنس ۽ ٽيڪنالاجي
[سنواريو]
هان خاندان (سخاوتي چيني ۾ :漢, اسان چيني ۾:漢) چين جو هڪ شاهي خاندان هو (202 ق.م. – 9 عيسوي، 25 کان 220 عيسوي) ليو بينگ پاران قائم ڪيل ۽ ليو جي گهراڻي حڪمراني هيٺ. هن خاندان کان پهرين مختصر مدت تائن قين خاندان (221-206) هو. ق.م) جي حڪومت ھوئي ۽ ھن جي درميان هڪ جنگي دور جنهن کي چو-هان تڪرار (206-202) جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ق.م)، ۽ ان جي جاءِ تي ٽن بادشاهتن جو دور (220-280) آيو. (ع). خاندان کي مختصر طور تي شين خاندان (9-23) طرفان پريشن ڪيو ويو ويو. عيسوي) کي باغي ريجنٽ وانگ منگ پاران قائم ڪيو ويو، ۽ ان ڪري ٻن دورن ۾ ورهايو ويو آهي - مغربي هان (202 ق.م. – 9 عيسوي) ۽ اوڀر هان (25-220) (ع). چئن صدين کان وڌيڪ عرصي تي پکڙيل، هان خاندان کي چيني تاريخ ۾ هڪ سونهري دور سمجهيو ويندو آهي. ۽ بعد جي دورن ۾ چيني سڃاڻپ تي داڍو اثر ڇڏي وئي آ. [14] جديد چين جو اڪثريتي نسلي گروهه پاڻ کي " هان ماڻهو " يا "هان چيني" سڏين ٿا. ڳالهائي ويندڙ چيني ۽ لکيل چيني کي ترتيب وار "هان ٻولي" ۽ " هان ڪردار " سڏيو ويندو آهي. [15]
هان شهنشاهه هان سماج ۽ ثقافت جي عروج پنھنجي تي پهچايو. هن هان حڪومت تي صدارت ڪئي پر اميرن ۽ مقرر ڪيل وزيرن ٻنهي سان طاقت شيئر ڪئي جيڪي گهڻو ڪري عالم سٿي طبقي مان هئا. هان سلطنت کي مرڪزي حڪومت جي سڌي طرح ڪنٽرول وارن علائقن ۾ ورهايو ويو هو جن کي ڪمانڊريون سڏيو ويندو هو، انهي سان گڏ ڪيتريون ئي نيم خودمختيار بادشاهتون پڻ هيون. اهي بادشاهتون آهستي آهستي پنهنجي آزادي جا سڀئي نشان وڃائي ويٺيون، خاص طور تي ستن رياستن جي بغاوت کان پوءِ. شهنشاهه وو ( r. 141–87 BC
) کان پوءِ، چيني عدالت سرڪاري طور تي تعليم ۽ عدالتي سياست ۾ ڪنفيوشس ازم جي سرپرستي ڪئي، جنهن کي بعد ۾ عالمن جهڙوڪ ڊونگ ژونگشو جي ڪائنات جي علم سان گڏ ڪيو ويو.
حوالا
[سنواريو]- ↑ Script error: The function "harvard_core" does not exist.
- 1 2 Script error: The function "harvard_core" does not exist.
- ↑ Script error: The function "harvard_core" does not exist.
- ↑ Script error: The function "harvard_core" does not exist.
- ↑ Script error: The function "harvard_core" does not exist.
- ↑ Script error: The function "harvard_core" does not exist.
- ↑ Script error: The function "harvard_core" does not exist.
- ↑ Script error: The function "harvard_core" does not exist.
- 1 2 Script error: The function "harvard_core" does not exist.
- ↑ Script error: The function "harvard_core" does not exist.
- 1 2 Script error: The function "harvard_core" does not exist.
- ↑ Script error: The function "harvard_core" does not exist.
- ↑ Script error: The function "harvard_core" does not exist.
- ↑ Script error: The function "harvard_core" does not exist.
- ↑ Script error: The function "harvard_core" does not exist.
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]| وڪيميڊيا العام ۾ سان لاڳاپيل ميڊيا Han Dynasty. |
| The Wikibook Saylor.org's Ancient Civilizations of the World has a page on the topic of |
- "Han dynasty" by Emuseum – Minnesota State University, Mankato
- Han dynasty art with video commentary, Minneapolis Institute of Arts
- Early Imperial China: A Working Collection of Resources آرڪائيو ڪيا ويا 25 June 2010 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- "Han Culture," Hanyangling Museum Website
- The Han Synthesis, BBC Radio 4 discussion with Christopher Cullen, Carol Michaelson & Roel Sterckx (In Our Time, Oct. 14, 2004)
| پيشرو Qin dynasty |
Dynasties in Chinese history 206 BC – AD 220 |
جانشين Three Kingdoms |
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Articles containing Chinese-language text
- Spoken articles
- Commons link is locally defined
- Commons category wi local airtin different than on Wikidata
- LCCN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- GND سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- هان خاندان
- چين
- چين جي تاريخ
- چين جا حڪمران خاندان
- چين جي تاريخ ۾ اڳوڻا ملڪ
- Han dynasty
- States and territories established in the 3rd century BC
- States and territories disestablished in the 3rd century
- 1st century BC in China
- 1st century in China
- 2nd century BC in China
- 2nd century in China
- 200s BC establishments
- 206 BC
- 220 disestablishments
- 3rd-century BC establishments in China
- 3rd-century disestablishments in China
- 3rd century BC in China
