هائپر لوپ ٽرين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

هائپر لوپ (Hyperloop) ٽرين هڪ اهڙي گهٽ پريشر واري ٽيوب ۾ هلي ٿي، جنهن مان گهڻي ڀاڱي هوا ڪڍي خالي ڪيو ويندو آهي. زمين تي موجود ڪنهن به شئي جي رفتار ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ هوا جي گاٺ هوندي آهي. هوا جي گهاٺ ختم ٿيڻ کانپوءِ هائپر لوب ٽرين نه رڳو تمام گهڻي تيزي سان هلي ٿي، پر توانائي لاءِ ٻارڻ به تمام گهٽ ڪتب آڻي ٿي. هائپر لوپ ٽرين هاڻوڪي مقناطيسي لويٽيشن ٽرين کان ٻيڻي رفتار سان هلي سگهندي. هن وقت مقناطيسي ليويٽيشن ٽرين جي لڳ ڀڳ سراسري رفتار 268 ميل في ڪلاڪ آهي.

آمريڪا جي شھر لاس اينجلس جي هڪ ڪمپني هائپر لوب سسٽم تي اڳم ئي ڪم ڪري پئي ۽ هن هائپر لوب ٽرين جو آزمائشي تجربو اڳواٽ ئي لاس ويگاس جي هڪ ريگستان ۾ ڪاميابيءَ سان ڪري چڪي آهي.

ڪوريا به هن ٽيڪنالاجيءَ جي ميدان ۾ اڳتي اچڻ چاهي ٿي ۽ ڪوريا ريل روڊ ريسرچ انسٽيوٽ اميد ظاهر ڪئي آهي ته ڪوريا به جلد ئي هن ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀري ٿي ويندي. ڪوريا جي ڪمپني، جنهن هائپر لوپ ٽرين ٺاهڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، ان لاءِ ڪوريا ٽائمز جو چوڻ آهي ته وڌ کان وڌ 767 ميل في ڪلاڪ جي تيز رفتاريءَ سان هلي سگهندي، اها رفتا لڳ ڀڳ آواز جي رفتا جي برابر آهي.

دٻئي ۾ پڻ هائپر لوپ سسٽم جي حوالي سان ويچارَ هلي رهيا آهن ۽ ايندڙ پنجن سالن ۾ ان ٽرين کي دٻئي ۾ هلايو ويندو.[1]

حوالا[سنواريو]