مواد ڏانھن هلو

هائنرش پوزيلگر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هائنرش پوزيلگر (25 ڊسمبر 1818ع – 4 آڪٽوبر 1883ع) هڪ جرمن نباتيات دان هو، جيڪو رس ڀريندڙ ٻوٽن جي مطالعي ۾ ماهر هو.

1849ع کان 1851ع تائين هن آمريڪا-ميڪسيڪو سرحدي علائقي ۾ ٻوٽن، خاص طور تي ڪاڪٽس، جو گڏ ڪرڻ وارو ڪم ڪيو، ۽ ان دوران آمريڪا ۽ ميڪسيڪو سرحدي سروي ۾ پڻ حصو ورتو. سندس گڏ ڪيل ڪاڪٽسن جا نمونا جينا جي هربيريم ڏانهن موڪليا ويا هئا.[1]

هو برلن جو رهواسي هو، جتي هن رس ڀريندڙ ٻوٽن جو هڪ شاندار مجموعو قائم ڪيو هو.[2]

Mammillaria poselgeri

هو ڪاڪٽيسيئي خاندان جي ڪيترين ئي جنسن ۽ نوعن جو درجابندي اختيار (Taxonomic Authority) هو.[3]

ڪاڪٽس جون ڪيتريون ئي نوعون سندس نالي سان منسوب ڪيون ويون آهن، جن مان ڪجهه مثال هي آهن:ڪوريفانٿا پوزيلجيرِيانا(Coryphantha poselgeriana)، ايڪينو سيريئس پوزيلجيري(Echinocereus poselgeri) ۽ ميميلاريا پوزيلجيري(Mammillaria poselgeri ).[1]

لاڳاپيل تصنيفون

[سنواريو]
  • Reise nach Mexico in den Jahren، (1849ع).
  • Beitrag zur Kakteenkunde، "Allgemeine Gartenzeitung" ۾، (1853ع).[4]
  • Hundert Jahre der St. Johannis-Loge zum Widder (in Berlin) von 1777 bis 1877، (1877ع).[5]
  • Heinrich Poselger: cactus articles in Allgemeine Gartenzeitung 1853–1855 (سان گڏ ڪرسٽوف فريڊرش اوٽو ۽ البرٽ گاٽفريڊ ڊيٽرش)؛ Cactusville Press.[6]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 Poselger, Heinrich (1818-1883) @ JSTOR Global Plants
  2. Biodiversity Heritage Library Taxonomic literature : a selective guide to botanical publications
  3. IPNI List of cacti described & co-described by Poselger.
  4. Google Books Monatsschrift für Kakteenkunde, Volumes 4-6
  5. Google Search publications
  6. WorldCat Title Heinrich Poselger : cactus articles in Allgemeine Gartenzeitung 1853-1855
  7. Brummitt, R. K.; C. E. Powell (1992). Authors of Plant Names. رائل بوٽينڪ گارڊنز، ڪيو. ISBN 1-84246-085-4.

سانچو:Germany-botanist-stub