هئفنيئم
ڏيک
هئفنيئم (Hafnium) هڪ ڪيميائي عنصر آهي؛ ان جو نشان Hf ۽ ايٽمي نمبر 72 آهي. هافنيم هڪ چمڪندڙ، چاندي جهڙي ڀوري رنگ جي، ٽيٽراويلنٽ منتقلي ڌاتو آهي ۽ ڪيميائي طور تي زرڪونيم سان مشابهت رکي ٿي ۽ ڪيترن ئي زرڪونيم جي ڪچڌاتن ۾ ملي ٿو. ان جي وجود جي اڳڪٿي سال 1869ع ۾ دمتري مينڊيليف ڪئي هئي. پر ان جي سڃاڻپ 1922ع ۾ ڊرڪ ڪوسٽر ۽ جارج ڊي هيويسي پاران ڪئي ويئي. هافنيم جو نالو هافنيا جي نالي تي رکيو ويو آهي، جيڪو ڊينمارڪ جي شهر ڪوپن هيگن جو لاطيني نالو آهي، جتي ان کي دريافت ڪيو ويو هو.