مواد ڏانھن هلو

نھال ھاشمي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نھال ھاشمي
35هون سنڌ جو گورنر
عهدي ۾
13 مارچ 2026
صدرآصف علي زرداري
کان اڳڪامران ٽيسوري
پاڪستان جي سينيٽ جو ميمبر
عهدي ۾
12 مارچ 2015  فيبروري 2018
تڪپنجاب
ذاتي تفصيل
ڄائو (1960-01-28) 28 January 1960 (age 66)
ڪراچي, سنڌ, پاڪستان
سياسي پارٽيپاڪستان مسلم ليگ (ن) (1992-هاڻوڪو)

سيد نھال ھاشمي (Syed Nihal Hashmi); پيدائش 28 جنوري 1960ع) پاڪستاني وڪيل ۽ سياستدان آهي، جيڪو هن وقت سنڌ جو گورنر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن 13 مارچ 2026ع تي عهدو سنڀاليو.[1] هن ان کان اڳ مارچ 2015ع کان فيبروري 2018ع تائين پاڪستان جي سينيٽ جي ميمبر طور خدمتون سرانجام ڏنيون.

ابتدائي زندگي

[سنواريو]

نھال ھاشمي 28 جنوري 1960ع تي ڄائو. هو هڪ نمايان شاگرد اڳواڻ رهيو ۽ هن ”آل پاڪستان يوٿ ليگ“ نالي پنهنجي سياسي تنظيم قائم ڪئي، جنهن جو هو صدر پڻ رهيو، پوءِ 1992ع ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۾ شامل ٿيو.[2]

قانوني ڪيريئر

[سنواريو]

ھاشمي 1980ع واري ڏهاڪي جي آخر ۾ وڪالت شروع ڪئي. هو نھال ھاشمي لا ايسوسيئيٽس جو مينيجنگ پارٽنر پڻ آهي.

هن جا پاڪستان جي قانوني جرنلن ۾ 25 کان وڌيڪ رپورٽ ٿيل ڪيس موجود آهن ۽ هو ڪيترن ئي اهم ڪيسن سان پڻ لاڳاپيل رهيو آهي، جن ۾ مرتضيٰ ڀٽو قتل مقدمو، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو 1999ع وارو نيب ڪيس، ۽ روسي جهاز اغوا ڪندڙن وارو ڪيس شامل آهن.[2]

سياسي ڪيريئر

[سنواريو]

ھاشمي 1997ع کان 1999ع تائين پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جو قانون، انصاف ۽ انساني حقن بابت صلاحڪار رهيو.[3]

هو 2012ع دوران پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ڪراچي چيپٽر جو صدر رهيو.[2][4]

آگسٽ 2014ع ۾، کيس سنڌ ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.[5] آڪٽوبر 2014ع ۾، کيس ٻيهر پاڪستان مسلم ليگ (ن) سنڌ جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.[6]

هو 2015ع پاڪستاني سينيٽ چونڊون ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اميدوار طور پنجاب مان جنرل سيٽ تي پاڪستان جي سينيٽ لاءِ چونڊيو ويو.[7][8][9][10][11]

هو پاڪستان جي وزيراعظم جو قانون، انصاف ۽ انساني حقن بابت صلاحڪار پڻ رهيو آهي.[2]

مئي 2017ع ۾، پارٽي نظم و ضبط جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي سندس پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي رڪنيت معطل ڪئي وئي ۽ وزيراعظم نواز شريف پاران کيس سينيٽ جي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ چيو ويو.[12][13][14][15] جنهن کان پوءِ هن سينيٽ مان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو.[16] جون 2017ع ۾، هن سينيٽ چيئرمين سان ملاقات کان پوءِ پنهنجي استعيفيٰ واپس وٺي ڇڏي.[17]

1 فيبروري 2018ع تي، ھاشمي کي پاڪستان جي سپريم ڪورٽ توهين عدالت واري ڪيس ۾ ڏوهاري قرار ڏنو. کيس هڪ مهيني قيد جي سزا ٻڌائي وئي ۽ ايندڙ پنجن سالن تائين عوامي عهدو رکڻ کان نااهل قرار ڏنو ويو.

[18][19] ساڳئي ڏينهن، هو سينيٽ جي رڪنيت کان به محروم ٿي ويو[20] ۽ کيس گرفتار ڪيو ويو.[21] هو هڪ مهيني کان پوءِ 28 فيبروري تي اڊيالا جيل مان آزاد ٿيو.[22]

پاڪستان مسلم ليگ (ن) 2021ع ۾ نھال ھاشمي جي پارٽي رڪنيت بحال ڪئي، جنهن کان پوءِ هو ڪراچي ۽ سنڌ ۾ پارٽي جي صفِ اول ۾ سرگرم رهيو. سندس وابستگي، بي لوث محنت ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) سان وفاداري کي نظر ۾ رکندي، پاڪستان جي وزيراعظم ميان شهباز شريف 12-03-2026ع تي نھال ھاشمي کي سنڌ صوبي جو نئون گورنر مقرر ڪيو ۽ منظوري لاءِ خلاصو پاڪستان جو صدر ڏانهن موڪليو. بعد ۾ پاڪستان جي صدر ان خلاصي جي منظوري ڏني ۽ نھال ھاشمي کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو.

پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ نھال ھاشمي 13-03-2026ع تي سنڌ جي نئين گورنر طور حلف کنيو. حلف سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ظفر احمد راجپوت، گورنر هائوس ڪراچي ۾ ٿيل تقريب دوران، کانئن ورتو.

حلف برداري تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ لنجار، ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب، پاڪستان مسلم ليگ (ن) سنڌ جي صدر بشير ميمڻ، گڏوگڏ پارٽي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ ٻين معززن شرڪت ڪئي.

حوالا

[سنواريو]
  1. "PML-N stalwart Nehal Hashmi sworn in as Sindh governor". Dawn (انگريزي ۾). 2026-03-13. 2026-03-13 تي حاصل ڪيل.
  2. 1 2 3 4 "Zubair Umar emerges as top candidate to become 32nd governor of Sindh". Pakistan Today. 28 January 2017. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 31 January 2017 تي محفوظ ڪيل. 31 May 2017 تي حاصل ڪيل.
  3. "Six new faces reach the upper house". The Nation. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 1 February 2018 تي محفوظ ڪيل. 1 February 2018 تي حاصل ڪيل.
  4. "Men from Pakistan Movement honoured on nation's 66th Independence Day - The Express Tribune". The Express Tribune. 15 August 2012. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 20 August 2013 تي محفوظ ڪيل. 1 February 2018 تي حاصل ڪيل.
  5. "PML-N Sindh decides to appoint officials, not elect them - The Express Tribune". The Express Tribune. 2 August 2014. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 8 August 2015 تي محفوظ ڪيل. 1 February 2018 تي حاصل ڪيل.
  6. "PML-N dissolves provincial body". www.thenews.com.pk (انگريزي ۾). محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 1 February 2018 تي محفوظ ڪيل. 1 February 2018 تي حاصل ڪيل.
  7. "Unofficial results pour in as voting comes to a close - The Express Tribune". The Express Tribune. 5 March 2015. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 22 June 2017 تي محفوظ ڪيل. 31 May 2017 تي حاصل ڪيل.
  8. "PML-N sweeps Punjab; PPP, MQM recapture Sindh in Senate polls". ARYNEWS (آمريڪي انگريزي ۾). محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 7 September 2017 تي محفوظ ڪيل. 31 May 2017 تي حاصل ڪيل.
  9. "PPP leads Pakistan Senate vote | SAMAA TV". Samaa TV. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 1 October 2015 تي محفوظ ڪيل. 31 May 2017 تي حاصل ڪيل.
  10. "Senate Election: Unofficial Results". www.thenews.com.pk (انگريزي ۾). محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 24 August 2017 تي محفوظ ڪيل. 31 May 2017 تي حاصل ڪيل.
  11. "Senate Elections 2015: PML-N, PPP almost get equal representation in upper house | Pakistan | Dunya News". dunyanews.tv. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 16 September 2017 تي محفوظ ڪيل. 31 May 2017 تي حاصل ڪيل.
  12. "PM asks Nehal Hashmi to resign from senatorship | SAMAA TV". Samaa TV. 31 May 2017. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 31 May 2017 تي محفوظ ڪيل. 31 May 2017 تي حاصل ڪيل.
  13. "PM Nawaz directs Nehal Hashmi to resign from Senate". www.geo.tv. 31 May 2017. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 31 May 2017 تي محفوظ ڪيل. 31 May 2017 تي حاصل ڪيل.
  14. "PML-N senator threatens consequences for those 'grilling' Hussain Nawaz". DAWN.COM (انگريزي ۾). 31 May 2017. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 31 May 2017 تي محفوظ ڪيل. 31 May 2017 تي حاصل ڪيل.
  15. "Senator Nehal Hashmi quits after threatening speech". www.thenews.com.pk (انگريزي ۾). 31 May 2017. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 31 May 2017 تي محفوظ ڪيل. 31 May 2017 تي حاصل ڪيل.
  16. "CJP takes suo motu notice of Nehal Hashmi's speech". www.geo.tv. 31 May 2017. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 31 May 2017 تي محفوظ ڪيل. 31 May 2017 تي حاصل ڪيل.
  17. Guramani, Nadir (6 June 2017). "Hashmi withdraws resignation from Senate". DAWN.COM (انگريزي ۾). محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 6 June 2017 تي محفوظ ڪيل. 6 June 2017 تي حاصل ڪيل.
  18. "Contempt case: SC bars Nehal Hashmi from holding public office for five years". The Nation. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 1 February 2018 تي محفوظ ڪيل. 1 February 2018 تي حاصل ڪيل.
  19. "Nehal Hashmi sentenced to one month jail time in contempt of court case - The Express Tribune". The Express Tribune. 1 February 2018. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 1 February 2018 تي محفوظ ڪيل. 1 February 2018 تي حاصل ڪيل.
  20. Chaudhry, Fahad (2 February 2018). "Nehal Hashmi disqualified from Senate". DAWN.COM. 2 February 2018 تي حاصل ڪيل.
  21. "PMLN Senator Nihal Hashmi sentenced to 1 month jail in contempt case". www.thenews.com.pk (انگريزي ۾). محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 1 February 2018 تي محفوظ ڪيل. 1 February 2018 تي حاصل ڪيل.
  22. "'I've been made a victim of revenge,' says Nehal Hashmi upon release from Adiala Jail". DAWN.COM. 28 February 2018. 28 February 2018 تي حاصل ڪيل.